ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

گيس اگهن ۾ واڌ

Editorial

آئل اينڊ گيس ريگيوليٽري اٿارٽي (اوگرا) سڄي ملڪ ۾ گئس جي اگهن ۾ واڌ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. اوگرا سوئي ناردرن لاءِ گيس جي اگهن ۾ سراسري طور 50 سيڪڙو ۽ سوئي سدرن لاءِ گيس جي قيمت ۾ 45 سيڪڙو واڌ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. سوئي ناردرن لاءِ گيس جي سراسري قيمت ۾ 415 رپيا في ايم ايم بي ٽي يو ۽ سوئي سدرن لاءِ گيس جي اوسط قيمت ۾ 417 رپيا 23 پئسا في ايم ايم بي ٽي يو جي واڌ جي منظوري ڏني وئي. سوئي ناردرن تي گيس جي سراسري قيمت 1238 رپيا 68 پيسا ايم ايم بي ٽي يو ۽ سوئي سدرن تي گيس جي اوسط قيمت 1350 رپيا في ايم ايم بي ٽي يو مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي آهي. گيس جي اگهن ۾ واڌ پهرين جولاءِ 2023ع کان ٿيندي ۽ گئس جي اگهن ۾ واڌ جو حتمي فيصلو وفاقي حڪومت ڪندي. قانون موجب اگهن ۾ واڌ بابت حتمي فيصلو 45 ڏينهن اندر ٿيڻو پوندو. ذريعن موجب جيڪڏهن وفاقي حڪومت ڪو به فيصلو نه ڪيو ته 45 ڏينهن کانپوءِ فيصلو پاڻمرادو لاڳو ٿي ويندو، قيمتون نه وڌائڻ جي صورت ۾ وفاقي حڪومت کي سبسڊي ڏيڻي پوندي.
ڪٿان به ڪا اميد نظر نه پئي اچي ته عوام لا ڪو ڀلو ٿيڻ وارو آهي، هر ايندڙ ڏينهن عوام لا نيون مصيبتون کڻي اچي رهيو آهي. هن وقت ملڪ ۾ عوام لا ٻين سڀني مصيبتن کان وڌيڪ وڏي مصيبت مهانگائي آهي جنهن غريب ماڻهن جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي. هڪ 4 سئو رپيا ڏهاڙي تي مزدوري ڪندڙ پورهيت ان لا پريشان آهي ته هو ايڏي مهانگائي ۾ پيٽ پالي، دوائون وٺي يا ٻارن جي تعليم تي خرچ ڪري. جيئن تيئن ڪري غريب ماڻهو اڃا هڪڙو هفتو گذاري ئي مس ٿو ته مٿان مهانگائي جي شڪل ۾ ٻيو عذاب نازل ٿي ٿو وڃيس.
هن ملڪ ۾ ڏينهن ته حڪمرانن جا تبديل ٿيندا آهن، عوام لا ته ڪو به ڏينهن تبديل ناهي ٿيندو. عوام لا رڳو چهرا تبديل ٿيندا آهن، پر عوام دشمن معاشي پاليسيون جاري رهنديون آهن. اهو ئي سبب آهي جو اڄ به مهانگائي کي پر لڳل آهن. ڪا به شئي اهڙي ناهي جيڪا مهانگائي جي حملي کان بچي هجي. عام واهپي وارين شين جا اگهه آئي ڏينهن وڌي رهيا آهن، ۽ اگهن تي ڪنٽرول جا ڪي به امڪان نظر نه پيا اچن. حڪومت جي معاشي قدمن مان لڳي ايئن رهيو آهي ته هو هڪ عوام مخالف ايجنڊا کڻي آئي آهي. اهو ئي سبب آهي جو هو مهانگائي مٿان مهانگائي ڪري رهي آهي. هي اهي ساڳا حڪمران آهن جيڪي اڳوڻي حڪومت جي دور ۾ مهانگائي خلاف مارچ ڪندا هئا. هاڻي مهانگائي ۾ اڳوڻي حڪومت کي به مات ڏئي رهيا آهن.
اسان سمجهون ٿا ته هن مهل حڪمران جن معاشي پاليسين تي عمل ڪري رهيا آهن اهي آ ايم ايف جا ئي طئي ٿيل آهن. آ ايم ايف جو ڪردار ڪهڙو آهي، ان جو اندازو ان خلاف دنيا جي مختلف ملڪن ۾ ٿيندڙ عوامي احتجاجن مان ڪري سگهجي ٿو. آ ايم ايف هڪ عوام دشمن عالمي مالياتي ادارو آهي. هتان جا حڪمران وري ويٺا ئي آ ايم ايف جي آسري ۾ آهن، ان مان اهو ئي واضح ٿئي ٿو ته حڪمرانن وٽ پنهنجي ڪابه معاشي پاليسي ڪانهي. اسان جو حڪمرانن کان مطالبو آهي ته هو فوري طور آ ايم ايف جي عوام مخالف ايجنڊا تي عمل ڪرڻ بند ڪري عام ماڻهن کي رليف فراهم ڪن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button