سنڌ

ڪانھا ڪمار جي قاتل کي ھر حال ۾ سزا ملڻ گھرجي:اياز لطيف

قومي عوامي تحريڪ جي سربراهه اياز لطيف پليجي ٻٻرلو پهچي معصوم مقتول ڪانھا سچديو جي تڏي تي پھچي سندس والد پريتم ڪمار، چاچي جيسو مل ۽ ٻين وارثن سان تعزيت ڪئي ۽ کانئن واقعي جا تفصيل ورتا. ان موقعي تي اياز لطيف پليجي ڊي آ جي لاڙڪاڻو ۽ ايس ايس پي خيرپور سان رابطو ڪري جوابدارن خلاف قانوني پيش رفت تي ڳالھه ٻولھه ڪئي. اياز لطيف پليجي معصوم ڪانھا سچديو جي قتل واقعي جي مذمت ڪندي وارثن کي انصاف ۾ مدد ڏيارڻ جي خاطري ڪرائي. اياز لطيف پليجي چيو ته حڪومت ۽ چيف جسٽس ھا ڪورٽ وحشتناڪ واقعي جو نوٽيس وٺي معصوم ٻالڪ جي خون سان انصاف ڪن. سنڌ ۾ روزانو معصوم ماڻھو قتل ٿي رھيا آھن ۽ وحشتناڪ واقعا ٿي رھيا آھن، هن چيو ته قانون سڀني لاءِ برابر آھي. انصاف سڀني لاءِ برابر آھي. انسانيت جي قاتلن کي منطقي انجام تائين پھچايو وڃي. معصوم ڪانھا ڪمار جا قاتل ڪيترا به بااثر ڇو نه ھجن، انھن کي ھر حال ۾ سزا ملڻ گھرجي،

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button