ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

پنجاب ۽ پيپلز پارٽي

Editorial-Article- Umer Qazi

هڪ هوشيار سياستدان جو ثبوٽ ڏيڻ لاءِ پيپلز پارٽيءَ جو اصل اڳواڻ آصف زرداري پنجاب کي وسائي ويٺو آهي. هن جي ڪوشش آهي ته جيڪي اليڪٽبل (Electable) همراهه اسٽيبلشمينٽ جي دٻاءَ سبب تحريڪ انصاف مان استعفائون ڏئي رهيا آهن، انهن کي پنهنجي پارٽيءَ ۾ شامل ڪري سگهي.
آصف زرداريءَ جي ان حڪمت عملي تي هن جي اتحادي پارٽي مسلم ليگ ن کي اعتراض به آهن. انهن دٻيل لفظن ۾ آصف زرداريءَ کي اها ڌمڪي به ڏني آهي ته جيڪڏهن هو پنجاب ۾ اهڙي طرح سان گهڙيو ته پوءِ نون ليگ کي سنڌ ۾ داخل ٿيڻ کان ڪو روڪي نه ٿو سگهي. جڏهن ته ان قسم جي سوچ ڪنهن به طرح سان جمهوري قدرن جي عڪاسي نه ٿي ڪري. پر اسان هن ملڪ ۾ هن وقت ڪهڙي جمهوريت ۽ ڪهڙن اصولن جون ڳالهيون ڪري سگهون ٿا. اسان جي سياسي پلين جي هيٺان جيڪو پاڻي گذري رهيو آهي، ان جو حال ۽ حشر اسان ڏسي رهيا آهيون. حقيقت اها آهي ته هاڻي پاڪستان جون وڏيون پارٽيون پنهنجي وجود کي پنهنجن صوبن تائين محدود رکن ٿيون. مطلب ته انهن پارٽين جي ليڊرشپ جنهن صوبي سان تعلق رکي ٿي، اهي صرف اتي ئي سياست ڪرڻ جي موڊ ۾ آهن. اهڙي طرح انهن صوبن کي مختلف پارٽين ۾ ورهائي ڇڏيو آهي. انهن جو خيال آهي ته پيپلز پارٽي جي حوالي سنڌ آهي ۽ پنجاب تي اصل حق مسلم ليگ ن جو آهي. جڏهن ته اسان هن وقت تحريڪ انصاف جو تذڪرو نه ٿا ڪريون. ڇو ته هن جو مثال الڳ آهي. هن وقت اسان انهن پارٽين جو تجزيو ڪري رهيا آهيون، جيڪي گهڻو ڪري مخصوص صوبن تائين محدود آهن. انهن پارٽين ۾ سڀ کان اڳ پيپلز پارٽي آهي. پيپلز پارٽيءَ حقيقي طور تي سنڌ تائين محدود آهي. پر پيپلز پارٽيءَ کي پتو آهي ته پاور جو اصل مرڪز پنجاب آهي. هوءَ پنجاب ۾ پنهنجي وجود کي ڦهلائڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي. ان لاءِ آصف زرداريءَ جي تازي ڪوشش کي ميڊيا ۾ تمام اهميت سان ڏٺو پيو وڃي.
پيپلز پارٽي ۽ پنجاب جو پاڻ ۾ تمام پراڻو ۽ تمام مضبوط تعلق رهيو آهي. تاريخ ان سچائيءَ کي ڪڏهن به فراموش نه ڪندي ته پيپلز پارٽيءَ جو جنم ئي پنجاب ۾ ٿيو هو ۽ اهو پنجاب ئي هو، جنهن سدائين پيپلز پارٽيءَ کي پنهنجي ڀرپور حمايت ڏني. اهو پنجاب ئي هو، جنهن پيپلز پارٽيءَ کي ملڪ جي سڀ کان وڏي ۽ تمام طاقتور پارٽي بڻايو. پر اهو پنجاب ئي هو، جنهن پيپلز پارٽيءَ جي پاليسين کان ناراض ٿي پارٽي کان علحدگي اختيار ڪئي. پنجاب پاران پيپلز پارٽيءَ کي ڇڏڻ جو سلسلو ته بينظير ڀٽو جي حياتيءَ ۾ شروع ٿي ويو هو پر آصف زرداريءَ جي قيادت ۾ پيپلز پارٽيءَ جو پنجاب ۽ خاص تي مرڪزي پنجاب مان بنهه خاتمو اچي ويو. ڪجهه فردن ۽ ڪجهه مسئلن جي ڪري پيپلز پارٽي سرائڪي بيلٽ ۾ پنهنجي وجود کي قائم رکيو. پر سرائڪي بيلٽ جاگرافي جي حوالي سان ڀلي پنجاب هڪ حصو هجي پر اهو پنجاب جو ترجمان حصو ناهي. باقي اصل پنجاب ته پيپلز پارٽيءَ کان ڪڏهن جو پنهنجو دامن ڇڏائي چڪو آهي.
