موسمياتي تبديلي هڪ اهڙي حقيقت آهي، جنهن کان ڪن لاٽار پاڻ کي موت جي وات ۾ وجهڻ جي برابر ٿيندو. ڪجهه سالن کان قدرتي آفتن ۾ جيڪا شدت آئي آهي، اها موسمياتي تبديلين جو نتيجو آهي. تازو ئي هڪ نئين تحقيق سامهون آئي آئي، جيڪا تمام گهڻي ڇرڪائيندڙ آهي. رپورٽ مطابق موسمياتي تبديلين ۽ انساني استعمال سبب 1990ع جي ڏهاڪي کان هيل تائين دنيا جون 50 سيڪڙو کان وڌيڪ وڏيون ڍنڍون ۽ پاڻيءَ جا ذخيرا سُڪي چڪا آهن. ڄاڻايل نئين تحقيق ۾ اهو خدشو ظاهر ڪيو ويو آهي ته ايندڙ سالن ۾ زراعت، بجلي جي پيداوار ۽ انساني استعمال لاءِ پاڻي جي کوٽ جو خطرو گھڻو وڌي ويندو. آمريڪا جي ورجينيا يونيورسٽي جي ان تحقيق ۾ عالمي ماهرن جي ٽيم کي شامل ڪري سڄي دنيا ۾ تازي پاڻيءَ جي اهم ترين 2 هزار جي ويجهو ذخيرن جو جائزو ورتو ويو. تحقيق ۾ دريافت ڪيو ويو ته 3 ڏهاڪن دوران 2 هزار جي ويجهو وڏين ڍنڍن ۾ ساليانو 22 گيگا ٽن پاڻي جي کوٽ آئي، اهو مقدار 2015ع ۾ آمريڪا ۾ استعمال ٿيل پاڻي جي گڏيل مقدار جي برابر آهي. جرنل سائنس ۾ ڇپيل تحقيق ۾ ٻڌايو ويو ته قدرتي ڍنڍن جي ڪاٿي ۾ آيل 56 سيڪڙو کوٽ عالمي گرمي پد ۾ واڌ ۽ انساني استعمال سبب ٿي. سائنسدانن جو پهريان اندازو هو ته موسمياتي تبديلين جي نتيجي ۾ دنيا جي سُڪل حصي ۾ خشڪي جڏهن ته گھم وارن خطن ۾ گھم وڌي ويندي، پر ان تحقيق ۾ دريافت ٿيو ته گھم وارن حصن ۾ به پاڻي جي مقدار ۾ واضح گھٽتائي آئي آهي. محققن دريافت ڪيو ته انسانن طرفان پاڻي جي گھڻي استعمال، برسات وسڻ ۾ آيل تبديلين، گرمي پد ۾ واڌ سان 1992ع کان 2020ع دوران 53 سيڪڙو ڍنڍن جي پاڻي ۾ گھٽتائي آئي. ان سبب سڄي دنيا ۾ لڳ ڀڳ 2 ارب ماڻهو سڌي ريت متاثر ٿيا آهن ۽ ڪجهه سالن کان مختلف خطن پاڻي جي کوٽ کي منهن ڏنو.
سائنسدانن طرفان عرصي کان تنبيهه ڪئي پئي وڃي ته موسمياتي تبديلين جي بدترين نتيجن کان بچڻ لاءِ عالمي گرمي پد کي صنعتي دور کان اڳ جي ڀيٽ ۾ هڪ ڏهائي 5 ڊگري سينٽي گريڊ کان وڌڻ کان روڪڻ ضروري آهي. هن وقت صنعتي دور کان اڳ جي ڀيٽ ۾ عالمي گرمي پد ۾ هڪ ڏهائي هڪ ڊگري سينٽي گريڊ واڌ ٿي چڪي آهي.
انسان اصل ۾ چوڌاري خطري جي گهيري ۾ آهي. موسمياتي تبديلي سبب پيدا ٿيندڙ ڄاڻايل صورتحال سان گڏ فضائي آلودگي به وڏو مسئلو آهي. اڃا ڪجهه سال اڳ فضائي آلودگي جي ڪري ماڻهن جي مرڻ جو انگ جيڪو هزارن ۾ هو، اهو هاڻي لکن تائين پهچي ويو آهي. اي ايف جي هڪ رپورٽ موجب سڄي دنيا ۾ فضائي گدلاڻ ۾ هر سال 70 لک ماڻهو اجل جو شڪار ٿي وڃن ٿا. انهن مان 6 لک 15 سال کان گهٽ ڄمار وارا ٻار هوندا آهن.
نيٺ فضائي گدلاڻ ڇاهي؟ فضائي آلودگي جي ماهرن مطابق زمين جي فضا ۾ مختلف قسمن جا آلوده ذرڙا موجود هوندا آهن، جن مان مائيڪرو اسڪوپڪ پارٽيڪلز سڀ کان وڌيڪ خطرناڪ هوندا آهن. اهي ننڍڙا ننڍڙا ذرا زرعي ۽ صنعتي سرگرمين، ڪاٺي جي سڙڻ ۽ ٽرانسپوورٽ مان ٺهن ٿا، جيڪي اڪثر زهريلا هوندا آهن، ۽ ساهه جي سرشتي ذريعي رت ۾ شامل ٿي وڃن ٿا. اوزون گيس جيڪا هڪ پلوٽنٽ آهي، قدرتي طور اسان جي فضا جي مٿين سطح ۾ موجود هوندي آهي، تڏهن به زميني سطح تي اها صحت لا خطرناڪ هوندي آهي. اها سج جي روشني ۾ نائٽروجن آڪسائيڊ ۽ نامياتي ڪمپائونڊز وچ ۾ ري ايڪشن سان ٺهندي آهي. اوزون ٻوٽن کي نقصان پهچائي سگهي ٿي ۽ ساهه جي مرض ۾ مبتلا ماڻهن لا خطرناڪ هوندي آهي. گاڏين جي انجڻن ۽ بجلي گهرن مان خارج ٿيندڙ نائٽروجن آڪسائيڊ به صحت لا هاڃيڪار آهي، اها هوا ۾ گهم سان ملي نائٽرڪ ايسڊ ٺاهي ٿي، جيڪا ڦڦڙن جي سوڄ ۽ ٻين بيمارين جو سبب بڻجي ٿي.
ماهرن پاران فضائي آلودگي کي هڪ سنجيده خطرو قرار ڏنو پيو وڃي. ڊبليو ايڇ او جي رپورٽ موجب 2012ع ۾ فضائي آلودگي جي ڪري تقريبن 70 لک ماڻهو موت جو شڪار ٿيا هئا. ان رپورٽ جي بنياد تي ماهر ان نتيجي تي پهتا ته اهي انگ اکر ان ڳالهه جي تصديق ڪن ٿا ته هاڻي فضائي آلودگي دنيا جو واحد سڀ کان وڏو ماحولياتي صحت جو خطرو آهي. ڊبليو ايڇ او مطابق ڏکڻ ايشيائي ۽ وچ پيسيفڪ خطن ۾ فضائي آلودگي بابت وڏا مسئلا موجود آهن ۽ 2012ع ۾ 26 لک ٻاهرين فضائي آلودگي جڏهن ته 33 لک اندرين فضائي آلودگي جي ڪري موت جو شڪار ٿيا.