ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

آدمشماريءَ تي سنڌ جو احتجاج

سنڌ ۾ ٿيل ڊجيٽل آدمشماريءَ جي حوالي سان سنڌ جون سياسي ۽ ساڃاهه وند ڌريون اعتراض وارينديون رهيون آهن ۽ اهي ان ڳالهه جو اظهار پڻ ڪنديون رهيون آهن ته هاڻوڪي ٿيل آدمشماري ناقص آهي، تنهنڪري ان کي ڪنهن به ريت قبول نٿو ڪري سگهجي. هي هڪ اهڙي آدم ڳڻپ آهي، جيڪا سنڌ جي ماڻهن مٿان مڙهي وئي آهي، ڇاڪاڻ ته سنڌ ۾ بهتر نموني آدمشماري ڪئي ئي ناهي وئي. ان کان سواءِ هاڻوڪي آدمشماريءَ تي ٿيندڙ اعتراض رڳو سنڌ جي قومپرست ڌرين جا ڪونه آهن پر سنڌ حڪومت به اعتراض واريندي رهي آهي. پيپلز پارٽي اڳواڻ تاج حيدر پڻ ان ڳالهه جو اعتراف ڪري چڪو آهي ته سنڌ جي لڳ ڀڳ ٽي ڪروڙ ماڻهن کي گهٽ ڏيکاريو ويو آهي. جنهن جو مطلب آهي ته هڪ بنهه وڏو اڳ ڳڻپ کان رهجي ويو آهي، ان ڪري ٻه ڏينهن اڳ جيئي سنڌ محاذ جي سڏ تي ڦيٿا روڪ ۽ شٽربند هڙتال ڪئي وئي.
ڊجيٽل آدمشماري جي نتيجن، قبيلائي جھيڙن، مھانگائي، ڌاڙيل راڄ، لاقانونيت ۽ ٻين سنڌ دشمن مسئلن خلاف جيئي سنڌ محاذ جي سڏ تي ڪيترن ئي شهرن ۾ شٽربند ۽ ڦيٿا روڪ هڙتال ڪري احتجاج ڪيو ويو آهي. جيئي سنڌ محاذ (رياض چانڊيو گروپ) ۽ جسقم طرفان ڏنل هڙتال جي سڏ تي کي سنڌ واسين ڀرپور موٽ ڏني. حيدرآباد ۾ قاسم آباد، نسيم نگر، سٽيزن ڪالوني، گدو چوڪ، وحدت ڪالوني، حسين آباد، جي آ ڪالوني ۽ لطيف آباد سميت شهر جي اڪثرن علائقن ۾ ڪاروبار بند رهيو ۽ روڊن تي گهٽ گاڏيون نظر آيون. لاڙڪاڻي ۾ مڪمل طور تي شٽربند هڙتال ڪئي وئي، شهر جا مک ڪاروباري مرڪز ريشم گلي، شاهي بازار، جيلس بازار، لاهوري پاڙو، باقراڻي روڊ، رائل روڊ، بندر روڊ، بئنڪ اسڪوائر روڊ، جناح باغ روڊ، اسٽيشن روڊ سميت ٻين هنڌن تي ڪاروبار بند رکيو ويو. هڙتال سبب شهر ۾ ٽريفڪ معمول کان گهڻي گهٽ رهي. گهوٽڪي ۾ به شهرين پنهنجو ڪاروبار بند رکيو، هوڏانهن نوابشاهه ۾ ڊجيٽل آدمشماري خلاف هڙتال جي سڏ کي ڀرپور موٽ ڏني وئي، شھر جا اڪثر ڪاروباري علائقا سڪرنڊ روڊ، اسپتال روڊ، مارڪيٽ روڊ، ڪپڙا مارڪيٽ، منو آباد، ايسرپورا، قاضي احمد موڙ، بانڪا رام روڊ، لياقت مارڪيٽ، موھني بازار، گول چڪرو ۽ ٻيا علائقا مڪمل طور بند رھيا، جڏھن ته شھر جا روڊ رستا مڪمل طور ويران نظر آيا. شڪارپور ۾ جيئي سنڌ محاذ جي مرڪزي سڏ تي شٽربند هڙتال ڪري ڪارڪنن شاهي بازار سميت ٻيا ڪاروباري مرڪز بند ڪرائي ڇڏيا. ٽنڊي الهيار شھر ۾ به ڪاروبار بند رکيو ويو، روڊ رستا ٽرئفڪ نه ھئڻ ڪري ويران رهيا، پوليس جسم جي 5 ڪارڪنن کي زبردستي موٽرسائيڪلن تان ھيٺ لاھي موبائيل ۾ ويھاري ٿاڻي تي وٺي وئي. ان موقعي تي جسم اڳواڻن باغي حبيب الله ڪالرو، وقار بوزدار ۽ ٻين چيو ته سنڌ واسين ڊجيٽل آدمشماري کي نامنظور ڪري ڇڏيو آهي. ٻئي طرف سکر، نوشهروفيروز، ڀٽ شاهه، چوهڙ جمالي، ميرپور بٺورو، گولاڙچي، ٽنڊوڄام، مورو، باقراڻي، وارهه، نصيرآباد، رتوديرو ۽ ٻين ننڍن وڏن شهرن ۾ ڪاروبار بند رکي جسم ۽ جسقم جي سڏ تي احتجاج ڪيو ويو.
اسين سمجهون ٿا ته هي هڙتال سنڌ جي ماڻهن جو پرامن احتجاج آهي. انهن کي هاڻوڪي آدمشماري ڪنهن به ريت قبول ڪونهي. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته جيڪي ماڻهو ڳڻپ کان رهجي ويا آهن، انهن کي وري ڳڻيو وڃي ۽ ان کان سواءِ هاڻوڪي آدمشماري واري طريقيڪار ۾ جيڪي خاميون آهن، انهن کي ختم ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button