ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

سنڌ ۾ باندي بڻايل پورهيت

سنڌ توڙي سڄي ملڪ ۾ جبري پورهيو ڪندڙن جو انگ هزارن ۾ آهي، انهن پورهيتن جي حقن لاءِ آواز اٿاريندڙ نه رڳو سماجي تنظيمون آهن پر سياسي تنظيمون پڻ آهن. پر تنهن هوندي به ڪڏهن زمين تي ۽ ڪڏهن وري سرن جي بٺن تي پورهيت باندي بڻائي ڪم ڪيو وڃي ٿو. جنهنڪري نه رڳو انهن جون زندگيون تباهه ٿي وينديون آهن پر سندن انساني حقن جي لتاڙ به جاري رهي ٿي. هر ماڻهو کي اهو حق آهي ته اهو آزاديءَ سان زندگي جيئي پر هتي سرمائيدار ۽ بااثر ماڻهو پورهيتن جا حق غصب ڪريو انهن جو جيئڻ حرام ڪري رهيا آهن. ان ڪري جڏهن به جبري پورهيو وٺندڙن جي ٺڪاڻن تي ڇاپا لڳندا آهن ته سون جي انگ ۾ اتان پورهيتن کي آزاد ڪرايو ويندو آهي، جيڪي سالن تائين قيد پيا ڪاٽيندا آهن. پر اهو سلسلو اڄ ڏينهن تائين بند ڪونه ٿي سگهيو آهي. هن وقت تائين به پورهيتن کي قيد ڪرڻ ۽ جبري پورهيو ڪرائڻ جا واقعا عام جام ٿيندا رهن ٿا. جنهنڪري نه رڳو انهن جي انساني حقن جي پائمالي ٿيندي رهندي آهي پر انهن جون زندگيون به داءُ تي لڳل هونديون آهن. ڪالهه به هڪ اهڙي ئي خبر پورٽ ٿي آهي، جنهن موجب 20 پورهيتن کي بازياب ڪرايو ويو آهي، جيڪي سرن جي بٺي تي ڪم ڪري رهيا هئا.
هاءِ ڪورٽ حيدرآباد جي حڪم تي دادو پوليس سرن جي بٺي تي ڇاپو هڻي ٻارڙن سميت 20 ڄڻا بازياب ڪرائي ورتا آهن، هاءِ ڪورٽ حيدرآباد جي حڪم تي دادو پوليس ڪارروائي دوران 12 ٻارڙن، 4 عورتن سميت 20 ڄڻن کي بازياب ڪرائي ورتو آهي. ايس ايس پي دادو ڊاڪٽر عبدالخالق پيرزادي رابطي ڪرڻ تي ٻڌايو ته هاءِ ڪورٽ حيدرآباد ۾ وزير اوڏ نالي شخص پٽيشن داخل ڪرائي هئي، پٽيشنر ڄاڻايو هو ته سرن جي بٺي مالڪ محمد عالم ابڙو سندن خاندان جي 20 ڀاتين کي نجي جيل ۾ ناحق قيد رکي جبري طور ڪم وٺي رهيو آهي. بازياب ٿيلن ۾ سڀاڳي، رشيدان، شريفان، روشني، محبت، معشوق، آچر، نوري، نازي، حبڙو، موچند، پايل، سنگيتا، ڪرشن، دناجي، سيما، ڪالي، ني، ڪريما، انوران شامل آهن، پوليس بازياب ٿيلن کي ڪالهه صبح جو عدالت ۾ پيش ڪيو، پوليس موجب بازياب ٿيلن جو تعلق آزاد ننگر ٽنڊو حيدر سان آهي. ٻارن، عورتن ۽ مردن کان جبري پورهيو ڪرائڻ قانوني ڏوهه آهي. ان حوالي سان جبري پورهيو ڪرائيندڙ کي سزا پڻ ڏئي سگهجي ٿي پر تنهن هوندي به ڪيترائي با اثر اڄ به عورتن، مردن ۽ ٻارڙن کان جبري پورهيو وٺي رهيا آهن.

اسين سمجهون ٿا ته سنڌ ۾ جتي به بٺا مزدورن کان زوري پورهيو ڪرايو پيو وڃي ۽ انهن کي زبردستي واڙيو ويو آهي، انهن با اثرن خلاف ڪارروائي ڪرڻ ۾ دير نه ڪئي وڃي. اها سٺي ڳالهه آهي جو ڪورٽ جي حڪم تي دادو پوليس ڪارروائي ڪري پورهيتن کي بازياب ڪرايو آهي پر اڃا ڪيترائي اهڙا بٺا هوندا، جتي ان قسم جا پورهيت ڪم ڪري رهيا آهن ۽ انهن کي پورهيي جو اجورو به ڪونه ڏنو ويندو آهي. تنهنڪري ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته سنڌ مان زبردستي پورهيي واري عمل کي ختم ڪيو وڃي ته جيئن عوام آزاديءَ سان پنهنجي زندگي گهاري سگهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button