پاڪستانسنڌ

خانپورمهر ڀرسان ڀيڻ ۽ ڀائر سميت 3 ٻارڙا پاڻي جي کڏ ۾ ڪري ٻڏي فوت

خانپورمهر: خانپورمهر ويجهو ڳوٺ گلزار مهر ۾ 5 سالن جو نديم، 7 سالن جي ڀيڻ شاهينا مهر ۽ 6 سالن جو سئوٽ زاهد مهر پير ترڪڻ ڪري پاڻي جي کڏ ۾ ڪري ٻڏي فوت ٿي ويا. اطلاع تي ڳوٺاڻن پهچي ٻارڙن کي پاڻي مان ڪڍي مقامي اسپتال کڻائي آيا، جتي ڊاڪٽر ٻارن جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي. جڏهن ته ٽنهي ٻارن جا لاش قانوني ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيا ويا. ٻئي طرف ٻارڙن جا لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو ۽ مائرن کي بيهوشي جا دورا پئجي ويا. ان حوالي سان ٻارن جي وارثن محبوب مهر، الهبچايو مهر ۽ ٻين ٻڌايو ته ڳوٺ جو نئون روڊ تعمير ٿئي پيو، جنهن لاءِ ڪرينن ذريعي کڏا کوٽيا ويا آهن، ٻارڙا راند ڪندي پير ترڪڻ سبب کڏ ۾ ٻڏي فوت ٿيا آهن. هوڏانهن وڏي وزير جو خاص مددگار مير بنگل خان مهر متاثر ڪٽنب وٽ پهچي ساڻن ڏک جو اظهار ڪيو. ان موقعي تي مير بنگل خان مهر ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته انتهائي افسوسناڪ واقعو پيش آيو آهي، ڪنهن جو درد بيان نٿو ڪري سگهجي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button