ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

آمريڪا جو عمراني پروجيڪٽ ۽ سنڌ

اهو ته هاڻي واضح ٿيندو پيو وڃي ته عمراني سياست دراصل آمريڪي پروجيڪٽ آهي. جيتوڻيڪ شروع ۾ عمران خان پنهنجي سرڪار جي خاتمي جو ذميوار آمريڪا کي قرار ڏنو، جلسن ۾ هٿ ۾ هڪ ڪاغذ جي ٽڪر کي لوڏي چوندو هو ته اهو آمريڪين لکيو آهي. پر بعد ۾ آمريڪين جون بني گالا ۾ عمران خان سان ملاقاتون ۽ ان کان پوءِ فواد چوڌريءَ جون آمريڪي عهديدارن سان ملاقاتون ۽ سندس آمريڪا جي حمايت بابت فواد چوڌريءَ جا ٽويٽ ۽ اوچتو عمران خان جي بيانن مان “آمريڪي مخالفت” جو غائب ٿيڻ گٿيءَ کي چڱي نموني سلجهائين ٿا.
هونئن به عمران خان جڏهن اقتدار ۾ آندو ويو هو ته ان پهريون حملو سي پيڪ تي ڪيو هو. سي پيڪ تحت هلندڙ ڪم رڪجي ويا هئا. هاڻي اهو چريو به سمجهي سگهي ٿو ته سي پيڪ تي ڪهڙي عالمي طاقت کي ارهائي آهي. جڏهن ته پي ڊي ايم جو چين نواز لاڙو به سڀنيءَ آڏو واضح آهي. هاڻي آمريڪا ايڏو چريو هو جو جيڪو ماڻهو سندس مفادن وٽان ڪم ڪري رهيو هو، کيس هٽائي هڪ چين نواز سياسي اتحاد کي اقتدار ۾ آڻي ها؟
9 مئي واقعن کان پوءِ آمريڪي ردعمل به ڪيترائي راز کولي ٿو، ۽ اهو سمجهڻ ۾ مدد ڏيئي ٿو ته عمراني پروجيڪٽ اصل ۾ ڪنهن جو پروجيڪٽ آهي. عمران جي گرفتاريءَ تي آمريڪي پرڏيهي کاتي ردعمل ۾ چيو هو ته “سڄي دنيا ۾ جمهوري قدرن جي عزت ۽ قانون جي حڪمراني جو مطالبو ڪيون ٿا ۽ زور ڏيون ٿا ته سمورا مظاهرين پرامن طور پنهنجي شڪايت جو اظهار ڪن. سرڪار به حقن، جمهوري اصولن مطابق سهپ سان جواب ڏيئي.”
ڍڪيل ۽ دٻيل لفظن ۾ عمران جي واضح حمايت موجود آهي. ڊپلوميٽڪ ٻوليءَ ۾ گهٽ ۾ گهٽ ايتري جسٽيفيڪيشن ته ڏيئي سگهجي ته “سڄي دنيا ۾ جمهوري قدرن جي عزت ۽ قانون جي حڪمراني جو مطالبو ڪيون ٿا.” اصل ۾ عمران خان جي گرفتاريءَ تي ڪنهن کي وڏي تڪليف پهتي ته اهو آمريڪا هو.
ٻه ڏينهن اڳ آمريڪا جي قومي سلامتيءَ معاملن جي اڳوڻي صلاحڪار جان بولٽن عمران خان سان ٽيليفونڪ رابطو ڪيو. جان بولٽن چيو ته “عمران خان سان جاري ورتاءُ پاڪ، آمريڪا لاڳاپن ۾ رنڊڪون ۽ تڪرار وڌائڻ جو سبب آهي.”
هڪ ٻي خبر به آئي آهي، جيڪا تمام گهڻي دلچسپ آهي. عمران خان جي آمريڪي ڪانگريس جي عورت ميمبر ميڪسين مورواٽرز سان زوم ميٽنگ جا ڇرڪائيندڙ انڪشاف سامهون آيا آهن. آمريڪي ڪانگريس جي عورت ميمبر سان ڳالهه ٻولهه ۾ عمران خان چيو ته “تاريخ جو بدترين رياستي ڏاڍ اسان تي ٿي رهيو آهي. مان چاهيان ٿو ته توهان جي طرفان اسان جي حق ۾ آواز اٿي، توهان جيڪڏهن آمريڪا مان اسان لاءِ آواز اٿاريندا ته ان جا اثر هوندا.”
جيڪو ماڻهو پنهنجن جلسن ۾ پاڻ کي وڏي “آمريڪا مخالف” طور پيش ڪندو هو، اڄ اهو آمريڪا کي مدد لا ٻاڪاري رهيو آهي. جڏهن ته حمايت ۾ آمريڪي ۽ سندس اتحادي به ميدان تي لٿل آهن. هاڻي ته ڪينيڊا مان به سندس حمايت ۾ آواز اٿڻ شروع ٿي ويا آهن. تازو ئي پاڪستان جي صورتحال تي 16 ڪينيڊين پارليامينٽ ميمبرن وزيراعظم جسٽن ٽروڊو کي خط لکيو آهي. خط جي متن مطابق پاڪستان ۾ پرامن مظاهرن جي اجازت هئڻ گهرجي، عمران خان تي لڳل الزام کليل عدالت ۾ واضح ڪيا وڃن.”
عمران خان اصل ۾ آمريڪي پروجيڪٽ آهي. ان پروجيڪٽ تحت ئي سڄو مانڌاڻ مچايو ويو آهي. اهو مانڌاڻ اسٽيبلشمينٽ اندر چين نواز ۽ آمريڪا نواز ڌڙن ۾ متل آهي، جن جي ڇڪتاڻ موجوده منظرنامي کي طئي ڪري رهي آهي.
نيٺ اسان کي ڇا ڪرڻ گهرجي؟ سن زو هڪ ڀلي ڳالهه ڪئي هئي ته “جڏهن دشمن غلطي ڪري رهيو هجي ته ان ۾ رنڊڪ نه وجهو.” کڻي هي رياست هجي يا عمران، اهي بنيادي طور محڪوم قومن جا دشمن آهن. سو، جيڪو ڪجهه به ٿي رهيو آهي، پاڪستان جي محڪوم قومن لا ان ۾ خير جو عنصر شامل آهي. تنهنڪري، محڪوم قوم جي حيثيت ۾ اسان سنڌين کي پاڪستان ۾ جاري بحران تي پل به پل باخبر رهڻ گهرجي ۽ جيڪو ڪجهه به ٿي رهيو آهي، ان مان ڪيئن سنڌ جي بقا ۽ آزاد وطن طور بحالي لا فائدو کڻڻ گهرجي، ان بابت تياري ڪرڻ گهرجي. اسان گذريل ليک ۾ اهو چئي چڪا آهيون ته حالتون ڦيرو کائي رهيون آهن، هن خطي اندر سامراجي مفادن جي ويڙهه هڪ نئين باهه کي ٻارڻ جو ماحول تيار ڪري رهي آهي. اسان چاهيون نه چاهيون هڪ نئين آفت اسان جي در کي کڙڪائي رهي آهي، جيڪڏهن اسان ان کان لاتعلق رهون ٿا ته اهو آپگهات هوندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button