پاڪستانسنڌ

مڪاني چونڊ ريهرسل هئي،پ پ عام چونڊن ۾ ڪلين سوئيپ ڪندي:شرجيل ميمڻ

ڪراچي: اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ سڄي سنڌ ۾ مڪاني چونڊن جي ٽئين مرحلي ۾ ڪاميابي حاصل ڪندڙ پيپلز پارٽي جي نمائندن کي مبارڪون ڏنيون آھن. پنھنجي ھڪ بيان ۾ سنڌ جي اطلاعات واري وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آھي ته مڪاني چونڊن ۾ پيپلز پارٽي سڄي سنڌ ۾ وڏي اڪثريت سان ڪاميابي حاصل ڪئي آھي ۽ اھا ڪاميابي اُن ڳالهھ جو ثبوت آھي ته پيپلز پارٽي سنڌ جي سڀني کان وڏي سياسي جماعت آھي. ھن چيو ته ڪراچي، حيدرآباد، سکر، ميرپورخاص ۽ شھيد بينظير آباد سميت سڄي سنڌ جي سمورن ضلعن ۾ پيپلز پارٽي جا ميئر ۽ ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جا چيئرمين چونڊجي ايندا. هن چيو ته مڪاني چونڊن جا نتيجا ايندڙ عام چونڊن جي ريھرسل آھي، عام چونڊن ۾ به انشاءَالله پيپلز پارٽي مڪاني چونڊن جيان سڄي صوبي ۾ وڏي اڪثريت سان ڪاميابي حاصل ڪندي ڪلين سوئيپ ڪندي ۽ عوام جي خدمت جو سلسلو جاري رکندي. ھن چيو ته مڪاني چونڊن جا نتيجا اُن ڳالھه جو ثبوت آھن ته سنڌ جي عوام پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري تي ڀرپور اعتماد جو اظهار ڪيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button