اسلام آبادپاڪستان

عوام کي رليف، حڪومت پيٽرول 8 رپيا ۽ ڊيزل 5 رپيا في ليٽر سستو ڪري ڇڏيو

وفاقي حڪومت پيٽروليم اگهن جي مد ۾ مهيني اندر ٻيو ڀيرو عوام کي رليف ڏيندي پيٽرول وڌيڪ 8 رپيا في لٽر سستو ڪري ڇڏيو آهي، ها اسپيڊ ۽ لائيٽ ڊيزل جي اگهه ۾ 5- 5 رپيا لاٿ جو اعلان ڪيو ويو آهي. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار چيو ته عالمي سطح تي پيٽرول جي اگهن ۾ ڪا تبديلي ناهي آئي ۽ نه ئي رپئي جي قيمت ۾ ڪا بهتري آئي آهي پر حڪومت عوام کي رليف ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. هن چيو ته ڊيزل جي قيمت ۾ 5 رپيا، پيٽرول 8 رپيا في ليٽر ۽ لائيٽ ڊيزل جي قيمت ۾ 5 رپيا في ليٽر گهٽتائي ڪئي پئي وڃي، جڏهن ته گاسليٽ جو ساڳيو اگهه برقرار رکيو ويو آهي. اگهن ۾ لاٿ بعد ڊيزل 253 رپيا في ليٽر، پيٽرول 262 رپيا في ليٽر ۽ لائيٽ ڊيزل جو نئون اگه 137 رپيا 68 پئسا ٿي ويو آهي، جڏهن ته گاسليٽ جي قيمت 164 رپيا في ليٽر برقرار رهندي. نوان اگهه پهرين جون رات 12 وڳي کان لاڳو ٿي ويا آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button