اختر جي ڪهاڻي “ڪچي مسيت” ۾ اهو بيانيو واضح نموني پڙهڻ لا ملي ٿو. هي ڪهاڻي ضمير متڪلم ۾ بيان ڪيل آهي، جنهن ۾ مک ڪردار ملسمان هوندي هڪ غير مسلم ڇوڪري روپا سان محبت ڪري ٿو. اهي گلن جي ٻنين ۾ ملن ٿا. ڳوٺ ۾ هڪڙي ئي ڪچي مسيت آهي جنهن کي مک ڪردار جو نانو سنڀالي ٿو. ڳوٺ ۾ ڪوبه مذهبي متڀيد نه آهي، هر ڪو پنهنجي ڪم سان ڪم رکي ٿو. جتي عيدن جون خوشيون ملهايون وڃن ٿيون، اتي ئي ٿڌڙي ۽ ڏياري جون خوشيون به ملهائجن ٿيون. پو هڪ ڏينهن ڳوٺ ۾ هڪ ٽولو اچي ٿو. اهو ٽولو مسيت ۾ رهڻ گهري ٿو. ڳوٺ جا ڪي ماڻهو راضي آهن ته ڪي وري ان ڳالهه تي راضي نه آهن ته ڳوٺ جي مسيت ڌارين جي حوالي ڪري ڇڏجي. نيٺ اها ڪچي مسيت ان ٽولي حوالي ٿي وڃي ٿي. ڏسندي ئي ڏسندي اها ڪچي مسيت پڪي ٿي وڃي ٿي، ان ۾ مدرسو به کلي وڃي ٿو. هوريان هوريان ڳوٺ ۾ نفرتون وڌڻ لڳن ٿيون، غير مسلمانن کي جبري مسلمان ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ٿي. ان جي ڪري روپا وارا ڳوٺ ڇڏڻ تي مجبور ٿي پون ٿا. ڳوٺ وارن جي بي ڌيانيءَ جي ڪري مسيت جي تهه خاني ۾ بارود اچڻ لڳي ٿو ۽ پو هڪ ڏينهن مسيت ۾ هڪ وڏو ڌماڪو ٿئي ٿو، جنهن مان خبر پئي ٿي ته اهو هڪ دهشتگرد ٽولو هو، جيڪو ڳوٺ جي مسيت ۾ بم وغيره ٺاهيندو هو.
هن ڪهاڻيءَ ۾ اسان کي عام سنڌي ماڻهوءَ جي مذهبي رويي جي ڄاڻ به ملي ٿي. عام سنڌي ماڻهو مذهب جي حوالي سان orthodox هجڻ بدران traditional رهيو آهي. ان مان مراد ته هن لا مذهب رڳو نماز، روزو ۽ حج وغيره جهڙا بنيادي رڪن پورو ڪرڻ آهي. هو پنهنجي مذهب کي ٻئي ڪنهن تي اجايو مڙهڻ جي ڪوشش نه ڪندو آهي، جيڪو جتي هجي اتي خوش هجي. مذهبي طور هر ڪو پنهنجي ڪم سان ڪم رکي. مذهب ڏانهن اهو ئي رويو سنڌ جي مذهبي رواداري جو بنيادي نقطو آهي. ان جي ڀيٽ ۾ هن ڪهاڻيءَ ۾ اهو ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آئي ته ٻاهران ماڻهو اچن ٿا ۽ سنڌ ۾ اچي مذهبي بنيادپرستي کي هٿي ڏين ٿا. ماڻهن کي ڪٽرپڻي تي اڪسائين ٿا، اهي ماڻهن جو جبري مذهب مٽائين ٿا يا وري اهڙيون حالتون پيدا ڪن ٿا جو ماڻهن کي پنهنجا اباڻا ڪک ڇڏي لڏپلاڻ ڪرڻي پئي ٿي. ان جو وڏي ۾ وڏو نقصان اهو ٿو رسي ته اهي مذهبي جنوني ملڪيتن جا مالڪ ٿي ويهي رهن ٿا ۽ ويتر عام ماڻهن جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏين ٿا. اهي مدرسا قائم ڪري نوجوان ذهنن کي مذهبي جنونيت جي بارود سان ڀري ڇڏين ٿا. انهن جي اهڙي روش جي ڪري سنڌ جي مذهبي رواداري واري ماحول کي وڏو ڪاپاري ڌڪ لڳو آهي. جنهن سنڌ کي صدين کان صوفين ۽ سنتن جي سرزمين سڏيو ويندو هو، اتي هاڻي روز ڪنهن نه ڪنهن هندو نياڻي کي اغوا ڪري جبري ان جو مذهب مٽرايو وڃي ٿو. ذاتي مفادن جي ڪري ماڻهن تي مذهبي توهين جو ڪوڙو ۽ بي بنياد الزام مڙهيو وڃي ٿو. هي اها سنڌ ته نه هئي جنهن جا اسان خواب ڏٺا هئا ۽ جنهن جا اسان داستان ٻڌا هئا. اها سنڌ مذهبي جنونيت ۾ گم ٿي چڪي آهي، جنهن جي عڪاسي اختر پنهنجي ڪهاڻي “ڪچي مسيت” ۾ شاندار نموني ڪئي آهي.
ان کانسوا ڪردارن جا جملا، ڳوٺ جو ماحول، خوف ۽ هراس، خوبصورت منظر نگاري هن ڪهاڻيءَ جون خوبيون آهن. حقيقت نگاريءَ ۾ ڪهاڻي لکڻ وڏو ڏکيو ڪم آهي. حقيقي ماحول ۽ واقعو پيش ڪندي ڪندي ايئن به محسوس ٿيندو آهي ته ليکڪ افساني ۽ صحافت واري فرق کي وساري ويٺو آهي ۽ افساني بدران صحافتي دهشتگردي ڪرڻ لڳو آهي. پر اختر جي هي ڪهاڻي پڙهندي ڪٿي به اهو محسوس نٿو ٿئي ته ڪو ڪهاڻيءَ تي صحافتي پاسو حاوي ٿي ويو هجي. اختر جي لکڻ جو اهو انداز به هن ڪهاڻيءَ کي ويتر ئي خوبصورت بڻايو ڇڏي.
جيڪڏهن سنڌيءَ جي شاهڪار ڪهاڻين جي فهرست ٺاهجي ته اها فهرست اختر جي هن ڪهاڻي بنا اڻپوري هوندي. ان فهرست ۾ “ڪچي ميست” جو ذڪر نه ڪري اختر سان ته ناانصافي ڪئي ويندي پر ان کان وڌيڪ اها سنڌي ڪهاڻيءَ سان ناانصافي هوندي جو اهڙي اهم موضوع تي اهڙي خوبصورت انداز ۾ بيان ڪيل هن ڪهاڻيءَ کي نظرانداز ڪيو وڃي. ڪيترن ئي جديد سنڌي ڪهاڻين سان گڏ اختر جي هي ڪهاڻي به اسان جي ڪهاڻيءَ کي عالمي سطح جي ڪهاڻي بڻائي ٿي.
(پورو ٿيو)