سنڌ

حيدرآباد ۾ 5 هنڌن تي پارڪنگ پلازا ۽ جديد ٽريفڪ سگنل لڳائڻ جي سفارش

ڊپٽي ڪمشنر فواد غفار سومرو حيدرآباد ۾ ٽريفڪ جي آزار مان نجات لا شهر جي ڳتيل آبادي جي 5 هنڌن تي پارڪنگ پلازا، ٽن تعلقن ۾ جديد ٽريفڪ سگنل لڳائڻ لا سنڌ حڪومت کي خط لکي ڇڏيو آهي. خط ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ٽريفڪ پوليس ۽ ٽريفڪ مئنيجمينٽ بورڊ جي گڏجاڻي ۾ سفارش ڪئي وئي ته حيدرآباد شهر ۾ جديد سگنل لڳائڻ جي ضرورت آهي. جنهن ۾ محمدي چوڪ، گدو چوڪ، قاسم چوڪ، لبيڪ چوڪ، قمر زمان شاهه چوڪ لطيف آباد، شهباز فلائي اوور هيٺان جديد سگنلز جي ري انجنيئرنگ ۽ ري ڊزائنگ جي ضرورت آهي. خط ۾ پارڪنگ جي حوالي سان چيو ويو آهي ته شهر ۾ روڊ وڏا نٿا ڪري سگهون، روڊن تي گاڏين جي رش ۽ پارڪنگ سبب ٽريفڪ جو مسئلو موجود رهي ٿو. جتي هڪ کان وڌيڪ پارڪنگ پلازا جي ضرورت آهي. اڳوڻي ايلائٽ سئنيما جي پلاٽ تعمير ڪري سگهجي ٿو. فقير جي پڙ ۾ خالي پلاٽ پارڪنگ ايريا لا مخصوص ڪيو ويو آهي. ڪلاٿ مارڪيٽ ۾ تارا چند اسپتال جي ڇت، تلڪ چاڙهي لا پراڻو ٽريننگ ڪاليج ۽ مولا علي عه جي قدم گاهه سامهون پارڪنگ پلازا تعمير ڪري سگهجن ٿا. حيدرآباد ۾ پيپلز بس جي روڊن لا روٽس جي سروي ڪئي وڃي. خط جي ڪاپي سيڪريٽري ٽرانسپورٽ اينڊ ماس ٽرانزٽ کاتو، حڪومت سنڌ ۽ ڪمشنر حيدرآباد کي اماڻي وئي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button