ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

سنڌ ۾ ڌاڙيل راڄ

Editorial-Article- Mohammad Khan Sial

اها دکدائڪ خبر آھي ته سنڌ جي هڪ حصي ۾ ڌاڙيلن پنهنجي ظلم جون ڪارروايون گهڻو وڌائي ڇڏيون آھن، جنهنڪري سنڌ جي اتر واري علائقي جي عوام جو جيئڻ وڌيڪ جنجال ٿي ويو آھي. هونئن به ڏسجي ته ظلم جو اهو پراڻو داستان جاري آھي، جيڪو ڪڏهن گهٽ ته ڪڏھن وڌيڪ هوندو آھي. ان کان سواءِ گهوٽڪي، سکر، خيرپور، ڪنڌڪوٽ، ڪشمور ۽ ٻھراڙي جي ٻين کوڙ علائقن ۾ ڌاڙيلن جي لاڳيتين ڪاررواين جي ڪري عام ماڻهو متاثر ٿي رهيا آھن ۽ سندن جيئڻ جنجال ٿي ويو آھي.
منهنجي ذاتي ڇنڊڇاڻ آھي ته سنڌ ۾ ڌاڙيلن جو وڌيڪ حملو ڪيترن سالن کان اتر سنڌ ۾ جاري آهي. مطلب اهو آھي ته ڏکڻ سنڌ ۾ ڌاڙيلن جو حملو گهڻو گهٽ ٿيندو آھي. هونئن به ادارن جي ڇنڊڇاڻ آھي ته حملو گهٽ ھجي يا وڌيڪ پر عوام تي حملو ته حملو ئي هوندو آهي. اهي نيڪ نيتيءَ سان ڪوششون ڪرڻ گهرجن ته ڌاڙيلن جا حملا ننڍا هجن يا وڏا ٻنهي کي روڪڻ گهرجي ڇاڪاڻ ته سنڌ جو ماحول نه رڳو بهتر بڻائڻ گهرجي پر سنڌ جي عوام جي گڏيل ڀلائي لاءِ به سوچڻ گهرجي.
اصل دکدائڪ ڳالهه اها آھي ته ڌاڙيل عام ماڻهن کي اغوا ڪري پئسا وصول ڪرڻ جو ڪاروبار ٿا ڪن جيڪو وڏو ظلم آھي. اهم سوال اهو به پيدا ٿئي ٿو ته ڌاڙيل عوام کي بليڪ ميل ڪري پاڻ کي محفوظ ڇو ٿا سمجهن. ڌاڙيلن جي زيادتين کي ختم ڪرڻ لاءِ پوليس توڙي سنڌ سرڪار ٻنهي کي پنهنجون ڪاررواريون ترت وڌائڻ گهرجن ته جيئن سنڌ جي عوام جي ڀلائي لاءِ ظلم سبب ٿيندڙ ڪلور ختم ٿي وڃي پر ختم نٿو ٿئي ته ضرور گهٽجي وڃي پر جيڪڏهن ڌاڙيلن جو ڪاروبار گهٽجڻ بدران وڌندو ويندو ته عام ماڻهن جو جيئڻ جنجال ٿي ويندو.
اصل قصو اهو آھي ته سنڌ جي سردارن جو ٽولو مال يعني پئسا ڪمائڻ لاءِ ڌاڙيلن جي همت وڌائيندو رهندو آھي. اها وڏي بدقسمتي آھي ته ڌاڙيل ڀنگ لاءِ بليڪ ميلنگ جو سسٽم جاري رکندا اچن ٿا. هونئن به ڏسجي ته پوليس توڙي سنڌ سرڪار ٻنهي کي عوام جي ڀلائي واري ڳالهه کي اوليت ڏيڻ گهرجي.
هڪ ٻي اهم ڳالهه آھي ته مون ڪيترا سال اڳ محسوس ڪئي هئي ته سردار، ڌاڙيلن سان ملي مختلف ذاتين وارن انسانن تي اهو چئي حملا ڪندا رهندا هئا ته انهن جون ذاتيون ڪريل آھن پر ڪيترا سندن سوچ موجب ذاتين جي لحاظ کان فرشتا بڻيل آھن. منهنجي سوچ موجب ذاتين جي بنياد تي نفرت ناجائز آھي. اصل ۾ سڀ انسان عزت لائق آھن، تنهنڪري انهن سان ذاتين جي بنياد تي ڌاڙيلن جو حملو ڪرڻ ناجائز آھي. اها ڳالهه به خاص ڪري نوٽ ڪرڻ جي آھي ته ڌاڙيلن وٽ نئين قسم جا هٿيار آھن، جن سان عام ماڻهن جو مقابلو ڪرڻ سولو ۽ بچاءُ ڏکيو آھي. نه رڳو ايترو پر سردار عام ماڻهن کي بليڪ ميل ڪري ڦريندا رهن ٿا ڇاڪاڻ ته اهو احساس پيدا ٿيل آھي ته ڌاڙيل نون هٿيارن جي بنياد تي پاڻ کي شاهوڪار ۽ ڪاروباري سمجهن ٿا. اها وڏي ڳڻتي جوڳي ڳالهه آھي ته ڌاڙيلن جو اثر گهٽجڻ بدران ڏينهون ڏينهن وڌي رهيو آھي.
ڌاڙيلن وٽ موجود جديد هٿيار ان ڳالهه جو ثبوت آهن ته اهي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کان به زور آهن. سوال اهو آهي ته انهن وٽ اهي جديد هٿيار ڪٿان آيا، اهي ڪهڙيون ڌريون آهن، جيڪي ڌاڙيلن کي جديد هٿيارن جي فراهمي وڏي آسانيءَ سان ڪري رهيون آهن ۽ کين ڪير چوڻ وارو به ڪونهي. ان ڪري ڌاڙيل ڪنهن به قسم جي ڪارروائي ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندا آهن ۽ عوام سدائين عدم تحفظ جو شڪار پيو ٿيندو آهي.
بهرحال سنڌ سرڪار کي گهرجي ته هو اهم قدم کڻي ۽ اهو ڏسي توڙي روڪي ته ڌاڙيلن کي نوان نوان هٿيار ملڻ جو سسٽم بند ٿيڻ سان ماحول ڪنهن حد تائين بهتر ٿيندو. اهو درست آهي ته ڌاڙيلن خلاف مختلف حڪومتون ڪوششون ڪنديون رهنديون آھن، جنهنڪري ظلم ۽ بدامني وقتي طور گهٽجي ويندا آھن پر ٿورو وقت گذرڻ کان پوءِ وڌي ويندو آھي. منهنجي ڇنڊڇاڻ موجب عام ماڻهن توڙي سنڌ سرڪار ٻنهي جو اهو مقصد هئڻ گهرجي ته عوام سان خاص ڪري ڌاڙيلن طرفان ٿيندڙ ظلم گهٽائي ڇڏجن. منهنجي ته اها به رٿ آھي ته عوام جي ڀلائي لاءِ سڄي سنڌ ۾ ڀلائي لاءِ خانگي ادارا به ٺهڻ گهرجن. بهرحال ائين ڪرڻ سان عوام جي ڀلائي ٿيندي ۽ ڌاڙيلن جا ظلم به گهٽجي ويندا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button