سنڌ

حيدرآباد ۾ گهر ڊاهڻ خلاف ڳوٺاڻن جو پيادل مارچ،ڌرڻا

حيدرآباد ۾ بلڊر مافيا طرفان مقامي ماڻهن کي جبري طور بي گهر ڪرڻ وارو سلسلو بند نه ٿيو، ڪالهه حيدرآباد جي علائقي هالاناڪا جي ڳوٺ عبدالله چانگ جي رهواسين عورتن ۽ ٻارن سان گڏجي ڳوٺ تي قبضي ۽ گهر ڊاهڻ خلاف هالا ناڪا کان ريلي ڪڍي مختلف علائقن کان ٿيندي شهباز بلڊنگ آڏو ۽ حيدرآباد پريس ڪلب سامهون مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو. ان موقعي تي هيمراج ٺاڪر، شام لال، منجي لال، ڊاڪٽر امرشي ٺاڪر، ڊاڪٽر حسن لغاري، مانسنگ ٺاڪر، امر داس، هوملو ٺاڪر ۽ ٻين چيو ته هالا ناڪو ويجهو مختلف ڳوٺن ۾ هزارين ماڻهو ۽ اقليتي برادريون سالن کان آباد آهن، ڳوٺن کي خالي ڪرڻ جون ڪوششون تيز ڪيون پيون وڃن، جڏهن ته عارف بلڊر پنهنجي بااثر ماڻهو ناصر پٺاڻ سان ملي ڪري ڳوٺ عبدالله چانگ ۾ اسان جي ٺاڪر پاڙي ۾ 4 کان 5 گهر ڊاهي ڇڏيا آهن، جيڪا اسان سان وڏي ناجائزي آهي. هنن چيو ته بلڊر بااثر ڳوٺ تي قبضو ڪرڻ چاهي ٿي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button