سنڌ

حيدرآباد ۾ واسا ملازمن کي پگهار نه ملي،ايڇ ڊي اي آفيس آڏو مظاهرو

حيدرآباد ۾ 2 ڏينهن اڳ واسا ملازمن پگهار نه ملڻ تي سيوريج ۽ ڊرينيج سسٽم بند ڪري پمپنگ موٽرن تي احتجاج ڪيو هو، پاڻي روڊن تي بيهڻ دوران گدو چوڪ تان گورنر سنڌ محمد عمران اسماعيل جي گاڏي ۽ قافلو به گٽرن جي پاڻي مان گذريو هو، جنهن دوران واسا اختيارين مڇرجي ٻن ٿاڻن تي يونين جي جنرل سيڪريٽري عبدالقيوم ڀٽي سميت 9 ڄڻن تي ڪيس داخل ڪرايو هو، ڪيس داخل ٿيڻ بعد پوليس واسا يونين جي جنرل سيڪريٽري عبدالقيوم ڀٽي، روئوف بليدي، رحيم کوسو جي گهرن تي چڙهائي ڪري کين گرفتار ڪري ورتو هو. ان ڏس ۾ عدالت ٻن ڪيسن مان حسين آباد ٿاڻي تي داخل ڪيس ۾ ملازم اڳواڻن جي ضمانت منظور ڪري ورتي آهي، ملازمن ڪالهه به ايڇ ڊي اي آفيس سامهون مظاهرو ڪيو. ملازمن چيو ته واسا عملدارن پگهار جاري نه ڪري وڏو ظلم ڪيو آهي، پگهار ڏئي بک مرڻ کان بچايو وڃي. داخل ڪيس ختم ڪيا وڃن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button