سنڌ

پبلڪ سروس ڪميشن جا نتيجا پڌرا،275 اميدوار 16 ۽ 17هين گريڊ ۾ پاس

سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن تازو سپريم ڪورٽ جي حڪم تي پنهنجي ڪم ڪار جاري رکڻ واري فيصلي کانپو پنهنجي ڪم جو آغاز گڏيل چٽاڀيٽي جي امتحان 2019 جا حتمي نتيجا پڌرا ڪرڻ سان ڪري ڇڏيو آهي. جنهن ۾ 275 اميدوارن کي 16هين ۽ 17هين گريڊ جي پوسٽ ۾ پاس ڪيو ويو آهي. جاري ڪيل لسٽ ۾ ڊي ايس پي، مختيارڪار، اي ٽي او، ايڊمنسٽريشن سميت مختلف گزيٽيڊ پوسٽون شامل ڪيون ويون آهن. نتيجن ۾ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ڄاڻايو آهي ته سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ۽ سنڌ حڪومت طرفان 17هين ۽ 16هين گريڊ جي 152 پوسٽن تي مقرين لا امتحان ورتو ويو. امتحان ۾ 14 سئو 85 ڄڻن لکت جو امتحان ڏنو، جنهن ۾ 299 ڄڻا پاس ٿيا. جڏهن ته زباني امتحان ۾ رڳو 275 ڄڻا پاس ٿيا آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button