شوبز

ڪينز ۾ ايشوريا سميت سندرين جا جلوا، فلم انڊيا جونز جو پريميئر

دنيا جي مشهور ڪينز فلم فيسٽيول ۾ ايشوريا رائي بچن سميت هالي ووڊ ۽ ٻين فلم انڊسٽرين جي سندرين ريڊ ڪارپيٽ تي واڪ ڪري جلوا ڏيکاريا آهن، جڏهن تھ فلم انڊيا جونز جي سيڪوئل ڊائل آف ڊيسٽني جو ورلڊ پريميئر ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ ايشوريا منفرد انداز واري گائون جي لباس ۾ ريڊ ڪارپيٽ تي واڪ ڪري سمورن ماڻهن جي نگاهن جو مرڪز بڻجي وئي آهي. هوڏانهن ايونٽ جي ٽئين ڏهاڙي ريڊ ڪارپيٽ تي ارويشي روٽيلا جي لپ اسٽڪ لڳائي ڪيل واڪ کي مداحن ايشوريا جو نقل قرار ڏئي ڇڏيو آهي.

تيونس جي اداڪارا هينڊي صابري ڪينز جي تقريب ۾ شريڪ آهي

جڏهن تھ سارا علي جي نئين ۽ وڻندڙ انداز ۾ ڪيل واڪ جي ساراهه ٿي رهي آهي. ايونٽ جي فوٽو ڪال سيشن ۾ فلم بليڪ فائلز، سمپل ڪيم سيلوين ۽ ٻين فلمن جي ڪاسٽ شريڪ ٿي آهي. ٻئي پاسي سعودي عرب جي ريڊ سي فلم فيسٽيول پاران وومينز اسٽوريز جي عنوان سان ايونٽ منعقد ڪيو ويو، جنهن ۾ تيونس جي هينڊي صابري سميت ٻين اداڪارائن ڀرپور نموني سان شرڪت ڪئي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button