شوبز

ڪينز ميلي ۾ عورت جو علامتي رت هڻي يوڪرين جنگ خلاف احتجاج

ڪينز فلمي ميلي ۾ هڪ عورت پاڻ کي علامتي رت هڻي روس پاران يوڪرين تي جنگ مڙهڻ خلاف احتجاج ڪيو ويو آهي. ميڊيا مطابق روس پاران يوڪرين تي جنگ مڙهڻ خلاف احتجاج ڪينز فلم فيسٽيول جي ريڊڪارپيٽ تي پهچي ويو آهي،

ڪينز ميلي ۾ سعودي اداڪارا شريڪ آهي

جنهن دوران عورت جسم تي يوڪرين جو جهنڊو ويڙهي علامتي رت ۾ پاڻ کي ريٽو ڪري جنگ خلاف نعرا بھ هنيا. جڏهن تھ سيڪيورٽي عورت کي پڪڙي ٻاهر ڪڍي ڇڏيو. هوڏانهن ايونٽ دوران فرانس جو انصاف وارو وزير ايرڪ ڊيوپونڊ ميروٽي پڻ شريڪ ٿيو، جنهن جي آڏو گهريلو تشدد خلاف احتجاج ڪيو ويو آهي.

فرينچ اداڪارا ڊيرينا الجونڊي ڪينز ۾ ريڊڪارپيٽ تي واڪ ڪندي

ٻئي پاسي ريڊ ڪارپيٽ تي سعودي عرب جي اداڪارا ميلا ال ظهراني، آمريڪي ماڊل جيجي حديد، نائومي ڪيمپبيل، سوئيڊش اداڪارا ايليشا وڪنڊرا، بالي ووڊ جي اداڪار ريچا چڍا ۽ ٻين اداڪارائن توڙي اداڪارن ڪيٽ واڪ ڪري تقريب کي مچائي ڇڏيو. جڏهن تھ فلمن فائر برانڊ ۽ فلم ايسائيڊي کي پيش ڪيو ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button