ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

ڊاڪٽر اجمل ساوند جا قاتل به گرفتار نه ٿيندا؟

Editorial-Article- Dastgir Bhatti

پڙھندڙن جي يادگيري واسطي گذريل خميس تي ڇپيل پنھنجي ڪالم ۾ لکيل آخري پيراگراف کي ورجائڻ چاھيان ٿو ته جيئنARTIFICIAL INTELLIGENCE جھڙي جديد ترين شعبي ۾ فرانس مان پي ايڇ ڊي ڪري، تمام گهڻي پگهار جي لالچ ۾ پنھنجي وطن کي وساري، “حيف تنين کي هوءِ وطن جن وساريو” جي مھڻي کان پاڻ بچائڻ لاءِ يورپ جي ترقي يافتا ملڪ فرانس ۾ شاھي پگھار، آرام ۽ آسائش واري ماحول کي لت هڻي سنڌين جو مستقبل سنوارڻ خاطر ھو (اجمل ساوند) ٻه ڀيرا واپس وطن وري آيو. پھريون ڀيرو جڏهن فقط ماسٽرس جي ڊگري حاصل ڪري آيو ته ان زماني ۾ بينظير ڀٽو صاحبه جي شھادت جي نتيجي ۾ سندس ور آصف علي زرداري ملڪ جو صدر بڻجي چڪو هو. انھن ئي ڏينھن ۾ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن پاران اسسٽنٽ ڪمشنر، ڊي ايس پي ۽ مختيارڪارن جي خالي جاين جو اشتھارن ذريعي اعلان ڪيو ويو ته اجمل ساوند اسسٽنٽ ڪمشنر ۽ مختيارڪار يعني ٻنهي پوسٽن لاءِ درخواست سان گڏ پنهنجي ڊگري ۽ ٽيسٽيمونيلس داخل ڪري ڇڏيا. دستور موجب پبلڪ سروس ڪميشن جي چڱن مڙسن رزلٽ ظاهر ڪرڻ ۾ سال کان وڌيڪ وقت وڃايو. ذھين ۽ محنتي اميدوارن ڏاڍا ڌڪا ٿاڀا کائي رزلٽ جاري ڪرڻ لاءِ ٻاڏايو پر اهو پهريون موقعو هو جڏهن سنڌ جو هيءُ ساک وارو بھترين ادارو ڪرپشن وسيلي پنهنجن پٽن، ڌيئرن ۽ مٽن مائٽن کي ورسائڻ جي الزامن ھيٺ بدنام ٿيو. ان زماني ۾ ڪميشن جو چيئرمين محمد حسن ڀٽو صاحب ھو جنھن اسان کي سنڌ يونيورسٽي ۾ ھڪ تعليم دوست استاد جي حيثيت ۾ پڙھايو. سنڌ يونيورسٽي مان 1972 ۾ کيس پ پ حڪومت ڪڍي ڇڏيو ۽ پاڻ ڪجھه وقت کان پوءِ وفاقي حڪومت ۾ شامل ٿي ويو.
بھرحال سال کن کان پوءِ جڏهن سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن رزلٽ جو اعلان ڪيو ته ڊاڪٽر اجمل ساوند کي مختيارڪار جي عهدي لاءِ ليٽر مليو جنهن کي قبول ڪرڻ بدران ھو مصنوعي ذھانت جي شعبي ۾ پي ايڇ ڊي ڪرڻ خاطر واپس فرانس روانو ٿي ويو. پي ايڇ ڊي ڪرڻ کان اڳ ھن نه رڳو پبلڪ سروس ڪميشن پر شاھه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور کان سنڌ يونيورسٽي تائين گھڻن ئي درسگاهن ۾ سروس لاءِ درخواستون داخل ڪيون ھيون پر پاڻ ڄاڻون ٿا ته انھن ادارن ۾ وائيس چانسلر جي اعليٰ ترين عھدي لاءِ به باقاعدي واڪ لڳندو آهي. پڙھندڙن کي ياد ھوندو ته 2008 کان 2012 تائين جڏهن پير مظهرالحق تعليم کاتي جو وزير ھو ته ماسترن، ماسترياڻين ۽ پٽيوالي جي نوڪريءَ عيوض لکين رپيا ورتا ويندا هئا. پير مظهرالحق ۽ تعليم کاتي جي ڪيترن ئي آفيسرن خلاف نيب ۾ ڪيس داخل ڪيا ويا ۽ گھڻائي ڪامورا گرفتار ٿيا پر پير مظهر ملڪ ڇڏي ٻاهر نڪري ويو ھو. ميرٽ جي لتاڙ ڪندڙ وزيرن ڪبيرن جي اڄ به چاندي آهي. مون کي چانديءَ بدران سون لکڻ گھرجي ڇاڪاڻ ته ڪالهھ جمعي ڏينهن سنڌ ھائي ڪورٽ جي چيف جسٽس احمد علي شيخ صاحب گذريل سال JST ۽ PST استادن جي ڀرتين بابت تعليم کاتي جي سيڪريٽري اڪبر لغاري کي حڪم ڏنو آهي ته ھارڊ ايرياز ۽ سافٽ ايرياز تحت ڪيل سموريون ڀرتيون روڪي آگسٽ ۾ مڪمل لسٽون پيش ڪريو.
عدالت استادن جي ڀرتين تي پابندي جو حڪم ڏيندي پڇاڻو ڪيو ته اوهان ھي سياسي ماڻهن کي فائدو رسائڻ خاطر ڪئي آهي يا نه؟ چيف جسٽس ڀرتين تي بندش وجهڻ جي حڪم سان گڏ 15 آگسٽ تي عدالت جون موڪلون ختم ٿيڻ شرط ھن ڪيس جي ٻڌڻي شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ھارڊ ايرياز کان متاثر ٿيندڙ پنجاھه کان وڌيڪ مارڪون حاصل ڪندڙ اميدوارن جي وڪيل چيف جسٽس کي ٻڌايو ته سنڌ ۾ ھرھڪ ضلعي واسطي ڪوٽا سسٽم ٺھيل آھي. ان ھوندي به ھارڊ ايرياز جو جواز گھڙي ناپاس ٿيل اميدوارن کي جوائننگ آرڊر جاري ڪيا ويا آهن ۽ حقدار اميدوارن جو حق ماريو ويو آهي.
پاڻ واپس اچون ٿا ڊاڪٽر اجمل ساوند کي ظالماڻي طريقي سان قتل ڪرائيندڙ سردارن ۽ ڀوتارن جي ڪڌن ڪرتوتن تي جن کي بلڪل ساڳي ريت سرڪاري سرپرستي ھيٺ بچايو ٿو وڃي جيئن ناظم جوکيو شھيد، مظلوم عورت فھميدہ سيال، تانيه خاصخيلي ۽ ام رباب چانڊيو جي پيءُ، ڀاءُ ۽ چاچي کي قتل ڪرائيندڙ قبائلي سردارن کي ڪيترائي سال لنگهي وڃڻ باوجود سزا کان بچايو وڃي پيو.
ڊاڪٽر اجمل ساوند مختيارڪار جي عهدي کي ٿڏي 2009 ۾ پي ايڇ ڊي ڪرڻ جي مقصد سان واپس فرانس ھليو ويو جتي کيس اتان جي ھڪ يونيورسٽي ۾ مصنوعي ذھانت Artificial intelligence واري شعبي ۾ پنهنجي قابليت وسيلي داخلا ملي ويئي. (هلندڙ)

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button