ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

واءِ ڊي اي سنڌ جو گرانڊ ڪنوينشن

Editorial-Article- Nirma Talpur

واءِ ڊي اي پاڪستان جي ڊاڪٽرن جي مکيـه تنظيم آھي، جيڪا ميو اسپتال لاهور جي ڪجھه ڊاڪٽرن ٺاهي آهي. جن محسوس ڪيو تـه جيڪڏهن پاڪستان جا ڊاڪٽر ھڪ پليٽ فارم تي گڏ نـه ٿيا تـه انهن سان ٿيندڙ نا انصافيون ڏينهون ڏينهن وڌڻ لڳنديون ۽ آئون پاڪستان جي سڀني باشعور ڊاڪٽرن طرفان انھن باني اڳواڻن جي شڪرگذار آھيان، جن جي ڪري اڄ سنڌ توڙي پاڪستان جا ڊاڪٽر ھڪ پليٽ فارم تي پنهنجي حقن خاطر مسلسل عمل جي ميدان ۾ آھن۔ جنهن جو تازو مثال سنڌ جي ڊاڪٽرن جو رسڪ الائونس بند ڪرڻ وقت ڏسي سگهجي ٿو، جنهن ۾ مکيـه ڪردار ادا ڪندڙن ۾ ڊاڪٽر محبوب نوناري، ڊاڪٽر روشن چانڊيو ۽ ڊاڪٽر فيضان حسين ميمڻ ۽ ٻيا شامل آهن، ڊاڪٽرن جي حقن لاءِ آواز اٿاريندڙ ڊاڪٽرن کي روڪڻ لاءِ سندن ٽرانسفر کان وٺي ھر قسم جي ممڪن ڪوشش ڪئي وئي پر جس ھجي اسان جي اڳواڻن کي جيڪي آخر تائين ثابت قدميءَ جو مظاهرو ڪري اسان لاءِ ھڪ مثال قائم ڪري ويا.
واءِ ڊي اي ھونئن تـه ھڪ غير سياسي جماعت آھي، جنهن جو سياست جي معاملن ۾ عمل دخل نـه رھيو آھي پر ڪنهن بـه تنظيم کي سمجهڻ ۽ ان کي ھلائڻ لاءِ ھڪ سياسي ذھن هئڻ ضروري آھي.
واءِ ڊي اي جي باڊي جي چونڊ جو طريقو اليڪشن ذريعي ٿيندو آھي جنهن حوالي سان ملڪي، صوبائي ۽ وري يونٽ جي سطح تي اليڪشن ڪرائي باڊي چونڊي ويندي آھي، جيڪا پوءِ ڏنل وقت تائين پنهنجا فرض سرانجام ڏيندي آھي.
ڪجهھ ڏينهن اڳ واءِ ڊي اي خلاف سوشل ميڊيا تي ڪجھه پوسٽون ھلي رھيون ھيون. چوندا آھن تـه گهر جو دشمن ٻاھرين دشمنن کان وڌيڪ خطرناڪ ھوندو آھي ۽ نـه فقط واءِ ڊي اي پر ھر تنظيم ۾ اھڙا ماڻهو ضرور ڏسبا، جيڪي تنظيم تي ھڪ داغ ھوندا آھن. انهن ڪجهه ماڻهن جي ڪري تنظيم کي ٽارگيٽ ڪرڻ الاھي خراب عمل آھي جنهن کان پاسو ڪرڻ ضروري آھي ۽ ان ڪڌي عمل جي ڪري ٻين اڳواڻن خلاف گهٽ وڌ ڳالهائڻ سٺو عمل ناهي.
واءِ ڊي اي شروع کان وٺي ڊاڪٽرن جي حقن لاءِ اڳيان اڳيان رھي آهي، پوءِ کڻي اھو رسڪ الائونس جو مسئلو ھجي يا وري پوسٽ گريجويٽس لاءِ لائبريري يا ھاسٽل جي ڳالھه ھجي يا ٻيا کوڙ سارا مسئلا هجن، پر اسان جا اڳواڻ سدائين ثابت قدم رھيا آهن ۽ ڪڏھن بـه ڪنهن کي مايوس ڪونه ڪيو اٿن.
ان ڪري اسان تي فرض آھي تـه ھن ڀيري بـه تنظيم کي صحيح ھٿن ۾ ڏئي پنهنجو فرض پورو ڪريون. جنهن لاءِ جلد ھڪ ڪنوينشن ڪوٺائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آھي. جنهن ۾ سنڌ جي ڏھن يونٽن، جن ۾ 5 يونٽ ڪراچيءَ جا (سول، جناح، لياري، عباسي شھيد، اين آءِ سي ايڇ) شامل آھن. ڪراچيءَ کان سواءِ لمس، نوابشاهه، سکر، لاڙڪاڻو، خيرپور جا يونٽ بـه واءِ ڊي اي سنڌ جو حصو آهن. ياد رکيو وڃي تـه لمس سنڌ جو پھريون يونٽ آھي جنهن ۾ پھريون ڀيرو اليڪشن ڪرائي مڪمل باڊي چونڊرائي وئي آهي.
گرانڊ ڪنوينشن ۾ انهن ڏھن يونٽن جا ميمبر مقرر ٿيل جڳھه تي گڏ ٿيندا ۽ گڏيل فيصلي سان اليڪشن جي تاريخ ۽ ٻين معاملن بابت ڳالهه ٻولهھ ڪئي ويندي.
ان ڪري ھر يونٽ جي ميمبرن تي اھو فرض ٿو ٿئي تـه ھو پنهنجي يونٽ توڙي ھر وارڊ ۾ ان پيغام کي عام ڪن ۽ سڀني کي ان ڳالھه جي خاطري ڪرائين تـه واءِ ڊي اي ھڪ آھي ۽ سدائين ھڪ رھندي.
ان حوالي سان منهنجي سڄي سنڌ جي ڊاڪٽرن کي گذارش آھي تـه ھن ڀيري اليڪشن ۾ وڌ کان وڌ شرڪت ڪري ووٽ ڏئي پنهنجو فرض پورو ڪري قابل ماڻهن جي ھٿن ۾ ذميداري ڏين، جيڪي ڊاڪٽرن جي مسئلن کي حل ڪرڻ جي ھمت رکندا ھجن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button