ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

عمران نيازي، مائنس ون

Editorial-Article- Akhtar Hafeez

ڪجهه وقت کان جيڪو سياسي تماشو ملڪ ۾ جاري آهي، ان جو انجام ٿيڻ ۾ هاڻ گهڻي دير ڪونه لڳندي، ڇاڪاڻ ته پي ٽي آءِ جهڙي هڪ غيرسياسي لشڪر کي جهڙي ريت سڄي ملڪ جو والي وارث ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو هو، اهو نه رڳو غلط ثابت ٿيو پر پراجيڪٽ عمران خان مڪمل طور ناڪام پڻ ويو.

عمران خان نيازيءَ کي سياست ۾ متعارف ڪرائيندڙ ڪي هاڻوڪا ڪردار ڪونه آهن پر اهي ان سوچ جو تسلسل آهن، جيڪي سڄي دنيا فتح ڪرڻ ۽ سڄي دنيا کي ۾ پنهنجو نظام لاڳو ڪرڻ چاهين ٿا. ان ڪري جيڪا صورتحال 2018ع کان پوءِ نظر آئي، ان ۾ اهو پڻ نظر آيو ته جڏهن غيرسياسي قوت کي عوام مٿان مڙهيو ويندو آهي ته اها نه فقط سماجي اخلاقيات کي تباهه ڪندي آهي پر سياسي قدرن کي به ختم ڪري ڇڏيندي آهي، عمران خان نيازيءَ جي اچڻ کان اڳ ملڪي سياست ۾ ايتري بداخلاقي ۽ بدتميزي نظر ڪونه ايندي هئي پر جيئن ته کيس “ڪمپني بهادر” پاران هر قسم جي ڇوٽ مليل هئي ۽ اهو چيو ويو هو ته نواز ليگ ۽ پيپلز پارٽيءَ کي چور چور چئي بدنام ڪرڻو آهي، ان ڪري سڄي پي ٽي آءِ بنا سوچڻ سمجهڻ جي انهن نعرن پويان لڳي وئي جيڪي اسٽيبلشمينٽ کيس رٽايا هئا.
اڄ جڏهن پي ٽي آءِ جي عروج جو سج آهستي آهستي لهي رهيو آهي ته عمران خان نيازي مائنس ون فارمولي کي قبولڻ لاءِ تيار ٿي ويو آهي. هو آمريڪا کي منٿون ڪري رهيو آهي ته کيس بچايو وڃي يا ڪو اهڙو رستو ڪڍيو وڃي جو هو خواريءَ کان بچي سگهي. عمران خان نيازيءَ جي گرفتاريءَ کان پوءِ 9 مئي وارن واقعن تي نه رڳو فوج گهڻي ڪاوڙيل آهي پر ان اهو به فيصلو ڪري ڇڏيو آهي ته انهن واقعن ۾ ملوث ماڻهن جا ڪيس فوجي ڪورٽن ۾ هلايا ويندا. ان کان سواءِ اهي خبرون به اچي رهيون آهن ته نيون فوجي عدالتون قائم ڪيون وينديون، ان ڳالهه جي وضاحت دفاع واري وزير خواجه آصف ڪئي آهي. سندس چوڻ آهي ته اهڙي ڪابه ڳالهه ناهي، نيون فوجي عدالتون قائم ڪونه ڪيون وينديون. پر جيڪڏهن قائم ڪيون به وڃن ته ڇا هن سويلين حڪومت ۾ ايتري همت آهي جو اها روڪي سگهي. هونئن به ملڪ ۾ سويلين عدالتن جو حال اهو آهي جو اهي عمران خان نيازيءَ جون سهولت ڪار لڳيون پيون آهن، جتي هڪ عام ماڻهو سالن جا سالن ڪيس جو وارو اچڻ لاءِ انتظار ڪندو رهندو آهي ۽ عمران خان نيازي جهڙا منٽن ۾ آزاد ٿي ويندا آهن. جيڪڏهن هن وقت نواز ليگ فوجي عدالتن جي حمايت ڪري ٿي ته اها سندس سنگين غلطي هوندي، ڇاڪاڻ ته جڏهن نواز ليگ اسٽيبلشمينٽ سان ڪنهن معاملي تي تڪرار ڪندي ته سڀاڻي اهي ئي فوجي عدالتون ان جي خلاف استعمال ٿينديون ۽ انهن کي فوجي عدالتن جا فيصلا نه چاهيندي به قبول ڪرڻا پوندا.
پاڪستان جي سياست ۾ جهڙي ريت سياسي انجنيئرنگ ٿيندي رهندي آهي، ان ۾ سياست ان نوعيت جي ٿي سگهي ٿي، جهڙي ٿي رهي آهي. ڪالهه تائين عمران خان نيازيءَ کي لڳندو هو ته هن جو متبادل ڪوبه نٿو ٿي سگهي پر اڄ هو پاڻ ماضي جو قصو ٿي رهجي ويو آهي، سندس همدرد صحافين ۽ اينڪر پرسن کيس ملڪ ته ڇا دنيا جو سڀ کان وڏو ليڊر ڪري پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر هڪ غيرسياسي دماغ ڪنهن به ريت وڏو ليڊر نٿو ٿي سگهي. تنهنڪري پي ٽي آءِ هن وقت جنهن صورتحال ۾ آهي، ڪنهن زماني ۾ (ق) ليگ ان صورتحال کي منهن ڏنو هو. هن ملڪ ۾ سياست جو محور سياسي پارٽيون ان وقت ئي ٿي سگهن ٿيون، جڏهن اهي اهو فيصلو ڪن ته ڪنهن به صورت ۾ اسٽيبلشمينٽ جو ساٿ ناهي ڏيڻو ۽ سياسي طور پنهنجو پاڻ کي مضبوط رکڻو آهي. پر ائين ٿي ڪونه رهيو آهي. نتيجي ۾ سياسي تجربا جاري آهن ۽ سياسي حالتون به ساڳيون آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button