ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

سماج کي غيرسياسي بنائڻ آمراڻي سوچ آهي

جنهن ڏينهن کان پي ٽي آءِ کي هڪ سياسي پارٽي طور وکرندي ڏسون پيا، ان ڏينهن کان دنيا جي عظيم سپهه سالار نيپولن بونا پارٽ، جنهن دنيا جي سرحدن کي ايترو تيزيءَ سان اورانگهيو هو، جيتريون هن لانگ بوٽ جون ڪهيون به تبديل نه ڪيون هيون. ان جو هي قول ذهن جي اسڪرين تي ڇانيل آهي.
“If you build an army of 100 lions and their leader is a sheep, in any fight, the lions will die like a sheep, but if you build an army of 100 sheep and their leader is a lion, all sheep will fight like a lion.”
(جيڪڏهن توهان 100 شينهن جي فوج ٺاهيندو ۽ انهن جي سربراهه رڍ هوندي ته ڪنهن به جنگ ۾ شينهن رڍ جيان ماريا ويندا، پر جيڪڏهن توهان 100 رڍن جو سربراهه شينهن بڻائيندو ته سموريون رڍون شينهن جيان وڙهنديون)
نيپولين بونا پارٽ جو هي قول، سو سيڪڙو عمران خان تي پورو لهي ٿو. جيڪڏهن سياسي ليڊر ٻرن ۾ لڪي وڃي ۽ ڪارڪنن کي فورسز جو ٻارڻ بڻايو ويندو ته صورتحال اهڙي ئي ٿيندي، جهڙي پي ٽي آءِ جي ٿي آهي. ڪنهن کي به خوش نه ٿيڻ گهرجي ته ڪنهن به سياسي پارٽي کي غيرسياسي قوتون پنهنجو کاڄ بڻائين،سياسي ڪارڪنن کي ڪهڙي حڪمت عملي تحت جدوجهد جو گس ٻڌائڻ گهرجي، هي سياسي قيادت جي ويزن جو مسئلو آهي. ٽيڪنالاجيءَ جي هن زماني ۾ وڙهڻ لاءِ هٿيارن جي ضرورت ناهي، نه ئي بم بارود گڏ ڪري هوشو شيدي جيان ٺڪا ٺڪي ڪرڻ جي ضرورت آهي. ڪنهن به قوت، اها ڪهڙي به هجي، ان سان وڙهڻ لاءِ اڻ ڳڻيا هٿيار هوندا آهن. “علم تدريس مظلومن لاءِ” جي ليکڪ پائلو فريري ڪيتري نه شاندار ڳالهه ڪئي ته “عمل، علم کانسواءِ انڌو ٿيندو آهي.” پي ٽي آءِ جا اڳواڻ ۽ ڪارڪن به سياسي علم کان وانجهيل رهيا، انهن جي ذهن ۾ سياسي کيتي ٻاڙي نه ڪئي وئي، نه ئي انهن جي تربيت ڪئي وئي. ان ڪري هو بي يارو مددگار ماريا پيا وڃن. روزانو اڳواڻ پريس ڪانفرنسون ڪري پارٽيءَ کان الڳ ٿي رهيا آهن ۽ اهڙا اهڙا الزام لڳائين پيا، جيڪي آهن ته هڪجهڙا، پر اهي ڪنهن به ليڊر تي لڳائڻ سان ڪنڌ شرم وچان جهڪي وڃي ٿو.
پي ٽي آءِ جو چيئرمين عمران خان، جنهن ساڍن ٽن سالن دوران رڳو هي ثابت ڪيو ته هو يوٽرنز جو ماهر هو ۽ وري هي ڳالهه به چوندو رهيو ته وڏا ليڊر مصيبت کي سامهون رکندي، يوٽرنز وٺندا آهن. حڪمت عملي رڳو يوٽرنز ناهن،پر ٻيا به ڪيترائي طريقا آهن، خاص ڪري پنهنجي پارٽي ۽ ان جي ڪارڪنن کي بچائڻ به ليڊر جو ڪم آهي، پر هو پنهنجو فرض نڀائڻ ۾ ناڪام ٿيو. اسان وٽ ڀٽائي چيو ته-
ڪڏهن ٿئجي ڪن، ڪڏهن ٿئجي وات،
ڪڏهن ٿئجي ٻڪرو، ڪڏهن ٿئجي ڪات
هي هڪ شاعر جي حڪمت عملي هئي، پر اها ڳالهه نيپولن بونا پارٽ ڪجهه هن ريت چئي:
“مان ڪڏهن لومڙي ۽ ڪڏهن وري شينهن هوندو آهيان، حڪومت جو سمورو راز ان ڳالهه ۾ سمايل آهي، ڪڏهن مون کي لومڙي ۽ ته ڪڏهن شينهن ٿيڻو آهي”.
