اسلام آبادپاڪستان

عمران خان ڳالهين جي نه اين آر او جي اپيل ڪئي آهي:مريم اورنگزيب

اسلام آباد :سڌ سماءَ واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته رياست تي حملو ڪندڙن کي سزا ڏني وڃي ٿي، انهن سان ڳالهيون نٿيون ڪيون وڃن. عمران خان صاحب هي ڳالهين جي نه اين آر او جي اپيل آهي. ڪالهه پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته 60 ارب رپين جو ڌاڙو هڻندڙ فارن ايجنٽ، توشا خانا چور سان ڳالهيون نه بلڪه قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو آهي. هن چيو ته جي ايڇ ڪيو، قومي عمارتن ۽ فخر جي علامتن تي حملا ڪندڙن سان ڳالهيون نٿيون ٿي سگهن. شهيدن جي يادگارن جي بي حرمتي ڪندڙن سان ڳالهيون ڪرڻ شهيدن جي بي حرمتي آهي. مريم اورنگزيب چيو ته ايمبولينسز، اسپتالن ۽ اسڪولن کي ساڙي ملڪ ۾ وڳوڙ ۽ ڀڃ ڊاهه ۽ ڏڦيڙ پيدا ڪندڙ نوجوانن جي ذهن ۾ زهر ڀري هاڻي چوي ٿو ته ڳالهيون ڪرڻيون آهن؟ قوم وطن ۽ شهيدن جي مجرمن، دهشتگردن جي اڳواڻن سان ڳالهيون نٿيون ٿي سگهن. هن چيو ته واريءَ وانگر جماعت جي وکري وڃڻ کان پوءِ ڳالهيون ياد آيون آهن؟ هن چيو ته جهازن م ڀري ڀري ماڻهن کي پٽا پارائي پي ٽي آءِ بڻائي هئي، جيڪي پارٽيون سياسي نه هونديون آهن اهي اهڙي طرح وکري وينديون آهن. هن چيوته نواز شريف، شهباز شريف، حمزه شهباز، مريم نواز سميت سڄي قيادت سوين ڏينهن جيلن ۽ عقوبت خانن ۾ گذاريا، ڪوڙن ڪيسن کي منهن ڏنو، ڄمي بيٺا رهيا ۽ الله تعاليٰ کين سرخرو ڪيو. هن سوال ڪيو ته تون معيشت تي ڳالهيون نه ڪيون هاڻي ڇو؟ تو ڪشمير، سيڪيورٽي جهڙن قومي معاملن تي ڳالهيون نه ڪيون هاڻي ڇو؟ تو ڪرونا جي مسئلي تي گڏجي نه ويٺين هاڻي ڇو؟ تو ايف اي ٽي ايف جي مسئلي تي ڳالهيون نه ڪيون هاڻي ڇو؟ اطلاعات ۽ نشريات واري وزير چيو ته ملڪ ۾ باهه لڳائڻ، ڏڦيڙ پکيڙڻ، ذهنن ۾ نفرت جي باهه ڀڙڪائيندڙ هٿياربند جٿن سان ڳالهيون نٿيون ٿي سگهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button