پنجاب ۾ سياسي بحران چوٽ چڙهيل آهي. پي ٽي آءِ جي باقي بچيل اڳواڻن توڙي ورڪرن جي پويان پوليس پيل آهي. هن وقت احتجاج جي باهه ڀلي وسامي وئي هجي پر پوري صوبي ۾ بحران جو دونهون ڀرجي ويو آهي. پنجاب ۾ سياسي آزاديءَ سان ساهه کڻڻ تمام مشڪل بڻجي ويو آهي. پنجاب جو ڪنهن صوبي سان نه پر پاڻ سان جهيڙو آهي. ان جهيڙي ۾ پنجاب جي هار ۽ پنجاب جي جيت ٿيندي. پر ڪهڙو پنجاب مات ٿيندو؟ ڪهڙي پنجاب جي فتح نصيب ٿيندي؟ هنن حالتن ۾ اهڙن سوالن تي سوچڻ لاءِ به ڪنهن وٽ وقت ناهي. پنجاب پنهنجي پير ۾ پيل اهو زنجير لاهڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، جيڪو زنجير هن ڪڏهن گهنگهرو وانگر وڄائڻ جي تمنا ڪئي هئي پر هاڻي ان زنجير کي نهايت تڪليف سان گهلي رهيو آهي.
سياسي بغاوت جي تمنا الڳ شيءَ هوندي آهي ۽ سياسي بغاوت الڳ شيءَ هجي ٿي. ماڻهو جنگين جون ڳالهيون ڪن ٿا. ليڊر جنگين جا اعلان ڪن ٿا. پر جڏهن جنگ لڳندي آهي، تڏهن انسانن کي امن جي اهميت جو احساس ٿيندو آهي. ڪا اهڙي ڪيفيت ان تحريڪ انصاف جي به هئي، جنهن جا ڪارڪن پارٽيءَ جي نغمن ۽ نعرن تي نچندا هئا پر صرف پڇتاءَ جا پاڇا پنجاب جي مٿان ايترا ته لڙي آيا آهن جو هن مهل تائين اهي ختم ٿيڻ جو نالو نه ٿا وٺن.
پنجاب هن وقت تمام تڪليف ۾ آهي. هن جو وجود ورهايل آهي. هن کي پاڻ به معلوم ناهي ته هو ڪنهن طرف آهي؟ ڇو ته جن قوتن ۾ ٽڪراءُ تمام گهڻو وڌيل آهي، اهي قوتون ڪڏهن پاڻ ۾ هڪ هيون. انهن ڪڏهن سوچيو به نه هو ته انهن جي مٿان هڪ وقت اهڙو به ايندو جو انهن جا هڪ ٻئي جي گريبان ۾ هٿ هوندا ۽ هو هڪ ٻئي مٿان اهڙيون تهمتون مڙهينديون، جن کي ٻڌي دنيا دنگ رهجي ويندي. هن وقت پنجاب جي حالت عجيب آهي. هن مهل پنجاب پاڻ به سمجهي نه ٿو سگهي ته هو ڇا آهي ۽ ڇا ٿو چاهي؟ هن وقت پنجاب اهڙي عمل ۾ مصروف آهي يا هو اهڙي ڪيفيت مان گذري رهيو آهي، جنهن کي ڏسندي اهو به لکي سگهجي ٿو ته پنجاب پنهنجي تلخ تاريخ جو ازالو پيش ڪندو هجي. ڇو ته پنجاب عوامي سطح تي جنرل ضياءَ کان پوءِ ان سچي سياست جو ساٿ نه ڏنو، جنهن جي باري ۾ هن کان تاريخ تقاضا ڪندي رهي.
پنجاب جي اهڙي ڪردار تي اتان جا ترقي پسند تمام دل سان اهو ڪجهه تسليم ڪندا هئا، جنهن ۾ انهن جي لاءِ تڪليف جو سرس سامان هو. هو طبقاتي طور تي اهو مڃيندا هئا ته ظلم پنجاب ۾ به آهي ۽ پنجاب ۾ به جمهوري ۽ غيرجمهوري سياست جو هڪ سڳو موجود آهي ۽ ان سڳي کي سوريندڙ ٻنهي قسمن جا ماڻهو آهن پر هو ڪوئي ٺوس مثال پيش نه ڪري سگهندا هئا پر ڪنهن ٿي ڄاتو ته پنجاب جي موقعي پرستيءَ واري سياست جي پيٽ ۾ هڪ بغاوت جو جنم به ٿي رهيو آهي. پر ان سلسلي ۾ افسوس جي ڳالهه اها آهي ته اها بغاوت پوءِ به حقيقي ۽ سچي قيادت کان محروم رهي آهي. هن وقت به پنجاب جيڪو ڪجهه ڪري رهيو آهي، اهو ڪو ٻيو صوبو سوچي به نه ٿو سگهي. ڇو ته هن وقت سنڌ ۾ سياسي قيدين جو نالي ماتر وجود به ناهي. جن سياسي پارٽين جا ڪجهه گمنام ڪارڪن جيلن ۽ ٽارچر سيلن جي حوالي آهن، انهن جي مٿان الزامن جي نوعيت الڳ آهي. سنڌ سياسي حوالي سان ملڪ جو سرواڻ صوبو رهيو آهي. پر هن مهل سياسي مقابلي جي مهنداري مڪمل طور تي پنجاب ڪري رهيو آهي. هن وقت نه صرف هزارين مرد به تمام گهڻيون عورتون به جيلن ۾ آهن ۽ انهن جي مٿان ڪو ڪرمنل ڪيس ناهي. انهن کي سياسي عمل جي ڏوهه ۾ قيد ڪيو ويو آهي ۽ عورتن جي حوالي سان جيڪي افواهه گردش ڪري رهيا آهن، انهن جي نوعيت تمام گهڻي حساس آهي. ڪنهن تي ڄاتو ته جڏهن پنجاب اٿندو ته اهو ان طرح سان اٿندو جو اهو اڪيلو هوندو.
