ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

پي آءِ اي پينشن معاملو

پي آءِ اي ريٽائرڊ ايمپلائيز ايسوسي ايشن (پيارا) ملازمن جي جنرل باڊيءَ ۽ عيد ملن پارٽيءَ جي گڏجاڻي تازو 20 مئي تي ڪراچيءَ جي هوٽل ۾ ٿي جنهن ۾ مون نائب صدر طور بهحصو ورتو جنهنجي سربراهي، پارٽي اڳواڻ ذوالفقار علي ڪئي. گڏجاڻيءَ ۾ 2021-2022ع جي سالياني آڊٽ به پيش ڪئي وئي. سيڪريٽري جنرل محمد اعظم چوڌري پي آءِ اي انتظاميا کي پينشرز جا مسئلا نبيرڻ تي زور ڏنو جنهن ۾ گھٽ ۾ گھٽ 15 هزار رپيا ماهوار پينشن جو پهريون ڀيرو انوکو مطالبو به ڪيو ويو. گڏجاڻيءَ ۾ ريٽارڊ ملازمن جي اٽڪل نون ڄڻن جي وفات تي عذرخواهي به ڪئي وئي.
مون، 15 هزار رپين جي پينشن مقرر ڪرڻ بابت، پي آءِ اي جي ريٽائرڊ ملازمن جي مطالبي جي خبر فيس بوڪ تي معلومات لاءِ ڏني ته ڪيترن ماڻهن سخت تنقيد ڪئي ته ڳاٽي ٽوڙ مهانگائيءَ دوران پي آءِ اي ملازمن لاءِ 15 هزار رپيا پينشن مقرر ڪرڻ وڏو ظلم آهي. هونئن به ڏسجي ته ڪيترن ٻين ادارن ۾ ماهوار پينشن جي رقم گھڻي هوندي آهي. ٻيو ته ٺهيو پر سنڌ سرڪار طرفان، ملڪ جي اڳوڻي صدر ۽ پ پ پ پارٽي سربراهه آصف علي زرداريءَ طرفان به گھڻو وقت اڳ وڏي رقم پينشن طور مقرر ڪيل آهي. پي آءِ اي جي پينشن جو پراڻي زماني کان لاڳيتو داستان دکدائڪ ۽ نرالو آهي، پر لڳي ٿو ته پي آءِ اي پينشن جي رقم تي تنقيد ڪندڙن کي شايد اصل سچائيءَ جي حالتن جي خبر ناهي ته ريٽائرڊ ملازمن جي ايتري ته بلڪل گھٽ پينشن هوندي آهي جو عام ماڻهن آڏو انهن جو حوالو وٺڻ به مناسب ڪون سمجهندا آهن. پي آءِ اي جي”پچڪڙي” يعني معمولي پينشن جو سلسلو، هاڻوڪو نه پر گھڻو پراڻو آهي. ٿلهي لکي 35 ورهيه پراڻو آهي پر انهن ۾ جيڪا پي آءِ اي انتظاميا ڪيترن سالن کانپوءِ پينشن وڌائيندا رهيا آهن ته انهن جو حوالو ڏبو ته گھڻن جي هنيانءُ به ڦاٽِي سگھي ٿو پر پوءِ به هڪ اڌ مثال، معلومات لاءِ ڏيڻ مناسب آهي ته جيئن حالتن کي سمجھڻ ۾ عام ماڻهن کي سولائي ٿئي.
پي آِءِ اي سرڪار جي مختلف سربراهن ڪيترا ڀيرا پگهارن ۽ پينشن وڌائڻ جو اعلان ڪيو آهي، مثال پي آءِ اي جي هڪ اڳوڻي سربراهه سي اي او، جنرل ارشد ملڪ (هاڻي ريٽائرڊ) تڏهن پراڻو اعلان به ڪيو هو ته پي آءِ اي ملازمن توڙي ريٽائرڊ ملازمن جون پگھارون ڏهه ڏهه سيڪڙو وڌايون وينديون. انهيءَ سلسلي ۾ پي آءِ اي جي پي آر او به ڏهه ڏهه سيڪڙو پگھار وڌائڻ جون خبرون ميڊيا ۾ ڏيندو رهيو آهي ۽ اڳتي هلي به ڏئي سگھي ٿو. پر اهو ڪونه ٻڌائيندا هئا ته ملازمن جون پگھارون ته هزارين رپيا وڌي وينديون ڇاڪاڻ ته انهن جي پگھارن ۾ ڪيترا ڀيرا واڌ ڪئي وئي آهي پر ريٽارڊ ملازمن جي پينشن ۾ واڌ، دکدائڪ حد تائين يعني بلڪل ٿورڙي هوندي آهي، ڇاڪاڻ ته پي آءِ اي ريٽائرڊ ملازمن جي پينشن بلڪل ٿورڙي هوندي آهي سو انهن ۾ ڏهه سيڪڙو واڌ هر مهيني 200 رپين کان 400 رپين تائين ٿلهي ليکي، ٿي ويندي آهي. اهو ظلم آهي پر پي آءِ اي جي مختلف فوجي حڪمرانن کي انهيءَ جو ڪو احساس ناهي هوندو. ڪيترن ورهين کان لاڳيتو، پي آءِ اي انتظاميا ڏهه سيڪڙي جو سکڻو اعلان ڪري مهيني ۾ اٽڪل 200 کان 400 رپيا وڌائيندي رهندي آهي. مهانگائيءَ کي ڏسندي اهو وڏو وڏو ظلم آهي پر پي آءِ اي انتظاميا کي مطالبن باوجود ڪوبه احساس ڪونه هوندو آهي. مون ڪيترا ڀيرا مختلف اخبارن ۽ خاص ڪري انگريزي اخبارن ۾ معمولي پينشن خلاف اهڙا کوڙ خط لکيا هئا پر انتظاميا تي ان جو اثر ڪونه پيو.
بهرحال، ظلم جي اها حد آهي ته جڏهن پي آءِ اي جا پراڻا ريٽائرڊ ملازم، پي آءِ اي جا باقاعدي ملازم هئا ته انهن پي آءِ اي کي دنيا ۾ مشهور بڻائڻ لاءِ وڏي جدوجهد ڪئي هئي جنهنڪري پي آءِ اي جو دنيا جي اهم ايئرلائينن ۾ نالو شامل هوندو هو پر هاڻي اهو پراڻو داستان بڻجي ويو آهي. ريٽائرڊ ملازمن کي “فائدو ڏيڻ لاءِ” انهن سان مذاق ڪيو ويندو آهي. پي آءِ اي انتطاميا ڪيترا ڀيرا ملازمن جون پگھارون وڌائيندي رهندي آهي پر ريٽائرڊ ملازمن جي پينشن ڪونه وڌائي وئي آهي.
بهرحال، پي آءِ اي ريٽائرڊ ملازمن مهيني ۾ 15 هزارن جي معمولي پينشن مقرر ڪرڻ جو مطالبو مجبوريءَ ۾ ڪيو ويو آهي. ڪاش! اها ڳالهه پي آءِ اي انتظاميا کي سمجھه ۾ اچي وڃي ته بهتر، ڇاڪاڻ ته ريٽائرڊ ملازمن لاءِ، ڪجهه نه هئڻ باوجود ڪجهه هئڻ بهتر هوندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button