پاڪستانسنڌ

ڪراچي ۾ گهر جي گيلري ۾ بيٺل ٻارڙي فائرنگ ۾ مارجي وئي، جوابدار گرفتار

ڪراچي: لانڍي مانسره ڪالوني ۾ فائرنگ سان گهر جي گيلري تي بيٺل ٻارڙي جي مٿي تي گگولي لڳڻ تي موقعي تي مارجي وئي. پوليس فائرنگ ڪندڙ ڏوهاري کي گرفتار ڪري پسٽل برآمد ڪيو. تفصيل مطابق آچر تي شرافي ڳوٺ ٿاڻي لانڍي مانسره ڪالوني اسٽريٽ نمبر 18 عيدگاهه گرائونڊ ويجهو فائرنگ سان گهر جي گئلري ۾ بيٺل ٻارڙي جو مٿي ۾ گولي لڳڻ تي موقعي تي مارجي وئي. فائرنگ سبب دم ڏيندڙ 13 سالن جي اريشا ڌي غياث احمد واري واقعي بعد پوليس موقعي تي ڪاروائي ڪندي محمد زبير پٽ زرين خان کي گرفتار ڪري ورتو. گرفتار محمد زبير علائقي جي ڪنهن ٻارڙي کي دڪان کان کير گهرائڻ لاءِ چيو هو، جنهن تي ٻارڙي کير نه وٺڻ تي انڪار ڪيو، گرفتار جوابدار ٻارڙي ۽ ان جي ڀائرن سان جهيڙو ڪرڻ لڳو ۽ ان دوران گرفتار جوابدار هوائي فائرنگ ڪئي ته گهر جي گيلري تي بيٺل اريشا جي مٿي تي گولي لڳي وئي، سال اڳ به معصوم نياڻي گهرڀاتين سان گڏ موڪلون گذارڻ مانسره ڪالوني آئي هئي. ان دوران ٻارڙي جو ڀا ٽرئفڪ حادثي ۾ اجل جو شڪار ٿيو هو. ايس ايڇ او مطابق پوليس واقعي جي حوالي سان وڌيڪ جاچ ڪري پئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button