امرتا سين اڃا ڏهن سالن جو مس هو ته بنگال ۾ ڏڪار جي صورتحال سندس آڏو آئي. ان جي ڄاڻ کيس ان ريت ملي ته شانتي نڪيتن اسڪول جي ٻاهران ڪجھه ڄڻا هڪ همراهه کي ماري رهيا هئا جنهن جو دماغ پنهنجي جا تي نه هو. ڪجھه ڇوڪرن گڏجي ان کي ڇڏايو. خبر پيئي ته ان جو دماغ جا تي نه هئڻ جو ڪارڻ اهو هو ته کيس گھڻن ڏينهن کان پورو کاڌو نه مليو هو. گھر جي ڪم ڪار لا سندس گھر وارن هن کي پاڻ وٽ ئي رهائي ڇڏيو ۽ اهو ليکڪ سان هڪ ڊگھو عرصو رهيو. بک جي ستايل ماڻهن جو تعداد ڏينهون ڏينهن وڌندو ويو ۽ اهي پنهنجي لحاظ کان انهن جي مدد ڪندا رهيا. انهن ماڻهن جو رخ ڪلڪتي ڏانهن هو جتي انهن سمجھيو ٿي ته انهن جي بک جو تدارڪ ٿي ويندو. حڪومت جو اهو موقف هو ته اناج ڪافي مقدار ۾ هو ۽ ڏڪار جو ڪو ڪارڻ نه هو.
ان وقت ممڪن آهي ته اناج جي سپلائي چڱي مقدار ۾ هجي پر ساڳي طرح ٻي مهاڀاري جنگ ۽ جاپان جي برما ۽ سنگاپور تي قبضي جي ڪري اتان چانور اچڻ بند ٿي ويا هئا. بنگال ۾ هڪ ته فوج جو تعداد وڌي ويو هو ۽ ٻيو مختلف فوجي رٿائن جي ڪري اتي ٻين علائقن مان گھڻا ماڻهو اچي ويا هئا جنهن جي ڪري اناج جي طلب ۾ واڌارو ٿي ويو هو ۽ ان جون قيمتون ڏينهون ڏينهن تيزي سان وڌي رهيون هيون. اهڙي ريت اهو غريب ماڻهو جي پهچ کان ٻاهر ٿي ويو هو. هڪ ته ان جو گھڻو اثر غريب ماڻهن ۽ ٻيو شهرن کان وڌيڪ ٻهراڙين تي پيو هو. بک کان بيحال ماڻهو ۽ گھڻن جا لاش روڊن رستن تي پيا هوندا هئا. ڪجھه بنگالي مئگزين ۽ اخبارون، جن کي پڻ سينسر ڪيو ويندو هو، ان صورتحال کي رپورٽ ڪندا هئا پر انهن جو گھڻو اثر نه هو جڏهين ته حڪومت انگريزي ميڊيا ۽ خاص طور ڪلڪتي جي وڏي اخبار اسٽيٽسمين تي ان سڄي صورتحال کي رپورٽ ڪرڻ تي پابندي لڳائي هئي. ان جو ڪارڻ اهو هو ته ان وقت جاپان جنگ ۾ برطانيا کي پوئتي پير ڪرڻ تي مجبور ڪيو هو ۽ برطانيا جي حڪومت نه ٿي چاهيو ته اخبارن ۾ خبرن اچڻ سان ماڻهن ۾ بيچيني ۽ هندوستان ۽ برطانيا جي ماڻهن ۾ ڪي حڪومت مخالف جذبا پيدا ٿين. پر اسٽيٽسمين جي ايڊيٽر آئن اسٽيفن کان به اهو سڀڪجھه گھڻي عرصي تائين سٺو نه ٿيو. هن نيٺ ڦاٽ کاڌو ۽ پنهنجي اخبار ۾ ڏڪار جي متاثر ماڻهن جون تصويرون هلائڻ شروع ڪيون. ان وقت هندوستان ۾ ته پارليمينٽ نه هئي پر اسٽيٽسمين ۾ اهو سڀڪجھه اچڻ سان برطانوي پارليامينٽ ۾ ان تي بحث شروع ٿي ويو ۽ حڪومت جي جوابدهي ٿيڻ لڳي. ان صورتحال کي منهن ڏيڻ لا حڪومت پاران فوڊ راشننگ جو نظام قائم ڪيو ويو پر ان سان ٻهراڙين جي صورتحال اڃا خراب ٿي ويئي. ڇاڪاڻ ته حڪومت شهرن جي ضرورت کي پوري ڪرڻ لا ٻهراڙين مان اناج خريد ڪرڻ شروع ڪيو جنهن جي ڪري اتي صورتحال اڃا خراب ٿي ويئي.
ايسٽ انڊيا ڪمپني جي بنگال تي قبضي جي شروعاتي سالن 1769 ۽ 1770 ۾ ڪمپني ۽ ان جي آفيسرن جي ڦرمار جي ڪري بنگال هڪ بدترين ڏڪار مان گذريو هو. ان وقت به اٽڪل ٽيهه لک ماڻهو بک ۽ ڏڪار جي ڪارڻن جي ڪري مري ويا هئا. ان ڏڪار برطانيا جي جمهوريت ۽ ميديا جي آزادي وغيره جي دعوائن کي وائکو ڪري ڇڏيو هو. پنهنجي ملڪ ۾ ته اهي شيون انهن ماڻهن کي ڏنيون هيون پر هندوستان ۾ اهي ڏيڻ لا تيار نه هئا. 1770 ۾ ڪلائيو ۽ ڪمپني جي ڪجھه ٻين عملدارن تي پارليامينٽ ۽ ڪيس وغيره هلايو ويو ۽ ڪجھه کي سزائون به ڏنيون ويون هيون.
جمهوريت ۽ ميڊيا جي آزادي جي ڪري حڪمرانن جي جوابدهي ٿئي ٿي ۽ انهن جي ڪارڪردگي بهتر ٿئي ٿي. ليکڪ جو چوڻ آهي ته ان وقت جيڪڏهين هندوستان ۾ جمهوريت ۽ ميڊيا جي آزادي هجي ها ته ڏڪار جي ايڏي شديد صورتحال نه ٿئي ها.
جنگ جي دوران برطانيا هندوستان جي نوآبادي جي ڀيٽ ۾ پنهنجي ملڪ جي خوراڪ ۽ صحت وغيره جي صورتحال تي گھڻو ڌيان ڏنو هو. ليکڪ 1953 ۾ جڏهين ڪيمبريج ويو ته کيس اتي خبر پيئي ته هڪ ته جنگ هلندي انگلينڊ ۽ ويلز جي عام ماڻهن جي خوراڪ جي گھٽتائي واري مسئلي ۾ سڌارو آيو هو ۽ ٻيو ته ماڻهن کي صحت جون وڌيڪ سهولتون ڏنيون ويون هيون جيڪي جنگ کان پو به جاري رهيون. اهو هڪ نوآبادي ۽ حڪمران ملڪ جي ماڻهن سان ورتا جو فرق هو.