سنڌ

ميرپوربٺوري مان به امن موڪلائي ويو، ڦر واقعن خلاف استادن جي تنظيمن جا مظاهرا

ميرپور بٺوري ۾ وڌندڙ بدامني خلاف استادن جي تنظيمن گسٽا ۽ پ ٽ الف طرفان ريليون ڪڍي پريس ڪلب اڳيان ڌار ڌار احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا. ان موقعي تي عبداللطيف شورو، امجد خيرپوري، مولوي طفيل احمد کٽي، ربڏنو ڪنڀار، منور شورو ۽ عباس پليجي چيو ته ميرپور بٺوري ۾ بدامني سبب روڊ رستا غير محفوظ آهن، ڏينهن ڏٺي ڦر جون وارداتون معمول بڻجي ويون آهن. هنن چيو ته بٺوري جا استاد ڏورانهن علائقن ۾ ڊيوٽي تي وڃن ٿا ته کانئن موٽر سائيڪلون ۽ ٻيو سامان ڦر ڪيو وڃي ٿو، بٺوري جي استادن وحيد کٽي ۽ قادر زئور کان ٿيل ڦر واقعي کي 5 ڏينهن گذري چڪا آهن پر پوليس ڏوهارين خلاف ڪابه ڪاروائي ڪرڻ لاءِ تيار ناهي، جنهن سبب ڏوهارين کي کلي ڇوٽ مليل آهي. هنن مطالبو ڪيو ته بدامني تي ضابطو آڻي استادن ۽ شهرين کان ڦر واقعن ۾ ملوث ڏوهاري گرفتار ڪيا وڃن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button