ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

ناڪام بغاوت يا ڪامياب غلامي؟

Editorial-Article- Ajaz Mangi

تحريڪ انصاف سوا سال کان وٺي دٻاءَ هيٺ رهي آهي. اهو دٻاءُ ان وقت به هو، جڏهن عمران خان جي اقتداري ڪرسي ٻڏڻ جا سعيا ڪندڙ ڪشتيءَ وانگر لڏڻ لڳي هئي. هن لاءِ ان وقت بهتر هو ته هو پاڪستان جي روايتي ريسڪيو جو سهارو وٺي سياسي ڪناري تي پهچي، وري پنهنجي واري جو انتظار ڪري ها. پر هن اهو نه ڪيو. هو نه صرف ٻڏندڙ ٻيڙيءَ سان چنبڙيو رهيو پر هن پاڻ کي اقتدار کان پري ڪندڙ قوتن خلاف اهو پرچم کنيو، جنهن جو بار هن جي تنظيمي سگهه کان گهڻو هو.
هڪ ڪپتان جي هجڻ جي ناتي سان هن کي اهو معلوم هجڻ کپندو هو ته هن جي ٽيم ڪيترو مقابلو ڪري سگهي ٿي؟ تحريڪ انصاف جا بنياد ايترا مضبوط ناهن، جو اها آمريڪا کان وٺي ملڪي اسٽيبلشمينٽ تائين تمام طاقتور قوتن سان بغاوت ڪري سگهي. اهوئي سبب آهي ته ”سائفر“ واري تير کي واپس ورائڻ جي ڪوشش ڪندڙ عمران خان ڪافي وقت کان وٺي پاڪستان جي اسٽيبلشمينٽ کي پرچائڻ جي ڪوشش به ڪندو رهيو آهي.
عمران خان جو سڀ کان وڏو مسئلو اهو آهي ته هو يوٽرن وٺڻ ۾ ويرم نه ڪندو آهي. هن آمريڪا جي حوالي سان ”Absolutely Not“ وارو نعرو هڻندي، آمريڪا کي دنيا جي عظيم سياسي قوت تسليم ڪرڻ ۾ ڪا دير ئي نه ڪئي. ساڳي طرح سان هو هاڻي جڏهن زمان پارڪ ۾ تنها ٿي رهيو آهي ۽ هن کي شدت سان محسوس ٿي رهيو آهي ته هن جا ڪجهه ديوانا جيلن ۾ آهن ۽ باقي ريلن جو پتو پڇي رهيا آهن. تڏهن هو نه صرف اسٽيبلشمينٽ پر هن حڪومت سان به ڳالهيون ڪرڻ لاءِ تيار آهي. هو ان بانس تان لهڻ ۾ ئي پنهنجي ڀلو سمجهي ٿو، جنهن جي باري ۾ هن کي اڳواٽ معلوم هجڻ کپندو هو ته بغاوت جي ان بانس واري لڪڙي تي هو گهڻي وقت تائين ترسي نه ٿو سگهي. پر هن جو مسئلو اهو آهي ته هن کي ضمانتون گهرجن ته هن مٿان مصيبتن جا مينهن نه وسايا ويندا. هن کي جيڪڏهن اقتدار ڇٽ نه ٿو ملي ته گهٽ ۾ گهٽ هن کي سياسي تحفظ جي اها ڇٽي ضرور ملي، جيڪا هن جو اس ۽ برسات ۾ بچاءُ ڪري سگهي.
عمران خان جي سلسلي ۾ سوين مسئلا سري پري رهيا آهن. انهن اڪيچار مسئلن ۾ هڪ مسئلو هي به آهي ته عمران خان جي ضمانت کڻڻ لاءِ هن وقت ڪو به تيار ناهي. هڪ ته پاڪستان ۾ ورڇ (Polarization) تمام گهڻي وڌي وئي آهي. ٻيو ته عمران خان مٿان ڪو اعتبار ڪرڻ لاءِ تيار ناهي. ان صورتحال ۾ عمران خان جو وڌيڪ پريشان ٿيڻ لازمي آهي. گذريل رات واري وڊيو ٽاڪ ۾ هو ڪيترو نه ڪمزور نظر اچي رهيو هو. هو جيڪو اڪثر ڪاوڙ جو اظهار ڪندو ڏٺو ويندو آهي، هن ڀيري هو تمام گهڻو تڪليف ۾ هو ۽ هن جي اکين ۾ پهريون ڀيرو پريشاني آلاڻ جي صورت اختيار ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي هئي. هن کي شدت سان محسوس ٿي رهيو هو ته هو ان حد تائين پهچي چڪو آهي، جنهن حد کان پوءِ ڪجهه وفادارن کان سواءِ باقي سڃ ۽ رڃ هوندي آهي.
عمران خا جو ساٿ ڇڏڻ جا اعلان ڪندڙ هن جا پراڻا سياسي رفيق ۽ پوئلڳ ته ٿورا آهن پر اڪثريت انهن جي آهي، جيڪي ميڊيا تي اچي اهو اعلان نه ڪري سگهيا آهن يا نه ٿا ڪرڻ چاهن ته انهن جو ڪپتان انهن کي رڻ ۾ رلائي ويو آهي.
