ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

سنڌ ۾ ڪچي شراب جو واهپو

Editorial

سنڌ ۾ هڪ پاسي منشيات فروشن خلاف آپريشن هلي رهيو آهي ته ٻئي پاسي ڪچو شراب پيئڻ سبب ماڻهو مري رهيا آهن. اها سنڌ جي بدقسمتي آهي جو گذريل ڪيتري عرصي کان هتي منشيات ڪنهن وبا وانگر پکڙي وئي آهي، جنهن جي نتيجي ۾ نوجوان نسل تباهه ٿي رهيو آهي. ان کان سواءِ جڏهن به ڪنهن منشيات فروش يا ٽولي کي گرفتار ڪيو ويندو آهي ته اهو پنهنجي اثر رسوخ جي ڪري ڇڏائجي ويندو آهي، ائين اهو سلسلو جيئن جو تيئن هلندو رهندو آهي، اهڙي ريت جيڪڏهن اهو معاملو ائين هلندو رهندو ته سنڌ ۾ نه ته منشيات جا اڏا بند ٿي سگهندا ۽ نه ئي ڪڏهن ان جو خاتمو ممڪن ٿي سگهي ٿو. تنهنڪري منشيات جهڙي مرض جو خاتمو ڪرڻ لاءِ سنجيدگيءَ جي ضرورت آهي پر اهو تڏهن ٿي سگهي ٿو، جڏهن هر پاسي کان منشيات جي نندا ڪئي وڃي ۽ جتي جتي به ان جا اڏا قائم آهن، انهن جو خاتمو ڪيو وڃي. سنڌ ۾ ڪچو شراب عام جام ملي ٿو ۽ ان کي نوجوان توڙي وڏي ڄمار جا ماڻهو واپرائيندا رهندا آهن. ڪالهوڪي آيل هڪ رپورٽ موجب اوٻاڙي ۾ ڪچو شراب پيئڻ سبب 5 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن.
رات دير سان اوٻاڙي ۾ دايا پاڙي جو رھواسي نوجوان تنوير احمد دايو، چاچو ڀائٽيو قيصر ماڇي ۽ راجا ماڇي زهريلو ڪچو شراب واپرائڻ سبب فوت ٿي ويا، جڏهن ته نوجوان سهيل سمون کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ وارث اسپتال کڻي وڃي رھيا ھئا ته هن رستي ۾ دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو، جنهن کان پو زھريلو شراب پيئڻ سبب فوتين جو انگ وڌي چار ٿي ويو. ٻئي پاسي چار ئي نوجوانن جا لاش گهر پهچڻ تي گهر ۾ ڪهرام مچي ويو ۽ گهرڀاتين کي بيهوشي جا دورا پئجي ويا. ان حوالي سان فوتين جي وارثن پنهل ماڇي، گلشير ماڇي ۽ محمد آغا ماڇي احتجاج ڪندي چيو ته شهر ۾ سرعام منشيات جا اڏا هلي رهيا آهن، پر پوليس رشوت عيوض خاموش آهي، پوليس جي نااهلي سبب اسان جي نوجوانن جون جانيون ويون آهن، اسان جو منشيات فروشن خلاف ڪيس به داخل نه ڪيو ويو آهي. هنن آ جي سنڌ، ڊي آ جي ۽ ايس ايس پي کان منشيات فروشن خلاف آپريشن جي گهر ڪئي.

اسين سمجهون ٿا ته منشيات جو خاتمو ان وقت ئي اچي سگهي ٿو، جڏهن انهن ماڻهن جي گرفتاريءَ جو عمل مڪمل ڪيو وڃي، ڪنهن بااثر يا سياسي ڌر جي چوڻ تي انهن کي آزاد نه ڪيو وڃي. ان کان سواءِ جن منشيات فروشن کي سياسي سرپرستي حاصل آهي، ان کي ختم ڪيو وڃي، جيڪڏهن پوليس ڪنهن منشيات فروش سان گڏجي ڪاروبار کي هٿي ڏئي رهي آهي ته پوليس خلاف به ڪارروائي ڪرڻ لازمي آهي، ڇاڪاڻ ته هي معاملو هڪ سماجي برائي جو آهي، جيڪا سڄي سماج کي تباهه ڪري رهي آهي ۽ اهڙي صورتحال ۾ اهو ممڪن ئي ڪونهي ته نوجوان نسل کي ان کان بچائي سگهجي. اوٻاڙي ۾ جيڪي ماڻهو به ڪچو شراب وڪڻي نوجوانن جي حياتين سان کيڏي رهيا آهن، انهن خلاف بنا رعايت ڪارروائي ڪرڻ ۾ دير نه ڪئي وڃي، ڇاڪاڻ ته اهي ماڻهن کي موت جي منهن ڏانهن ڌڪي رهيا آهن.
ا

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button