سنڌ

مٺي ڀرسان پاربرهم ميلي تي ويندڙ ياترين تي وڄ ڪِري پئي، ٻن ڀائرن سميت 6 فوت، 7 زخمي

مٺي ڀرسان پاربرهم جي ميلي تي ڳوٺ ويڙيجهپ ڏانهن ويندڙ هندو ياترين جي پيادل قافلي تي کنوڻ ڪرڻ سبب ٻن ڀائرن سميت 6 ياتري فوت ٿي ويا آھن ۽ 7 زخمي ٿيا آھن. فوتين ۾ مٺي واسي سنتوش سونارو، گوپي سونارو، وويڪ لوهاڻو، ويلو ڪولهي، لالو ڪولهي ۽ ڀلجي ڪولهي شامل آھن. ٻڌايو پيو وڃي ته مٺي کان پاربرهم جي ميلي تي پيادل ياترين جو قافلو ساتار ڳوٺ وٽ پهتو ته تيز برسات شروع ٿي وئي، جنهن سبب قافلو مقامي ڳوٺاڻن وٽ چانهه پيئڻ لا رڪيل هو ته ياترين مٿان 3 دفعا کنوڻ ڪري پئي جنهن ڪري 6 انسانيون جانيون ضايع ٿي ويون، ضلعي انتظاميا لاپرواهي جي انتها ڪندي واقعي واري هنڌ نه پهتي، شھرين پنهنجي مدد پاڻ تحت گاڏين ذريعي فوتين جا لاش ۽ زخمين کي اسپتال پهچايو. اهڙي دردناڪ واقعو اطلاع ملڻ بعد سوين شهري رت جا عطيا ڏيڻ لا مٺي سول اسپتال پهچي ويا، جتي ماحول سوڳوار ٿي ويو. اسپتال ۾ زخمين جي حالت سڌرندڙ ٻڌائي وڃي ٿي، واضع رهي ته پاربرهم جي ميلي تي هر سال هندو ياترين جو ڇڙي صاحب جي نالي سان پيادل قافلو نڪرندو آھي جيڪو ڪالهه مٺي کان روانو ٿيو هو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button