عمران خان جو ساٿ ڇڏيندڙ همراهن جا ٻه قسم آهن. هڪ اهي جن جي مٿان اهو دٻاءُ آهي ته انهن کي ان ڪپتان جو ساٿ نه ڏيڻ گهرجي، جيڪو پاڪستان کي هن موڙ تائين وٺي آيو آهي جو اسٽيبلشمينٽ کي به اهو اظهار ڪرڻو پيو ته جيڪو ڪجهه دشمن 75 سالن ۾ نه ڪري سگهيو، اهو ڪجهه اقتداري بک ۾ ورتل هڪ سياسي ٽولي هڪ ڏينهن ۾ ڪري ورتو. هن جو وڌيڪ وقت ساٿ نه ڏئي سگهندڙن جو ٻيون قسم انهن ماڻهن تي مشتمل آهي، جن جو خيال آهي ته هاڻي تحريڪ انصاف گهڻي وقت تائين اقتدار کان محروم رهندي. پي ٽي آءِ پاور ۾ ايندي يا نه ايندي؟ اهو سوال الڳ آهي. پر پي ٽي آءِ جي ڪافي همراهن کي محسوس ٿي رهيو آهي ته ڪپتان پنهنجي ٽيم کي ان حد تائين وٺي آيو آهي، جنهن حد کان پوءِ پرامن اقتدار جي منتقليءَ جون اميدون تيز هوا ۾ رکيل ميڻ بتين وانگر وسامي وينديون آهن. عمران خان کي هڪ ناڪام بغاوت جي اونداهي وڪوڙي رهي آهي. عمران خان کي معلوم هجڻ کپندو هو ته هو تقريرن جي دوران اشارن ۾ ۽ ملاقاتن جي دوران سڌن لفظن ۾ جيڪي سياسي تبصرا ڪري رهيو آهي ۽ هو سوشل ميڊيا تي پنهنجن سرگرم ڪارڪنن جي جن معاملن تي همت افزائي ڪري رهيو آهي، ان جو منطقي انجام اهوئي نڪرڻو هو، جيڪو هلندڙ مهيني جي 9 تاريخ تي نڪتو.
عمران کي اهو معلوم هجڻ کپندو هو ته هو جيڪا واٽ وٺي رهيو آهي، اها اقتدار طرف نه پر هڪ ناڪام بغاوت طرف وڃي رهي آهي. اهوئي سبب آهي ته هن جي پارٽيءَ مٿان هن وقت اهڙا تبصرا ٿي رهيا آهن جن جو ڪڏهن هن تصور به نه ڪيو هو. ڇا ڪڏهن عمران خان سوچيو هو ته هن جو ڪو پنهنجو همراهه هن جو ساٿ ڇڏيندي اهو چوندو ويندو ته پي ٽي آءِ پاڪستان جي ايم ڪيو ايم بڻجي وئي آهي.
عمران خان جي حوالي سان هن وقت ان قسم جو ماحول جڙي ويو آهي جو جيڪي ماڻهو هن سان مختصرترين ملاقات لاءِ منٿون ڪندا هئا، اڄ اهي ماڻهو هن کان ٽاهه کائي رهيا آهن. هو واقعي به اقتدار مان آئوٽ ٿيڻ بعد ”خطرناڪ“ ٿي ويو آهي. هن جي ان ”خطرناڪ“ هجڻ جو هن جي دشمنن کي گهٽ ۽ هن جي دوستن کي وڌيڪ نقصان پهتو آهي. ڇو ته عمران خان جي اهڙي سياست سبب هن جا فطري مخالف نه صرف اقتداري ڪرسين تي براجمان آهن پر هو هاڻي ايندڙ وقت ۾ به اقتدار ۾ هجڻ جا سپنا ڏسي رهيا آهن. هو جيڪي عوام ۾ ڀلي مقبول نه هجن پر هو اسٽيبلشمينٽ کي ته قابل قبول آهن. اهوئي سبب آهي ته انهن جي پيشانين تي پريشانيءَ جون اهي ريکائون پرگهٽ نه ٿيون آهن، جن جي اقتدار جو سج جلد لهڻ وارو هوندو آهي.
شهباز شريف ۽ آصف زرداري ته پاڪستان جي سياست جو ختم ٿيل حصو سمجهيا ٿي ويا. انهن ۾ ٻيهر اقتداري جوت جڳائڻ جو الزام عمران خان جي مٿان مڙهيو پيو وڃي. هن ڀيري اهو الزام هن مٿان هن جا دشمن نه پر اهي دوست هڻي رهيا آهن، جيڪي عمران خان کان خوشيءَ سان الڳ نه ٿا ٿين. انهن جون دليون واقعي به ڀاري آهن. پر انهن کي محسوس ٿي رهيو آهي ته هو اهڙي سياست سان وڌيڪ هلي نه ٿا سگهن، جنهن سياست جي منزل ڪامياب غلاميءَ بدران ناڪام بغاوت هجي.
عمران خان جو ساٿ ڇڏيندڙ هن جي ويجهن رفيقن جي اکين ۾ ته اڳ به هو پر هاڻي اهو چپن سان چئي رهيا آهن ته هو ناڪام بغاوت لاءِ پر ڪامياب غلاميءَ جا حامي ۽ طلبگار آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button