ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

جهڙي سياست تهڙو انتُ

طبقاتي سياست جي دنيا ۾ جيڪي گروھه ٿين ٿا انهيءَ ۾ ٻه گروهھ ته واضح ۽ چٽا آهن هڪ استحصالي دولت جو پوڄاري گروھه ۽ ٻيو استحصال جو شڪار ٿيندڙ پنهنجي محنت ڦرائيندڙ مظلوم طبقو. سياسي اصطلاحن ۾ هڪ کي جاگيردار ۽ بورجوازي گروھه چيو ٿو وڃي ۽ ٻئي کي پرولتارليا (مزدور )۽ هاري سڏيو ويندو آهي انهن ٻنهي گروهن سان باقي ٻيا پرت جن ۾ مڊل ڪلاس ۽ ننڍا ننڍا ٻيا گروھه شامل ٿي وڃن ٿا پر انهن ٻنهي ڪلاسن ۾ بنيادي جھيڙو هي آهي ته هڪ استحصال ڪري ٿو ۽ ان استحصال کي طاقتور رکڻ جي لاءِ هو سياست ۽ رياست جي طاقت کي پنهنجي طبقاتي مفادن لاءِ استعمال ٿو ڪري ٻيو طبقو جڏهن پنهنجي نجات جي جنگ وڙهي ٿو ته انهيءَ وٽ صرف ۽ صرف نجات جو رستو رڳو اهو آهي ته هو ان ئي هٿيار کي استعمال ڪري يعني جنهن جو نالو سياست آهي سياست جي دنيا ۾ اها بنيادي جنگ آهي اها ورڇ يعني طبقاتي ويڙھه يا سياست جتي واضح صورت ۾ ٽڪرائن ۾ ناهي يعني جتي مظلوم طبقو سياسي طور تي طاقتور ناهي ته انهن سماجن ۾ پوري سياست مٿانهين طبقي يعني استحصالي طبقي جي اندر پنهنجي پنهنجي اقتداري حاصلات جي لاءِ گروهي صورت ۾ رهي ٿي ۽ رهندي آئي آهي.
اهي گروھه رڳو اهي ناهن جن جي پاڻ مٿي نشاندهي ڪئي آهي پر مفادن حاصل ڪرڻ جي لاءِ رياست جي اندر جيڪي طاقتور پرت آهن اهي سياسي گروهن ۾ ورهايل ۽ تقسيم ٿيل نظر ايندا آهن ۽ اها ويڙھه اقتدار جي غير نظرياتي شخصي ٽڪرائن ۾ اهڙي بدترين صورت اختيار ڪري ويندي آهي جو انهن ۾ ڪڏهن ڪڏهن ڪي فرد ۽ گروھه تمام گھڻا مظلوم عوام دوست ۽ انقلابي لڳندا آهن پر وقت گذرڻ سان جڏهن کين طاقت ملندي آهي ته اهي رياست جي طاقت کي پنهنجي مفادن جي لاءِ اهڙي انداز ۾ ئي استعمال ڪندا آهن جيئن سندن خلاف پهريان اها طاقت استعمال ٿي هئي جن سماجن جي اندر اهي گروھه سياسي طور تي پوري طرح منظم ناهن هوندا يا شعوري بنيادن تي اتان جي ليڊرشپ سياسي پارٽين کي مڪمل طور تي عوام جي طاقت ۾ تبديل ناهي ڪندي ته اتي اها پوري ڪوشش ڪئي ويندي آهي ته ان رياست جي پرتن خاص ڪري فوج ۽ اسٽيبلشمينٽ کي ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان پاڻ سان جوڙي ۽ پنهنجي طاقت ۾ اضافي آڻڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آهي پر جتي سياسي پارٽيون تمام گھڻيون ڪمزور هجن ٿيون يا رکيون ويون آهن اتي رياست جي اسٽيبلشمينٽ سياست جي اندر ٻه طرفي مداخلت ڪرڻ شروع ڪري ڏيندي آهي هڪ سڌي طرح ۽ ٻي اڻ سڌي طرح.
هن رياست جي اندر سڌي طرح جي سياست ڪئي وئي يعني سڌي مارشل لائون لڳايون ويون، انهيءَ کان پوءِ اها حڪمتِ عملي اختيار ڪئي وئي آهي ته هاڻي اڻ سڌي طرح سياست ڪئي وڃي انهي جي لاءِ هڪ حڪمتِ عملي اها آهي ته جيڪي سياسي پارٽيون آهن انهن جي طاقت ۾ هڪ اهڙو گروھه شامل ڪيو وڃي جنهن کي اليڪٽيبل پرسن چيو ٿو وڃي يا اهڙا فرد جيڪي پنهنجي پارٽي کان وڌيڪ پنهنجي ذات ۽ مفادن سان وفادار ۽ جڙيل ٿا رهن انهن کي هڪ گروھه جي طور تي داخل ڪري ان پارٽي جو وزن وڌايو وڃي، جنهن کي هو اقتدار ۾ آڻڻ چاهن ٿا ۽ هن وقت پوري سياست پارٽي ليڊرز کان وڌيڪ ۽ خاص ڪري پارٽي ڪارڪنن کان وڌيڪ ان گروھه جي چوگرد گھمندي نظر پئي اچي.
جڏهن چاهيو ٿو وڃي انهن کي اشارو ڏئي اڏاريو ٿو وڃي ڪڏهن اليڪشن کان پهريان ته ڪڏهن وري اليڪشن کان پوءِ عمران خان جي پي ٽي آءِ هجي يا ن ليگ يا پ پ پ اها گيم ڦري گھري ان صورت ۾ نظر اچي ٿي پئي عمران خان ته ان کي پنهنجي ڪپتاني جي ٽائيٽل واري تڪبرانا انداز سان وڪٽ ڪرائڻ چيو جو هو پاڻ کي ڪرڪيٽ جو عالمي فاتح سمجهندي سياست ۾ به اهائي ڪپتاني ڏيکارڻ شروع ڪئي. گذريل اليڪشن ۾ جن قوتن کين فاتح ڪيو ته هن اهوئي سمجھو هو ته هن کان سواءِ ٻيو آپشن ناهي پر جڏهن حالتون بدليون مفاد بدليا ته هو پنهنجو توازن برقرار رکي نه سگھيو ۽ وري اها پرواز شروع ٿي وئي جيڪا پهريان هن جي پارٽي ڏانهن آئي هئي ۽ هاڻي واپسي شروع ڪئي آهي.
انهيءَ کي نظرياتي اخلاقي اصولن تي پرکڻ جي بجاءِ پاڻ اهوئي ٿا چئي سگھون ته هي سياست آهي ئي اهڙي، انهن جي اهائي ڪيمسٽري آهي ۽ اهو منظر يا ڏيک نئون ناهي هن ملڪ جي مني صدي جي اشرافيا سياست جي اندر تسلسل سان هلندڙ ڪلچر آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button