ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ هلندڙ ڳالهيون ۽ پاڪستان جو ڪردار

Editorial-Article- Ali Raza Jalbani

آمريڪا جي اڳوڻي صدر ڊونلڊ ٽرمپ پنهنجي صدارت سنڀالڻ شرط ئي غيرروايتي پاليسين جي شروعات ڪري ڇڏي هئي. چين مٿان معاشي پابنديون وجهڻ، ماحوليات جي بچاءَ وارن اهم معاهدن تان هٿ کڻڻ، يورپ جي تحفظ جي ذميواري لاءِ خرچ گهرڻ ۽ ايران ۽ آمريڪا سميت دنيا جي اهم ملڪن وچ ۾ ايران کي جوهري هٿيار ٺاهڻ کان روڪڻ واري معاهدي (JCPOA) تان هٿ کڻڻ سميت ٻيا ڪيترائي اهڙا ڪم رهيا جن ڊونلڊ ٽرمپ کي ٻين صدرن کان مختلف ڪري بيهاريو. جوئي بائيڊن پنهنجي صدارت سنڀالڻ شرط ئي ٽرمپ جي ڪيترن ئي پاليسين کي واپس وٺڻ جو سلسلو شروع ڪيو ۽ آمريڪا جي “آئيسوليشن” واري پاليسي تان پڻ دستبردار ٿيو. بائيڊن انتظاميا پاران يورپي يونين جي مدد سان ايران سان ڳالهين جو سلسلو ٻيهر شروع ڪيو ويو، جنهن جون هن سال اپريل کان جون جي وچ ۾ ڇهه گڏجاڻيون ٿيون. هي سلسلو هڪ ڀيرو ٻيهر رڪجي ويو ۽ هينئر وري هڪ ڀيرو ٻيهر اهي ڳالهين کي جاري رکڻ بابت ايران جي پرڏيهي وزير توڙي بيلجيم ۾ موجود ايراني سفارتڪارن به اها ڳالهه واضح ڪئي ته هن مهيني جي آخر تائين ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ معاهدي (JCPOA) جي بحاليءَ بابت ڳالهيون شروع ڪيون وينديون. ان معاهدي جي بحاليءَ جي تفصيلن ۽ ان ۾ پاڪستان جو ڪردار ڪهڙو ٿي سگھي ٿو اچو ته ان بابت ڳالهه ٻولهه ڪريون.
ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ لاڳاپن ۾ ڇڪتاڻ ته 1979ع واري ايراني انقلاب کان وٺي هلندڙ آهي جنهن ۾ مختلف وقتن تي تيزي ۽ گھٽتائي ايندي رهي آهي. ٻنهي ملڪن وچ ۾ جنگ جا امڪان به ڪيترائي ڀيرا وڌيا آهن پر ملڪن جي هڪٻئي سان پيچيدن ۽ گھڻ رخن لاڳاپن ۽ دارومدار جي حد کان وڌيڪ وڌي وڃڻ ڪري ٻنهي ملڪن وچ ۾ سڌي ريت ويڙهه ناهي ٿي سگھي. جنگ جو امڪان ٻنهي ملڪن ۾ ان وقت تمام گھڻو وڌي ويو جڏهن آمريڪا پاران ايران جي وچ اوڀر ۾ هلندڙ گهرو ويڙهن جي ڪمانڊ سنڀاليندڙ جنرل قاسم سليماني کي قتل ڪيو ويو. جواب ۾ ايران پاران به وچ اوڀر جي ملڪن ۾ موجود آمريڪي ٺڪاڻن تي هوائي حملا ڪيا. دنيا ان انتظار ۾ هئي ته اجهو ٿو آمريڪا ايران تي حملو ڪري ۽ ايران سان جنگ جو باضابطه اعلان ڪري (جيتوڻيڪ هاڻي عالمي قانون تحت جنگ جو باضابطه اعلان نٿو ڪري سگھجي سواءِ “جسٽ وارز” جي). پر تنهن وقت جي صدر ٽرمپ پاران ايران جي حملن جو جواب ڏيڻ کان انڪار ڪيو ويو ڇاڪاڻ ته کين اها چڱي طرح سڌ هئي ته هنن کي سندن اصل هدف حاصل ٿي چڪو آهي تنهنڪري سندن لاءِ ايران سان وڌيڪ ويڙهه جو ڪو وڏو مقصد نٿو بچي. ڪجهه ماهرن جو ان بابت اهو به چوڻ هو ته ايراني اختيارين کي اها ڳالهه چڱيءَ ريت خبر هئي ته سندن ملڪ جي چوڌاري آمريڪا جا لڳ ڀڳ پنجٽيهه فوجي اڏا آهن، جيڪڏهن هو ڪو وڏو حملو ڪندا ته کين تمام گھڻي مشڪل کي منهن ڏيڻو پئجي سگھي ٿو، تنهنڪري هنن به ڪو وڏو جوابي حملو نه ڪيو ۽ صرف پنهنجي عزتِ نفس بچائڻ لاءِ نالي ماتر ميزائيل حملا ڪيا. بهرحال ايران پنهنجي قاسم سليماني جهڙي ذهين ۽ ارڏي جرنيل جي قرباني وساري پاڻ مٿان لڳل معاشي پابندين کان پاڻ کي آجو ڪرڻ جي ڪوششن ۾ ٻيهر لڳي ويو آهي. جنهن جا ڪجهه سبب هي به آهن ته ايران وڏي عرصي کان معاشي پابندين کي منهن ڏيڻ سبب اقتصادي طور تي ڪمزور ٿيندو پيو وڃي، تنهنڪري کيس پئسن جي ضرورت آهي. ان کان علاوه ان ڇڪتاڻ واري صورتحال ۾ کيس چين سان لاڳاپن مان ڪو خاطر خواهه لاڀ حاصل نه ٿي سگھندو، ڇاڪاڻ ته غيريقيني واري صورتحال ۾ چين جي سيڙپڪاري متاثر ٿيڻ جا امڪان پڻ آهن ۽ ٽيون ته مضبوط معيشت ئي ايران کي سعودي عرب سميت ٻين مخالف عرب رياستن سان منهن ڏيڻ جي لائق بڻائي سگھي ٿي. تنهنڪري ايران جي اها مجبوري به آهي ته هو ان معاهدي کي بحال ڪري پنهنجي جوهري پروگرام کي ڪجھه وقت لاءِ روڪي پنهنجي معيشت کي ٽيڪو ڏيئي.
