ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

سرداري نظام جي خاتمي بنا سڌارو نه ايندو

Editorial-Article- Dastgir Bhatti

حقيقت ۾ ڏٺو وڃي ته سنڌ جي اترين علائقن ۾ اتان جي پوليس سالن جا سال جنھن بدترين ڪارڪردگيءَ جو مظاهرو ڪيو آهي ان جي نتيجي ۾ ڪشمور، جيڪب آباد، ڪنڌڪوٽ، ٺل، ڪرمپور ۽ ٻين شهرن توڙي آسپاس وارين ٻهراڙين جي لکين ماڻهن جي حياتيءَ ۾ ڏوھارين ۽ ڌاڙيلن جيئري ئي زھر اوتي ڇڏيو آهي.
پوليس ڊپارٽمينٽ ۾ سردارن ڀوتارن ۽ چونڊيل نمائندن جي سفارش تي اڄ تائين پوليس آفيسرن جون جيڪي به مقرريون ۽ بدليون ڪيون ويون انھن تي ويچار ڪرڻ مان به ثابت ٿئي ٿو ته نه رڳو سردار ۽ ڀوتار پر ڪجھه وزير به ڏوھارين ۽ ڌاڙيلن جي پٺڀرائي ڪندا رھن ٿا. نتيجي طور ڏينهون ڏينهن وڌندڙ بد امني، اغوا، قتل، ڌاڙن ۽ پوليس جي لاپرواهيءَ سبب معصوم ٻارڙن، جوان جماڻ شاگردن، شاگردياڻين ۽ استادن جي ناحق خون جي ڏينھون ڏينهن وڌندڙ وارداتن مان بيزار ٿي نيٺ اتان زبردست عوامي ردعمل پروفيسر اجمل ساوند جي قتل کان وٺي پتڪڙي ٻار ثمرت ڪمار جي اغوا تائين نه رڳو مٽن مائٽن ۽ عزيزن پر سمورين اخبارن، ٽي وي چئنلز ۽ سوشل ميڊيا ذريعي اھڙي حالت پيدا ٿي جنهن ڪري سنڌ پوليس جو انسپيڪٽر جنرل غلام نبي ميمڻ گذريل ٻن مهينن ۾ ٽي ڀيرا سکر ۽ لاڙڪاڻي ڊويزنن جي بگڙيل حالتن کي اکين سان ڏسڻ ۽ خدا جي خلق کي آٿت ڏيڻ خاطر ڪھي آيو. نه ته سنڌي آفيسرن کي گاديءَ واري شهر مان نڪرڻ تي ٽيھڙ تپ چڙهي ويندو آهي.
فرانسيسي يونيورسٽي مان ڪمپيوٽر سافٽ ويئر ۽ آرٽيفيشل انٽيليجنس جھڙي نئين نڪور فيلڊ ۾ پي ايڇ ڊي ڪري وطن واپس آيل ڊاڪٽر اجمل حسين ساوند جا ڄاتل سڃاتل قاتل جيتوڻيڪ اڃا تائين گرفتار نه ٿي سگھيا آهن پر اڍائي سالن جي معصومڙي ثمرت ڪمار جي ماءُ پيءُ ۽ عزيزن جون دانهون ۽ روڄ پٽڪو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيڻ جي ڪري سنڌ پوليس جي ساک کي بچائڻ خاطر حيدرآباد ۾ فقط ڪجھه مھينا اڳ مقرر ٿيل ايس ايس پي امجد شيخ کي ھفتو ڏيڍ پھرين شڪارپور ۾ لڳايو ويو جنهن خبر ناهي ته ڪھڙي جادوئي طريقي سان ننڍڙو ٻار ھٿ ڪري کيس مائٽن حوالي ڪيو جن سک جو ساھه کنيو ۽ ايس ايس پي صاحب جي ھن ڪارنامي کي ساراهيو ويو. اخباري اطلاعن مطابق ڪنڌڪوٽ ۽ ڪشمور ضلعي جي بدترين حالت ٿي ويئي آهي جتي ڌاڙيلن پنهنجي اسٽيٽ قائم ڪري ورتي آهي. گذريل پنجن مھينن ۾ ڌاڙيلن 250 بيگناھه ماڻھو اغوا ڪري يرغمال بڻائي ڇڏيا آهن جن مان گھڻن کي روزانو مارڪٽ ڪرڻ سان گڏوگڏ ساڻن بدفعلي ڪري انھن جون ويڊيوز به وڏي بي حيائيءَ سان وائرل ڪري انهن مظلوم انسانن جي مائٽن کي ڪروڙين رپيا ڀنگ ڀري ڏيڻ لاءِ زور ڀريو ويندو آهي. سواءِ ثمرت ڪمار جي بازيابيءَ جي پوليس آفيسرن ٻيو ڪھڙو ٻوٽو ٻاريو آهي جنهن سان ھزارين غريب مسڪين ماڻهن جي گھرن ۾ خوشيون واپس وري سگھن.
مون کي آئي بي اي يونيورسٽي سکر جي ڪجھه استادن اپريل ۽ مئي وارن مھينن ۾ بار بار ميسيج ۽ فون ڪري ٻڌايو ته ڌاڙيلن جي دھشت ۽ وحشت جي ڪري اسڪولن ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ شاگردن توڙي شاگردياڻين ۽ استادن ڊپ وچان اچڻ ڇڏي ڏنو آهي جنهن ڪري سکر ڊويزن ۽ لاڙڪاڻي ڊويزن ۾ تعليم تي ڏاڍو ناڪاره ۽ منفي اثر پئجي رهيو آهي. گھڻن ھنڌن تان نه رڳو ھندو پر مسلمان سنڌي ڪٽنب پڻ لڏپلاڻ ڪري ڪراچي، گھارو، ٺٽو ۽ حيدرآباد ۾ رهڻ لڳا آهن.
