ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

غير سياسي بڻائڻ جو عمل

پاڪستان جي نالي واري مزاح نگار انور مقصود چواڻي سياست ڇڏي ڏيڻ جو واعدو اسٽيبلشمينٽ ڪيو هو پر عملي طرح اسين ڏسي رهيا آهيون ته سياستدان ۽ سياستڪار سياست ڇڏيندا پيا وڃن.
پاڪستان تحريڪِ انصاف جو عام ڪارڪن عام طور تي ان نوجوان لڏي تي ٻڌل آهي جيڪو بند گهٽيءَ ۾ اچي ڦاٿو آهي. جنهن کي اها خبر نه ٿي پوي ته ڪرڻو ڇا آهي؟ وڃڻو ڪيڏانهن آهي. پنهنجي تعليم، ڪيريئر ۽ مستقبل کان مايوس ٿي اهو نوجوان لڏو عمران خان جهڙي پاپولسٽ سياسي اڳواڻ کي پنهنجو مسيحا سمجهڻ جي غلطي ڪري ٿو ۽ پنهنجي داخلي ڪروڌ کي اظهارڻ لاءِ ڪڏهن فسطائيت ته ڪڏهن جسماني تشدد ۽ ساڙيو ٻاريو واري واٽ وٺي ٿو پر ان جو مطلب اهو ڪونهي ته اهو ڪو انقلابي ڪيڊر آهي.
پاڪستان جي موجوده اقتداري سياسي پارٽين وٽ ڪو به معاشي پروگرام ڪونهي. انهن وٽ بحران منجهان نڪرڻ لاءِ ڪوئي رستو ڪونهي. انهن وٽ اسٽيبلشمينٽ سان گڏجي ان جي سهڪار سان اقتدار حاصل ڪرڻ ۽ پوءِ اقتدار سان چنبڙيل رهڻ کان سواءِ ڪوئي رستو، ڪوئي مقصد ڪونهي. ان ڪري ضرورت انهن کي بي نقاب ڪرڻ جي آهي. ضرورت انهن پارٽين کي وائکو ڪري عوام کان الڳ ڪرڻ جي آهي. پارليامينٽ ۽ عدليه پنهنجي اختيارن تان پاڻ جهڙي نموني دستبردار ٿي رهيون آهن ان سان ايندڙ وقت ۾ ڪنهن چڱائيءَ بدران برائيءَ جا ئي امڪان وڌن ٿا. پاڪستان جو بحران حقيقي سماجي تبديليءَ سان جُڙيل آهي. جنهن لاءِ صاف نظر قيادت، معاشي وسيلن ۽ اثاثن جي انصاف ڀري ورڇ، رياست جي بناوٽ ۾ بنيادي تبديلين ۽ سڌارن جي ضرورت آهي. سياسي انجنيئرنگ روڪڻ جي ضرورت آهي. ان ۾ شامل قوتن خلاف ڪارروائي ڪرڻ جي ضرورت آهي.
سرمائيداراڻي سرشتي جي سُتيءَ ۾ اها ڳالهه شامل آهي ته اهو اڻ برابريءَ کي نه رڳو جنم ڏيندو پر لڳاتار وڌائيندو رهندو آهي. معاشي اڻ برابري پوءِ هر طرح جي اڻ برابريءَ جي همت افزائي ڪندي آهي. جڏهن انسان جو اولين مقصد پيسو جوڙڻ بڻجي ويندو آهي ته پوءِ ان ڳالهه جي اهميت نه رهندي آهي ته پيسو اچي ڪٿان ٿو؟ ماڻهو بس نتيجو ڏسڻ ۾ دلچسپي رکندا آهن يعني اهو ته ڪيترا پيسا گڏ ٿيا آهن؟ ڪنهن وٽ ڪيترا پيسا آهن؟ اهو ئي سڀ کان اهم سوال هوندو آهي. فرد، ڪٽنب ۽ سياسي پارٽيون يا حڪومتون توڙي اسٽيبلشمينٽ گھڻي کان گھڻي دولت پنهنجي نانءِ ڪرڻ جي سوال تي وڙهنديون رهنديون آهن. معيشت تي ضابطو رکڻ لاءِ وري ضروري آهي ته سياست به توهان جي ضابطي هيٺ هلي رهي هجي. ان لاءِ سياسي پارٽين جا اڳواڻ ڪوششون ته مُهڙئين ڏينهن کان ڪندا رهيا آهن پر انهن ڪوششن ۾ ڪاميابي گھٽ ئي ملي اٿن ڇاڪاڻ ته ان ڊوڙ ۾ سندن مقابلو هميشه اسٽيبلشمينٽ سان رهيو آهي. جنهن ڪري مختلف وقتن تي توهان کي ڪي سياسي پارٽيون اسٽيبلشمينٽ جون ساٿاري يا جونيئر پارٽنر طور حصيدار ته نظر اينديون پر مالڪياڻيون هرگز نه. ايتري تائين جو وقت اچڻ تي انتهائي طاقتور وزيرِ اعظم ۽ سندن پارٽيءَ جي حڪمراني (شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ ميان نواز شريف) به اسٽيبلشمينٽ اڳيان نه بيهي سگهيا.
اسين سڀ ڄاڻون ٿا ته سياسي پارٽيون لاڳاپيل سماج جي ڪنهن نه ڪنهن طبقي يا طبقن جي حمايت ۽ انهن جي مفادن جي تحفظ لاءِ ڪم ڪنديون آهن. مثال طور پاڪستان پيپلز پارٽي عام طور جاگيردارن ۽ زميندار اشرافيا جي مفادن جو تحفظ ڪندڙ سياسي پارٽي آهي. اهڙي نموني مسلم ليگ نواز وچولي يا مٿئين درجي جي واپارين ۽ سول سرمائيدارن جي مفادن جو تحفظ ڪندڙ سياسي پارٽي آهي. پاڪستان تحريڪِ انصاف وري انهن ٻنهي پارٽين جي ڀڳوڙن، مافيائن، اُڌل ڀاتين ۽ سماجي طور تي ٽيومر جي صورت ۾ پيدا ٿي پيل نَون طبقن جي پارٽي هئي جيڪا اسٽيبلشمينٽ جي ڪوششن سان وجود ۾ آئي هئي. سندس نعرا پاپولر ته ٿيا پر انهن جي حقيقت واريءَ جي محل کان وڌيڪ ڪانه هئي. اسٽيبلشمينٽ جي مڪمل مدد ۽ طوفانِ بدتميزي برپا ڪندڙ اڍنگي ڪارڪنن جي سهڪار سان اقتداري ايوان تائين پهتل پارٽي پنهنجي اقتداري زماني ۾ عوام کي ڪجهه به ڏئي ڪانه سگهي. پر پنهنجي روايتي طريقن سان اڳتي وڌندي اها مالڪن سان به آمهون سامهون ٿي پئي جنهن کان پوءِ کيس سبق سيکارڻ ۽ اوقات ياد ڏيارڻ جي شروعات ڪئي وئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button