ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

تَنوار

Editorial-Article- Irshad Leghari


جڏهن به کيس ڪا ڳالهه سمجهه ۾ نه ايندي آهي ته هو سِڌو انهي واٽ تي نڪريو وڃي، جيڪا سِڌي ئي سِڌي وِرونهن وستي ڏانهن ويندي آهي. ها، اها وستي جتي فراق جي ڦُلواڙي اندر عشق جو اصيل هر لمحي سُرندو ٿو رهي. تنهن ڏينهن به سندس هڪ دوست هڪ ڀِني رهاڻ ۾ کيس اهو پئي چيو ته..
“تون آخر ڪيستائين تصور جي تُرهي تي تَري سگهندين؟ جيتوڻيڪ هنن پکين، وڻن، ۽ گُلن ٻُوٽن جي پچار جو پنهنجو حُسن ته ضرور آهي پر زماني جي اصل سچائي اڃان گهڻي اڳتي اٿئي ميان!! هڪ محڪوم ۽ مظلوم قوم هئڻ جي ناتي تو مٿان جيڪي ذميواريون لاڳو ٿين ٿيون، سي ذميواريون تون آشرم ۾ ويهي نٿو ادا ڪري سگهين. ان ڪم لاءِ هڪ ذميوار سياسي سماجي تحرڪ اڻٽر آهي. تنهن ڪري انهي ابهام واري اسٿان تان توکي موٽي اچڻو پوندو.”
ها، اها رهاڻ جيڪا منطق جي بنيادن تي هئي، تنهن ۾ هي گهڻو نٿو ڳالهائي سگهيو. هونئن به جڏهن سندس دوست بحثابحثي ۾ پئجيو ته هي اڪثر ماٺ ٿيو وڃي. تنهن ڪري اڄ به انهي رهاڻ مان ماٺ ڪري اٿي وڃڻ کان سواءِ وٽس ٻي ڪا واهه ڪانه هئي. سو هو اتان ماٺ ڪري اٿي هليو انهي ڦُلواڙي ڏانهن، جتي گُوندر جي گِرنار جو گُل خاموشي جي ماڪ ۾ وهنجي هر لمحي نئون ٽِڙندو رهي ٿو. ايئن سوالن جوابن جي سنگلاخي مان نڪري هو پنهنجي ڌُوڙ ڌوتل سنگين وٽ جيئن ئي پهتو ته اُتي ويراڳ هلندڙ هو ۽ جنهن ٻول جو آواز سندس سماعتن تائين پهرين پهرين پهتو سو هي ٻول هو ته….
سِک رمز وجود وڃاوڻ دي
نهين حاجت پڙهڻ پڙهاوڻ دي
ها، اها ئي ڳالهه اندر ۾ سانڍي هي به ته ڀِني رهاڻ ۾ اٿي هليو هو!! اها ڳالهه جيڪا هو پنهجي دوست کي چوندي چوندي نه چئي سگهيو، جو کيس خبر هئي ته سندس دوست جيڪو بحث جو شوقين آهي سو وري اجايو ڊيگهه ۾ پئجي ويندو. ٻيو ته هن تازو البرٽ ڪامو کان ٽالسٽاءِ تائين ۽ فارابي کان الڪندي تائين خيال نگر جي نانگن جو مختصر تعارف پڙهندي ڪٿي اهو پڙهيو هو ته..”هر لفظ کي پنهنجو روح هوندو آهي.” پر هن اتي وري اهو سوچيو ته ڀلا هي جيڪي هر ڏينهن هن جهان ۾ اربين کربين لفظ ڳالهايا ٿا وڃن، ڇا تن سڀني کي روح هوندو؟ ۽ پوءِ پنهنجي ئي اندر جي ايوان ۾ وڄندڙ گِهنڊ مان اها ورندي مليس ته نه، روبوٽن جي لفظن ۾ روح نه هوندو آهي. اهي لفظ جن ۾ ساهه هوندو آهي سي فقط عشق پاران حُسن جي شان ۾ ڳالهايل لفظ ئي هوندا آهن. ها البت هر لقاءَ کي پنهنجي پنهنجي تاثير ضرور آهي. هي جنهن جي پيرن ۾ شهر جي جُتي ۽ ڪُلهي تي ڳوٺ جي شال آهي، تنهن پنهنجي مُنهن ڀُڻڪندي اڳتي چيو ته…
“جيڪڏهن هيلوڪي مُند ۾ زرد ڦُلن جو پِهراڻ پائي بيٺل ٻَٻُر جو وڻ مون کي رستي ۾ روڪي، روشنين جي شهر ۾ ڪنهن گورک ڌنڌي ۾ گم ٿي ويل ڪنهن صورت لاءِ ڪوئي نياپو ڏي ٿو ته آخر آئون اهو نياپو اُن تائين ڪيئن نه پهچايان؟” ۽ ايئن پوءِ هو وڻن ۽ جيتن جڻن جي حوالي سان سوچيندو اڳتي هلندو رهيو. هلندي سوچيائين ته ساوڻ جي اوسيئڙي ۾ بيٺل تَساري ڪِرڙ جي ڪايا جي ڪابه معنيٰ ناهي؟ ڇا آئون ان اڃايل ڪِرڙ جي وجود کي ايئن ئي نظرانداز ڪري گُذري وڃان؟ ڇا هِن هيڏي وڏي ڪائنات ۾ رڳو ماڻهو جي ئي اهميت آهي؟ پر وري به پاڻ ئي پنهنجي پاڻ کي جواب ڏنائين ته ڀل جو کڻي سندس سوچ کي عقل وارا ڏند ڪٿائن جي پوڄا ڪوٺيندا رهن، پر جن کي “اکيون ۽ ڪَن” آهن سي هن مانڌاڻ واري دنيا مان نڪري، اهڙو اسٿان ڳولي ٿا سگهن، جن اسٿان جي وڻن مٿان ٻوليندڙ ڪانگا ڪڏهن به ڪُوڙا ناهن ٿيندا. ها اهي ماڳ ۽ مڪان، جن جي وڻن مٿان هِتان ڪانگا لَنويا ناهن ۽ هُتان محبوب پهتا ناهن.
سو ڀاءُ منهنجا!! ڳالهه دارصل اها آهي ته جن سان فطرت همڪلام ٿيندي آهي، سي پَنا پڙهڻ واري ڪِرت ۾ گهڻو ناهن پوندا. انهن جي تعيلم ڪَکن پَنن مان پئي ٿيندي آهي. اهي جيڪي رڳو پڙهن ٿا پر ڪڙهن نٿا، تن کي اها خبر گهٽ پوندي آهي ته جڏهن سارنگ ساٺ ۾ تاڙو تنواريندو آهي ته ڇا چوندو آهي؟ ۽ هن وقت به تاڙو جڏهن اُساٽ ۾ تنواري رهيو آهي ته ڇا چئي رهيو آهي!؟ بس جنهن کي اها تنوار سمجهه ۾ آئي، تنهن خاموشي اختيار ڪئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button