پيپلز پارٽي وڃايل پنجاب کي حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي رهي آهي ۽ هي پهريون موقعو ناهي جو پيپلز پارٽيءَ پاڻ کي پنجاب ۾ نئين سر سگهارو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هجي. آصف زرداريءَ تمام گهڻيون ڪوششون ڪيون آهن. ڪيترائي ڀيرا بلاول کي پنجاب ۾ داخل ڪيو ويو آهي ته ڪنهن طرح سان پنجاب کي سياسي طور تي پنهنجو بڻائي سگهي پر هر ڀيري پيپلز پارٽيءَ کي مايوسي ملي آهي. هن ڀيري ڪجهه ماڻهو پيپلز پارٽيءَ ۾ شامل ٿي رهيا آهن. پر ڇا انهن ماڻهن جي معرفت پيپلز پارٽي پاڻ کي پنجاب ۾ هڪ سياسي طاقت بڻائي پيش ڪري سگهي ٿي؟
پنجاب ۾ اسٽيبلشمينٽ جي دٻاءَ سبب تحريڪ انصاف ڇڏيندڙ اهي فرد جيڪي ڪڏهن اسيمبلين ۾ موجود هئا، انهن جي حوالي سان هن مهل سوشل ميڊيا تي روزانو اهي رپورٽون اچي رهيون آهن ته انهن کي پنهنجي تڪ جي عوام ڇڏي ڏنو آهي ۽ انهن جي باري ۾ هو تمام واضح لفظن ۾ چئي رهيا آهن ته انهن جو ڪو به ووٽ ڪونهي. ان جو مطلب اهو ٿيو ته هو اسيمبلين ۾ سوڀارا ٿي اچي نه ٿا سگهن. ان صورت ۾ پيپلز پارٽيءَ کي ان جو ڪهڙو فائدو پهچندو؟ باقي پنجاب ۾ انهن جي ڪري ڪنهن حد تائين هڪ شور ۽ هڪ شو ٿيندو. سياسي پارٽيون اهڙي عمل کي به غنيمت سمجهنديون آهن. پر ڇا اصولي طور تي اهو افسوس جو مقام ناهي؟
پيپلز پارٽي جيڪا ڪڏهن هن ملڪ جي تمام وڏي پارٽي هئي ۽ جنهن جو پنجاب ۾ تمام مضبوط بنياد به هو. اڄ جڏهن اها پنجاب مان پنهنجين غلطين سبب بي دخل ٿي وئي آهي ته اها پاڻ کي پنجاب ۾ ٻيهر هڪ سياسي طاقت جي طور تي ثابت ڪرڻ لاءِ ڪهڙن فردن لاءِ ڄار وڇائي ويٺي آهي؟ انهن فردن جي لاءِ جن کي پنهنجي حلقي جو عوام پسند نه ٿو ڪري. جن جي مٿان اهو الزام آهي ته انهن آزمائش ۾ پنهنجي پارٽي ۽ پنهنجي قائد جو ساٿ ڇڏي ڏنو. جن کي بيوفا ۽ جن کي بي اعتباريءَ جي علامت قرار ڏنو پيو وڃي، انهن کي پارٽيءَ ۾ شامل ڪري آصف زرداري پيپلز پارٽيءَ کي پنجاب ۾ مضبوط ڪرڻ بدران ڪمزور نه پيو ڪري؟ ان سلسلي ۾ پيپلز پارٽيءَ جي انهن فردن کي سنجيدگيءَ سان سوچڻ گهرجي، جيڪي هن وقت تائين پاڻ کي اصول پرست ۽ نظرياتي سمجهن ٿا. انهن جو نظريو ۽ انهن جا اصول سواليا آهن ۽ انهن جي مٿان تنقيد به ٿي سگهي پر پوءِ به انهن کي جنهن طرح سان معاشري ۾ ڏٺو ٿو وڃي، اهو الڳ مقام آهي. پر پوءِ به جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي، اهو ڪنهن به طرح سان پيپلز پارٽيءَ کي نه ٿو سونهين. ڇو ته پيپلز پارٽي ڀلي هن مهل پنجاب ۾ هڪ طاقت نه هجي پر پوءِ به اها ڪڏهن ٿي سگهي ٿي. سياست ۾ لاها چاڙها فطري عمل آهن. اهي ڪڏهن به زوال ۽ عروج جا سبب بڻجي سگهن ٿا. ان حوالي سان پيپلز پارٽيءَ کي پنجاب ۾ صبر سان هڪ اصولي قسم جي ڪوشش ڪرڻ گهرجي. پيپلز پارٽيءَ ۾ پي ٽي آءِ جي ڀڳوڙن کي عزت ۽ شان سان شامل ڪرڻ جو عمل تمام گهڻي افسوس وارو آهي. ان عمل تي هن، مهل تائين نه صرف پارٽي پر اهي نام نهاد ميڊيا جا آزاد حلقا به خاموش آهن، جيڪي عام طور تي پيپلز پارٽيءَ جا حامي سمجهيا ويندا آهن. ڇا انهن کي به اهو محسوس ٿي رهيو آهي ته آصف زرداري جيڪو ڪجهه ڪري رهيو آهي ۽ هو جهڙي طرح پي ٽي آءِ ڇڏيندڙ همراهن کي پارٽيءَ ۾ شامل ڪري رهيو آهي، اهو ڪم هن جي سياسي ڏاهپ جو ثبوت آهي؟ جيڪڏهن هو به اهو سوچي رهيا آهن ته پوءِ اسان کي سمجهي وڃڻ گهرجي ته اسان هڪ اجتماعي زوال جو شڪار آهيون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button