سرڪاري اداري واپڊا مان رٽائر ٿيل ستر سالا ھڪ انجنيئر جيڪو ٺل ڀرسان پنهنجي ڳوٺ مان لڏي حيدرآباد ۾ رهي ٿو، تنھن جو چوڻ آهي ته اسان جي ضلعي ڪنڌڪوٽ جي درياهه واري ڪچي علائقي ۾ ڌاڙيلن جي سڀ کان وڏي پناهگاھه آهي جتي ٻارن ۽ عورتن کي نه رڳو يرغمال ڪري رکندا آهن پر ھنن سان جنسي ڏاڍائيءَ ڪرڻ مھل ويڊيوز ٺاھي سندن عزيزن کي ذھني ٽارچر ذريعي ڀنگ جا پئسا پھچائڻ تي مجبور ڪري ڇڏيندا آهن. پوءِ بيشڪ ھنن کي پنهنجا ڍور ڍڳا ۽ ڳئون ٻڪريون يا رڍون کپائي الھه تلھه وڪڻي، اغوا ٿيل گھر ڀاتين کي ڇڏائڻو پوي ٿو. ھن اھو به ٻڌايو ته جيڪڏهن ڪنهن مغويءَ جا مائٽ اڌ کان مٿي ڀنگ جي رقم ڏيئي، باقي اوڌر ڪن ٿا ته انھن کي بليڪ ميل ڪرڻ خاطر آزاد ڪيل سندن ٻچڙن جون اھي اگھاڙيون فلمون وائرل ڪري ڇڏيندا آهن.
منهنجي انجنيئر دوست مون کان ڪيترائي سوال ڪيا ته اوھان به صحافت واري پروفيشن ۾ اڌ صديءَ کان وڌيڪ زمانو گذاريو آهي، رڳو اھو ڏسيو ته اڄ ڏينهن تائين ڌاڙيلن ڪوبه وڏو مالدار وڏيرو، سردار يا ڀوتار اغوا ڇو نه ڪيو آهي؟ ٻيو سوال ته ڪهڙي غيبي طاقت ھنن قاتلن ۽ انسان دشمن ٽولن کي جديد ھٿيارن کان وٺي نوان نوان موبائل فون سيٽ وٺي پھچائيندي رهي آهي؟ ٽيون سوال ته رڳو انھن غيرتمند پوليس آفيسرن کي پنهنجو دشمن سمجهي ڇو ٿا راڪيٽ لانچر فائر ڪري ماريو ڇڏين جيڪي سچائيءَ سان سر تريءَ تي رکي، ڪچي ۾ لھي ڌاڙيلن جي پاڙ پٽڻ لاءِ ڪم ڪن ٿا؟ ۽ چوٿون سوال ھيءُ آهي ته ڪجهه سال اڳ شڪارپور ضلعي ۾ مقرر ڪيل ڊاڪٽر رضوان نالي ھڪ نوجوان ايس ايس پي آفيسر کي ٽن مهينن اندر سنڌ سرڪار ڇو ھٽائي ڇڏيو جنهن گرفتار ڪيل ڌاڙيلن جا بيان رڪارڊ ڪري، سنڌ جي تڏهوڪي انسپيڪٽر جنرل پوليس کي رپورٽ اماڻي ڇڏي ته فلاڻا با اثر چونڊيل نمائندا ۽ وزير ھنن ڌاڙيلن جي پٺڀرائي ڪندا رهن ٿا ۽ ھي ثبوت اوھان کي پيش ڪريان ٿو. اڳتي جيڪو حڪم ڏيندا ته پنهنجو منصبي فرض سمجهي، سچائيءَ سان ان تي عمل ڪندس. کيس حڪم مليو ته ھڪدم چارج ڇڏي ھليو وڃ گھر!
آئي بي اي سکر ۾ سنڌ جي ايندڙ قيادت کي ڪمپيوٽر سائنس سان گڏوگڏ مصنوعي ذھانت Artificial intelligence بابت علم پڙھائيندڙ سنڌ جو واحد استاد ڊاڪٽر اجمل حسين ساوند هو جنهن جو ناحق خون به ڪشمور جي ڳوٺ شالي ۾ ٻارھن ھٿياربند قاتلن ڪلاشنڪوف جا برسٽ هڻي کيس پنهنجي ئي گاڏي ۾ ويٺل ڏسي شهيد ڪيو ھو. اجمل ساوند جنهن کي آئون سڃاڻان به ڪونه ٿو ان جي شھادت تي سنڌ ۾ جيڪو ردعمل ٿيو ھو، ان بابت آئون پاڻ حيران ھئس ته آخر ھيءُ ڪھڙو استاد آهي جنهن جي باري ۾ صفا اڻڄاڻ آهيان! آئون ته انھن استادن ۽ وائيس چانسلرن کي به سڃاڻان جيڪي اسان جي عالم فاضل استادن علامه آئي آئي قاضي، ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، سائين غلام مصطفي شاهه ۽ ڊاڪٽر غلام علي الانا جھڙا جھانديدہ، زماني ساز مفڪر هوندا هئا. ھاڻي تفصيل ھٿ ڪيا اٿم ته ڊاڪٽر اجمل جھڙي وطن دوست ۽ باوقار سائنسي تعليم جي جديد ترين شعبي جي پروفيسر کي ڪنهن ۽ ڇو مارايو! تفصيل ايندڙ ڪالم ۾ لکندس.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button