هن سال 5 آگسٽ تي حلف کڻندڙ ايران جي نئين چونڊجي آيل صدر ابراهيم رئيسي پنهنجي پنهنجي پهرين صدارتي تقرير ۾ ئي اهو واضح ڪري ڇڏيو هو ته هو پاڙيسري ملڪن سميت دنيا جي سمورن ملڪن سان بهتر لاڳاپا چاهين ٿا. هن اهو به چيو ته وچ اوڀر واري خطي ۾ هلندڙ بحران کي هو ڳالهين ذريعي ئي حل ڪرڻ چاهين ٿا. ٻين لفظن ۾ هن جي پهرين ترجيح ايران کي ٽڪرا کان پاسي رکڻ آهي. جيتوڻيڪ سندس حلف کڻڻ کان اڳ ئي آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ ڳالهين جو سلسلو هلندڙ هو جيڪو هن جي حلف کڻڻ کان هڪ مهينو اڳ ئي بند ٿيو. صدر رئيسي ان مرحلي کي ٻيهر شروع ڪرڻ جو اشارو ڏئي ڇڏيو آهي. ٻئي پاسي آمريڪا جي دفاع واري سيڪريٽري لائيڊ آسٽن ان حوالي سان مايوسيءَ جو پڻ اظهار ڪندي چيو ته آمريڪا ته چاهي ٿو ته ايران کي ايٽمي هٿيار حاصل ڪرڻ کان روڪجي ۽ ايران سان ڪنهن ڊيل تحت معاملا طئي ڪجن پر ايران ان معاملي ۾ سنجيده ناهي. انهيءَ جي جواب ۾ ايراني پرڏيهي وزير حسين امير عبداللهين ڄاڻايو ته هو ان ڳالهه تي راضي آهن ٻنهي ملڪن وچ ۾ ايراني ايٽمي پروگرام کي روڪڻ جي حوالي سان 2015ع ۾ ٿيل معاهدي (JCPOA) کي ٻيهر بحال ڪجي ۽ هن اهو پڻ ٻڌايو ته نومبر جي اڻٽيهه تاريخ تائين ڳالهين جي سلسلي جي بحالي جا امڪان آهن.
آڪٽوبر جي مهيني ۾ يورپي يونين جي ڊپٽي سيڪريٽري جنرل اينريق مورا پڻ ان حوالي سان ايران جو دورو ڪيو جتي سندس ملاقات ايران جي ڊپٽي پرڏيهي وزير سان ٿي. هن ايراني وزير کي آماده ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته ايران “ويانا” ۾ ٿيل ڳالهين جي سلسلي کي ٻيهر بحال ڪري. انهن ئي ڪوششن سبب وڌ کان وڌ امڪان آهن ته ڳالهين جو سلسلو ٻيهر شروع ٿئي. جيتريقدر ڳالهين جي ڪاميابيءَ جو دارومدار آهي ته ان ۾ پاڪستان جو ڪردار پڻ اهم ثابت ٿي سگھي ٿو. جوئي بائيڊن ۽ ڪمالا هيرث جو تعلق جيئن ته ڊيموڪريٽ پارٽيءَ سان آهي، ڊيموڪريٽس جو اهو نسلي برتريءَ واري ٻولي ڳالهائڻ بجاءِ (گھٽ ۾ گھٽ ڳالهين جي حد تائين) گھڻ ثقافتي نظام جي حمايت ڪندي نظر ايندا آهن ۽ دنيا جي معاملن ۾ ڪردار ادا ڪرڻ (ڪٿي ڪٿي ٽنگ اڙائي ڪرڻ) سندن ترجيح هوندي آهي. تنهنڪري هو ٻيهر دنيا جي معاملن ۾ سرگرم ٿيندي نظر اچن پيا ۽ بائيڊن جو ته نعرو ئي اهو رهيو آهي ته آمريڪا جي عالمي ڪردار جي ٻيهر بحالي ۽ سندس پرڏيهي پاليسيءَ جو اهو شروع کان اهم نقطو رهيو آهي ته هو ايران سان ايٽمي معاملن تي ڊيل ضرور ڪندا.