پنجاب جي پوري طاقت به هن جي سياسي ڪردار ۾ شامل ٿي وڃي ته تڏهن به اها اها منزل حاصل ڪري نه ٿي سگهي، جيڪا منزل صرف هڪ ملڪ جي مقدر ۾ هوندي آهي. ڇو ته مني ملڪ جي آباديءَ جو ڏيک ڏيندڙ پنجاب آهي ته پوءِ به هڪ صوبو! هڪ صوبو ڪڏهن به ملڪ جي مٿان اهڙي طرح اثرانداز ٿي نه ٿو سگهي، جو هن جي ان ڪردار سبب ملڪ ۾ اهو نظام اچي وڃي، جنهن نظام جي تقاضا هن وقت پنجاب ۾ ٿي رهي آهي. هڪ مڪمل ۽ صاف شفاف جمهوريت ته تمام وڏي ڳالهه آهي. اها جمهوريت هن وقت اهو صوبو سوچي ۽ گهري رهيو آهي، جنهن جو پنهنجو ڪردار ملڪي ماضيءَ جي پسمنظر ۾ سدائين سواليا رهيو آهي. هن جي مٿان باقي صوبن جي اها تنقيد رهي آهي ته هو موقعي پرست ۽ آمريتن جو اڪيلو وارث آهي.
پنجاب جي مقدر ۾ تنهائي ڇو آهي؟ ان سوال جو جواب پنجابيءَ ۾ سوچيندڙ ۽ محسوس ڪندڙ هڪ حساس شاعر ۽ دانشور ئي پيش ڪري سگهي ٿو. باقي حقيقت اها آهي ته پنجاب اڄ به اڪيلو آهي. ڪنهن وقت ملڪ ۾ جمهوري جدوجهد جا نعرا گونجي رهيا هئا ۽ پنجاب جمهوريت جو ساٿ ڏيڻ بدران هڪ اهڙي روش جي راهه جو راهي هو، جيڪا جمهوريت جي طرف نه ٿي وئي. هن وقت جڏهن پنجاب پنهنجي طور تي حقيقي جمهوريت يا عمران خان جي لفظن ۾ حقيقي آزاديءَ جي لاءِ پتوڙي رهيو آهي ته پنجاب هن وقت به تمام گهڻي تنهائيءَ جو شڪار آهي. ڇو ته تحريڪ انصاف ڀلي ملڪ گير پارٽيءَ هجڻ جي دعويٰ ڪري ۽ هوءَ اسيمبلين ۽ اليڪشن ۾ پوندڙ ووٽن جي حوالي سان هڪ وڏي ملڪ گير پارٽي آهي به! پر جڏهن پنجاب ۾ اها پارٽي پوري جوش خروش سان جدوجهد ۾ هئي ته ان مهل باقي صوبن مان ڪا اهڙي صدا نه آئي، جنهن ۾ هڪ جهڙائي ۽ هم آهنگيءَ جو ڪو اهڙو اشارو هجي، جنهن کي ڏسي صوبا هڪ طرح جي سياسي سنوت ۾ ايندا آهن.
پاڪستان ۾ پنجاب نه صرف وڏو صوبو آهي پر هو ملڪ جي وسيلن جو وارث به ٿي ويٺو آهي. هن جو ڪردار ننڍن صوبن جي سلسلي ۾ سدائين تنقيد جو نشانو رهيو آهي. پنجاب جي باري ۾ ملڪ جا باقي صوبا اهو موقف پيش ڪندا رهيا ته پنجاب ڪڏهن به سياسي قرباني جي لاءِ سوچي نه ٿو سگهي. ڇو ته پنجاب جو پيٽ ڀريل آهي. هو اسٽيبلشمينٽ سان گڏجي ملڪ جي ٻين صوبن جو استحصال ڪري رهيو آهي. هن اهو سياسي ڪردار ملڪ کي ڪڏهن به سچي ۽ اصلي جمهوريت طرف وڌڻ نه ڏيندو. پر جڏهن پنجاب ڀرپور احتجاج واري وک وڌائي آهي ۽ جڏهن پنجاب جي جيلن ۾ تحريڪ انصاف جا سياسي قيدي واڙيل آهن. ان وقت پنجاب جي اڪيلائي اڪيچار سوالن سان سلهاڙيل سانت ۾ آهي.