ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

مسئلن کي منهن ڏيندڙ ٺٽي واسي

سنڌ جي شهرن ۾ عوام مسئلن جي حل لاءِ روز پريس ڪلبن ۽ روڊن تي احتجاجي مظاهرا ڪندو رهندو آهي، عام ماڻهو روزمره جي مسئلن جي ڪري پريشان رهندو آهي، تنهنڪري اهو اها اميد ڪندو آهي ته چونڊيل نمائندا نه رڳو ان جي مطالبن کي ٻڌندا پر انهن کي حل ڪرڻ جي ڪوشش پڻ ڪندا پر عام طور تي ٿيندو ائين آهي جو عوام جو آواز چونڊيل نمائندن جي ڪنن تائين پهچندو ئي ڪونهي. تنهنڪري ماڻهن جا مسئلا جيئن جو تيئن موجود آهن. عام شهري پيئڻ جي پاڻي، گئس ۽ بجليءَ جي لوڊشيڊنگ کان تنگ آهي. اهو انهن مسئلن مان جان ڇڏائڻ چاهي ٿو. پر اهي مسئلا جيئن جو تيئن برقرار آهن.
ٺٽي ۽ مڪليءَ جي شھرن ۾ بجلي ۽ گئس جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ توڙي پاڻيءَ جي کوٽ خلاف شھري، سياسي، سماجي، قومپرست اڳواڻ سراپا احتجاج بڻجي روڊن تي نڪري آيا، جن ٺٽي کان مڪلي تائين پيادل مارچ ڪري ڊي سي آفيس آڏو 3 ڪلاڪن تائين ڌرڻو هنيو. انتظاميا سان ڳالھيون ناڪام ٿيڻ کانپوءِ اڳواڻن جمعي ڏينھن شٽربند ھڙتال جو اعلان ڪري ڇڏيو. ٺٽي ۽ مڪلي جي شھرين، سياسي، سماجي ۽ قومپرست اڳواڻن بجلي ۽ گئس جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ توڙي پاڻيءَ جي کوٽ خلاف ٺٽي کان مڪلي 4 ڪلوميٽرن تائين پيادل مارچ ڪري ڊي سي آفيس اڳيان ڌرڻو ھنيو، مارچ ۾ پ پ ضلعي ٺٽي جي جنرل سيڪريٽري سميت سياسي، سماجي، علمي، ادبي تنظيمن جي اڳواڻن ۽ شھرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ڊي سي آفيس لڳل ڌرڻي کي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته ٺٽي ۽ مڪلي تي ڪافي وقت کان پيئڻ جو پاڻي اڻلڀ آھي، مٿان وري سخت گرميءَ ۾ بجليءَ جي 12 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ ڪرڻ سميت 8 ڪلاڪ سئي گئس جي ھٿرادو لوڊشيڊنگ ڪري شھرين کي عذاب ۾ مبتلا ڪيو ويو آهي، پر انتظاميا توڙي چونڊيل نمائندا ڪو ڌيان ڏيڻ لا تيار ناھن، ڪيترن ئي علائقن ۾ بجليءَ جا ٽرانسفارمر سڙيل آهن، ان ڪري ماڻهو پريشان آهن، شهرن ۾ صفائيءَ جو ڪو انتظام ناهي، گٽر نالن جي صفائي نٿي ٿئي. موسميات کاتي پاران برساتن جي ڪيل اڳڪٿي باوجود انتظاميا صفائي نه ڪرائي. ھنن گھر ڪئي ته ترت پاڻي جي کوٽ ختم ڪري بجلي توڙي گئس جي لوڊشيڊنگ ختم ڪري شھرن مان صفائي ڪرائي گٽر نالن توڙي سم نالن جي کاٽي ۽ صفائي ڪرائي وڃي ۽ سڙيل ٽرانسفارمر تبديل ڪري سهولتون ڏنيون وڃن. ٺٽي کان مڪلي تائين پيادل لانگ 3 ڪلاڪن تائين ڌرڻو ھڻندڙ ماڻهن جائز مطالبا حل ڪرڻ جي گھر ڪئي.
اسين سمجهون ٿا ته ٺٽو سنڌ جو هڪ اهم ترين شهر آهي ۽ جيڪڏهن اتي اهي مسئلا موجود آهن ته انهن کي حل ڪرڻ اتان جي چونڊيل نمائندن جي ذميواري آهي. ڇاڪاڻ ته اتان جي شهرين کي پيش ايندڙ مسئلا سنگين نوعيت جا آهن. تنهنڪري انهن کي جيترو جلدي ٿي سگهي حل ڪيو وڃي. ڇا شهري انتظاميا ٺٽي واسين کي پاڻي فراهم ڪري ڏيڻ لاءِ تيار ڪونهي. اها ايتري بيوس آهي جو شهرين کي پيئڻ جو پاڻي نه پئي پهچائي سگهي. ٺٽي واسين جي مطالبن کي ٻڌو وڃي. انهن سان ڳالهيون ڪري شهري آباديءَ جا مسئلا حل ڪرڻ ۾ دير نه ڪئي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button