ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

سنڌ ۾ اغوا جا وڌندڙ واقعا

سنڌ ۾ هاڻوڪي صورتحال جو جائزو وٺجي ته نظر ائين اچي رهيو آهي جو اغوا ۽ قتل جي واقعن ۾ سنڌ ملڪ جي ٻين علائقن کان اڳڀري آهي. هڪ پاسي عام انسانن جو قتلام جاري آهي ته ٻئي پاسي اغُوائن جو نه رڪجندڙ سلسلو آهي، جنهن سبب ماڻهو نه رڳو عدم تحفظ جو شڪار ٿي ويا آهن پر اهي واقعا پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي ڪارڪردگيءَ تي سوال پڻ اٿاري رهيا آهن. تنهنڪري هي معاملو سنڌ جي امن امان کي تباهه ڪرڻ لاءِ شروع ڪيو ويو آهي. سنڌ ۾ قتل ٿيندڙ ماڻهن جو انگ وڌي رهيو آهي، جڏهن ته هر ڄمار جا ماڻهو اغُوا ٿيڻ عام ڳالهه بڻجي وئي آهي. ڪجهه ڏينهن اڳ ڪنڌڪوٽ مان معصوم ثمرت ڪمار کي اغوا ڪيو ويو آهي، جيڪو اڃا تائين بازياب نه ٿي سگهيو آهي، ڇا پوليس ايتري بيوس آهي جو ان معصوم ٻار جو پتو نه پئي لڳائي سگهي ۽ نه ئي سنڌ مان اغُواڪارن جو خاتمو ڪرڻ لاءِ اڳيان وڌي رهي آهي. ثمرت ڪمار وارو معاملو ميڊيا ۾ ايترو هاءِ لائيٽ ٿيو آهي جو هاڻ چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ ان معاملي جو نوٽيس وٺي ڇڏيو آهي. ان حوالي سان چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ آءِ جي سنڌ، ڊسٽرڪٽ سيشن جج ۽ ايس ايس پي کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. ان کان سواءِ ڪشمور-ڪنڌ ڪوٽ ضلعي مان به ڌاڙيل 5 ڄڻن کي اغوا ڪري ويا آهن. جڏهن ته رتيديري ويجهو هٿياربند نوجوان کي اغوا ڪري ويا آهن.
مٿيون خبرون سنڌ جي امن امان جي صورتحال کي بيان ڪري رهيون آهن. انهن خبرن مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته ڪهڙي ريت سنڌ ۾ ماڻهن جو جيئڻ حرام ڪيو پيو وڃي. جڏهن سنڌ ۾ امن امان نه هوندو، اغُوا، قتل ۽ ڦرن جا واقعا عام جام ٿيندا رهندا ته پوءِ ماڻهن جو بنا خوف رهڻ ڪيئن ممڪن ٿي سگهي ٿو. ڇا سنڌ ۾ پوليس کاتو رڳو عوام کان رشوت وٺڻ ۽ ان لاءِ مسئلا پيدا ڪرڻ لاءِ قائم ڪيو ويو. پوليس جو ڪم عوام جي خدمت ڪرڻ، ان جي حفاظت ڪرڻ ۽ ڪنهن به ڏوهاري کان عوام کي بچائڻ هوندو آهي پر هتي جڏهن ماڻهو اغوا ٿين ٿا، ماڻهن جو قتل ٿئي ته پوليس ايتري بيوس نظر ايندي آهي جو ائين محسوس ٿيندو آهي پوليس جو ڪم رڳو تماشو ڏسڻ آهي. جيڪڏهن پوليس جو ڪم تماشو ڏسڻ آهي ته پوءِ پوليس کي اها دعوا به نه ڪرڻ گهرجي ته اها سنڌ ۾ امن امان جي ضامن آهي.
اسين سمجهون ٿا ته سنڌ ۾ وڌندڙ اغوا ۽ قتل جي واقعن سبب ماڻهن ۾ بي چيني وڌي رهي آهي، اهي هن ماحول ۾ نفسياتي مريض بڻجي رهيا آهن. تنهنڪري ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته سنڌ جي امن امان تي ڌيان ڏنو وڃي، ڏوهاري عنصرن خلاف ڪارروائي ڪري انهن کي سيکت ڏني وڃي. ان کان سواءِ جيڪي ماڻهو هيستائين اغوا ٿيا آهن، انهن جي بازيابيءَ لاءِ تڪڙا اپاءَ ورتا وڃن ته جيئن انهن جي وارثن جون پريشانيون گهٽجي سگهن، جيئن اهي سک جو ساهه کڻي سگهن ۽ کين احساس ٿئي ته اهي جتي به هوندا محفوظ هوندا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button