هي عام ڳالهه آهي ته جيڪڏهن هڪ اڳواڻ يا ليڊر،پنهنجن سياسي ڪارڪنن کي ڪرڪيٽ جي ٽيم جيان سمجهي ۽ انهن کي رڳو هي سيکاري ته ڪنهن کي بيٽ، ڪهڙي ريت هڻڻ گهرجي، پاڻ وري سافٽ بال جو ماهر هجي ته انهن وٽ سياسي ڏاهپ ڪٿان ايندي؟ ان تي ڪيترن ئي ماڻهن کي اتفاق هوندو ته هن ملڪ ۾ ڪيتريون غيرسياسي حڪومتون رهيون، جن جو ڪم سماج کي غيرسياسي بنائڻ هو، خاص ڪري نوجوان طبقي کي هي سمجهايو ويو ته سياست منع ٿيل ميوو آهي. وري اهي شهري، جن جي ٻارن جا قصا ۽ ڪهاڻيون رڳو مشهور ڪميونسٽ اڳواڻ سجاد ظهير جي ناول “لندن ڪي ايڪ رات” ۾ نظر ايندا هجن ۽ انهن ٻارن کي لارا لپا ڏئي سياست جي ميدان ۾ ته لاٿو ويو، پر سياسي گر نه سيکاريا ويا. اسان جي ملڪي سياسي تاريخ ۾ هڪڙو “لنڊن گروپ” به هو، جيڪو بلوچن جي گوريلا جنگ وڙهڻ لاءِ ويو هو، انهن ۾ مشهور صحافي نجم سيٺي به شامل هو. حيرت جهڙي ڳالهه آهي ته جنهن فورس جي خلاف هو گوريلا جنگ وڙهڻ لاءِ ويا پئي،انهن جي ئي هيليڪاپٽر ۾ چڙهي نجم سيٺي مري قبيلي جي علائقي ۾ لينڊنگ ڪئي. ان گروپ جي مالي مدد وري ڪينيا جي هڪ واپاري محمد ڪئي هئي. هي سياسي ٽريپ هو، جنهن ۾ وڏن گهراڻن جا ٻار ڦاٿا ۽ هو چي گويرا کان متاثر هئا ۽ گوريلا جنگ وڙهڻ لاءِ انهن بلوچستان جي مري علائقي کي بوليويا سمجهيو. هي ساڳيو ٽريپ عمران خان جو هو، جنهن ۾ وڏن گهراڻن خاص ڪري رٽائرڊ ۽ آن ڊيوٽي، سويلين ۽ نان سويلين جا ٻار شامل هئا ۽ انهن ملڪ کي ڪرپشن کان پاڪ ڪري نئون پاڪستان اڏڻ جو خواب ڏٺو هو. هنن جي سوچ ته صفا مائوزيتنگ واري ثقافتي انقلاب جهڙي هئي.
هن ملڪ ۾ خاص ڪري انبوهه جي سياست ۾، ڪير به ضمانت ڏئي نٿو سگهي ته ويڙهه ۾ شامل، سبوتاج ڪندڙ ۽ سمورين تاريخي ۽ غير تاريخي شين کي تباهه ڪندڙ ڪهڙي ڌر، گروپ يا فورس آهي. انهن کي اهو ئي ڪرڻو آهي، جيڪو کين سمجهايو ويو. هڪ طرف عمران خان تي الزام آهي ته هن سموري ڊرامي جي رٿابندي ڪئي ۽ ان جو نتيجو تباهيءَ جي صورت ۾ سامهون آيو ته ٻئي پاسي عمران خان ۽ ان جي حامين جو الزام آهي ته حملو ڪندڙ ڪي ٻيا هئا.
شيرين مزاري جهڙا پڙهيا لکيا ماڻهو، اسد عمر ۽ ٻيا جيڪي ٽيڪنوڪريٽ هئا، اهي به ٽٽي پيا، انهن توبهه ڪري ڪنڊ وسائي. هي جيڪي ڪجهه ٿيو، ان مان عقل وارا سبق ئي سکي سگهن ٿا. جيڪي روايتي پارٽيون، جن تي پي ٽي آءِ ڪرپشن جا الزام هنيا ۽ انهن کي هميشه لاءِ ختم ڪرڻ جا خواب ڏٺا. اهي به بغض معاويا ۾، نان سويلين قوتن سان گڏجي جالوت ۽ طالوت وارو ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. انهن به تاريخ مان سبق نه سکيو آهي. هو سمجهن ٿا ته ڀلي ان سياسي قوت جي صفائي ٿي وڃي، جيڪا چيلينج بڻجي انهن جو متبادل ٿي. هي سموريون روايتي سياسي پارٽيون آهن، اهي خاندانن جي فردن جي ڪلهن تي سياسي ميدان ۾ موجود آهن. انهن پارٽين جي اندر جيڪا جمهوريت آهي، هو ان معيار جو جمهوري ڪلچر سماج ۾ پيدا ڪري رهيا آهن. سمورين سياسي پارٽين کي جمهوري اسپرٽ سان گڏ عوام جي سياست ڪرڻ جي ضرورت آهي، جيڪڏهن سياسي اڳواڻ غيرسياسي قوتن جي ڪلهن تي چڙهي ايندا ته ملڪ ۾ نه ئي ادارا مضبوط ٿيندا، نڪي وري حقيقي جمهوريت جو سج اڀري سگهندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button