شوبز

پنهنجي گيتن جا ريمڪس ٻڌي خوف ٿيندو آهي: انوراڌا پوڊوال

بالي ووڊ ۾ 80 ۽ 90 جي ڏهاڪن ۾ پنهنجي مڌر آواز ذريعي ڪروڙين دلين تي راڄ ڪندڙ ڳائڻي انو راڌا پوڊوال انڪشاف ڪيو آهي تھ پنهنجي گيتن جا ريمڪس ٻڌي خوف جو شڪار ٿي ويندي آهيان. ميڊيا کي ڏنل انٽرويو ۾ انوراڌا پوڊوال جو چوڻ هو تھ مان ڳايل پنهنجي گيتن کي هڪ ڀيرو ٻڌندي آهيان، دل سڪون محسوس ڪندي آهي، ڪجهه وقت اڳ هڪ شخص مون کي فون ڪري ٻڌايو تھ منهنجي ڳايل گيت کي ارجيت سنگهه هڪ فلم ۾ ريمڪس ذريعي ڳايو آهي، ڇا تھ شاهڪار گيت آهي، هن گيت پڻ مون ڏانهن موڪليو، مون اهو گيت جيئن ٻڌو تھ روئي ويٺس، دل بيقرار ٿي وئي، هڪدم وڃي اصل گانو ڪڍي ٻڌو، جنهن بعد سڪون مليو. هن چيو تھ گانن جا ريمڪس حقيقي گيتن جو قتل سمجهان ٿي، جن تي منهنجي دل رڙيون ڪرڻ تي چوندي آهي، ڇوتھ اصل موسيقي انهن ۾ ناهي هوندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button