سنڌ

حيدرآباد ۾ جوابدار ڏنڊَا هڻي نوجوان کي قتل ڪري ڇڏيو

حيدرآباد ۾ جوابدارن ڏنڊا هڻي نوجوان کي قتل ڪري ڇڏيو، پوليس قتل ڪيس داخل ڪري جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو. خبر موجب حيدرآباد جي حالي روڊ ٿاڻي جي حد ۾ پاڙي ۾ جهيڙي دوران جوابدارن نوجوان عبدالرزاق کي ڏنڊ هڻي قتل ڪري ڇڏيو، واقعي بعد پوليس مقتول جو ڪيس داخل ڪري ورتو. پوليس ٻڌايو ته جوابدارن جهيڙي دوران مقتول کي ڏنڊا هڻي زخمي ڪري ڇڏيو، جيڪو سول اسپتال ۾ زخمن جا تاب نه سهندي فوت ٿي ويو، جنهن جو ڪيس جوابدار گل پسند خلاف داخل ڪري کيس گرفتار ڪري ورتو آهي. جهيڙي سبب علائقي ۾ خوف ۽ حراس پکڙجي ويو، جڏهن ته مقتول نوجوان جو لاش گهر نيو ويو ته ڪهرام مچي ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button