ان ڏس ۾ ٽِن سببن کي نظر ۾ رکندي اهو چئي سگھجي ٿو ته پاڪستان هن معاهدي کي ڪامياب بڻائڻ ۾ ٽياڪڙ جو ڪردار ڪاميابي سان نڀائي سگھي ٿو. هڪ ته پاڪستان جا ٻنهي ملڪن سان ڪهڙي نه ڪهڙي صورت ۾ سفارتي لاڳاپا مسلسل رهيا آهن ۽ سڌي ريت توڙي پڙدي پٺيان انهن ٻنهي ملڪن سان پاڪستان جي سفارتي ڳالهه ٻولهه جو سلسلو جاري رهندو آيو آهي تنهنڪري پاڪستان لاءِ ٻنهي ملڪن وچ ۾ ثالثي واري ڪردار جي گنجائش ضرور آهي. ٻيو، افغانستان ۾ اثررسوخ به ٻين ملڪن جي ڀيٽ ۾ پاڪستان جو گھڻو آهي ۽ دنيا جي ملڪن افغانستان مٿان ِاهو دٻا پڻ وڌو پيو وڃي ته هو انساني حقن جي ڀڃڪڙي جي سلسلي کي روڪن تڏهن سندن حڪومت کي تسليم ڪيو ويندو. ان امن ۽ امان جي صورتحال جي بحالي پاڪستان توڙي ايران، جيڪي افغانستان جي پاڙيسري ملڪ آهن، تن جي مدد کانسواءِ ممڪن ناهي ۽ آخري اهو ته 1970 ۾ طئي ٿيل نيوڪليئر هٿيارن جي ڦهلا کي روڪڻ واري دنيا جي وڏي ۾ وڏي معاهدي (Nuclear Non-Proliferation Treaty) تي صحيح نه ڪندڙ صرف ٽِن ملڪن مان پاڪستان هڪ آهي جن ۾ ڀارت ۽ اسرائيل پڻ شامل آهي، اتر ڪوريا پڻ ان معاهدي جو حصو رهيو جنهن 2004ع ۾ ان معاهدي کان الڳ ٿيڻ جو اعلان ڪيو، جڏهن ته ايران جي اڳوڻي پرڏيهي وزير گذريل سال ان معاهدي تان هٿ کڻڻ جي ڌمڪي پڻ ڏني هئي.
ايران ۽ دنيا جي ڇهه اهم ملڪن (آمريڪا، چين، فرانس، جرمني، روس ۽ برطانيه) جي وچ ۾ اوباما دور ۾ ٿيل (JCPOA) معاهدي جي بحالي آمريڪا لاءِ ان ڪري به ضروري آهي ته جيڪڏهن ايران ايٽمي هٿيار ٺاهڻ ۾ ڪامياب وڃي ٿو ته وچ اوڀر واري خطي ۾ طاقت جو توازن ايران جي فائدي ۾ تبديل ٿي ويندو، جنهن سان آمريڪا جي ويجهن عرب ساٿين ۽ اسرائيل لاءِ خطري جوڳي ڳالهه ٿي ويندي. هن وقت ان خطي ۾ فقط اسرائيل ئي آهي جنهن وٽ ايٽمي هٿيار موجود آهن، ايران به جيڪڏهن ايٽم بم ٺاهڻ ۾ ڪامياب ويو ته اسرائيل جي ايٽمي طاقت جو اثر برابر ٿي ويندو، جيڪو آمريڪا توڙي اسرائيل ڪنهن به صورت ۾ نه ٿيڻ ڏيندا. ان کان علاوه هڪ ٻيو سبب به جنهن ڪري دنيا جا ٻيا ملڪ به ايران جي ايٽمي هٿيار ٺاهڻ جي خلاف آهن ته جيڪڏهن ايران ايٽمي هٿيار حاصل ڪري ٿو ته سعودي عرب به دير نه ڪندو ۽ ايٽمي طاقت بڻجڻ جي ڪم سان لڳي ويندو. اهڙيءَ ريت “اين پي ٽي” جهڙا معاهدا ڏينهون ڏينهن ڪمزور ٿيندا ويندا ۽ دنيا انسانذات کي مڪمل طور تي ختم ڪرڻ جي سگھه رکندڙ هٿيارن سان ليس ٿي ويندي. انهن ڳالهين کي نظر ۾ رکندي بين الاقوامي تعلقات جا ماهر اهو سمجهن ٿا ته دنيا لاءِ اهميت رکندڙ هن معاهدي جي بحاليءَ واري عمل ۾ پاڪستان جو ڪردار انتهائي ضروري آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button