ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

وائکا ٿيندڙ ڪردار

Editorial- Article-Akhtar Hafeez

نواز شريف خلاف تيار ڪيل سياسي سُٽ آهستي آهستي کُلي رهيو آهي. اهي ڪردار جيڪي نواز شريف کي سياسي ميدان مان ٻاهر ڪرڻ لا گذريل ڪيترن سالن کان محنت ڪندا رهيا، سي هاڻ وائکا ٿي رهيا آهن، نه رڳو وائکا ٿيا آهن پر انهن جيڪي ڪجهه ڪيو آهي، ان مان ظاهر پيو ٿئي ته هي ڪا معمولي سازش نه هئي پر ان ۾ميڊيا، اسٽيبلشمينٽ، عدليه جا جج، سياستدان ۽ بيوروڪريٽ شامل هئا. جن نواز شريف کي نا اهل ڪرائڻ لا پنهنجي حصي پتي جو ڪردار ادا ڪيو.
ملڪ جي سياست جو ڪنٽرول سياستدانن وٽ هجي، اهو “ڪمپني بهادر” کي ڪنهن به ريت قبول ناهي، ان ڪري پهرين ڏينهن کان وٺي ڪنهن به سياسي سيٽ اپ کي هلڻ ئي نه ڏنو ويو آهي. سياست کي وڌيڪ خراب ڪرڻ لا اهڙا اهڙا سياسي ڪردار تيار ڪيا ويا، جن سياست کان ماڻهن کي نفرت ڏياري ڇڏي. پر جهڙي ريت سياست کي پي ٽي آ گندو ڪيو آهي، ان جو مثال ماضي ۾ نٿو ملي. پر اها اڪيلي سر اهو ڪم نٿي ڪري سگهي، ڇاڪاڻ ته ان کي به اسٽيبلشمينٽ جي پُٺ آهي ۽ اها ان جي ڏڍ تي اهو سڀڪجهه ڪندي آئي آهي. جنهن جي ڪري سندس من ايترو وڌي ويو آهي جو اها هاڻ صحافين کي بخش نٿي ڪري. شهباز گل جهڙا وزير اعظم جا ترجما جيڪا ٻولي ڳالهائين ٿا، اها ڪنهن به ريت سياسي ناهي.
نواز شريف کي سياست کان ٻاهر ڪڍڻ لا قانون بدران ملڪي مفاد وارو مفروضو استعمال ڪيو ويو. تازو ئي اڳوڻي چيف جسٽس ثاقب نثار جي هڪ آڊيو ظاهر ٿي آهي، جنهن ۾ هو اهي هدايتون ڏئي رهيو آهي ته “بدقسمتي سان ججمينٽون ادارن پاران اچن ٿيون، ان ڪري نواز شريف ۽ مريم نواز کي ناهي ڇڏڻو. خان صاحب کي آڻڻو آهي. قانوني طور هنن کي سزا نٿي ڏئي سگهجي پر ڏيڻي آهي.” ان مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته ڪهڙي ريت نواز شريف جي ڪيس ۾ ناانصافي ڪئي وئي ۽ ڪيئن عمران خان کي اقتدار ۾ آڻڻ لا قانون کي پاسيرو رکيو ويو. اڄ به نواز شريف پاڻ خلاف آيل فيصلي کي قبول نٿو ڪري ۽ مريم نواز به ان فيصلي جي واپسي چاهي ٿي. نواز شريف اڄ به اهو ئي چاهي ٿو ته ووٽ کي عزت ڏني وڃي ۽ سياستدانن جو احتساب اهي نه ڪن، جيڪي پنهنجو پاڻ کي احتساب کان مٿانهون سمجهن ٿا.
تازو ئي هن پنهنجي خطاب ۾ چيو آهي ته اسان جو آئين واضح چئي ٿو ته ملڪ ۾ مقدس ڳئون اهو ئي آهي، جيڪو آئين جي پاسداري ڪري ۽ آئين جون حدون اورانگهيندڙ مقدس نه آئين جا ڏوهي آهن، بلڪه ملڪ جا غدار آهن ۽ جيڪڏهن اسان سڌارو نه آندو ته مستقبل اونداهو ٿي سگهي ٿو. لاهور ۾ ڪوٺايل انساني حقن جي چيمپيئن عاصما جهانگير ڪانفرنس کي آن لائن خطاب ڪندي نواز شريف چيو ته عاصما جهانگير سڄي عمر عدل، انصاف، حق ۽ سچ جي جنگ وڙهندي رهي. اهو چوڻ غلط نه هوندو ته هوءَ بنا خوف سچ چوندڙ بهادر عورت هئي. موجوده جبر ۽ ٻوسٽ جي ماحول ۾ سندس کوٽ محسوس ٿي رهي آهي. هن چيو ته قوم ۾ گهري ٿيندڙ مايوسي ۽ بيوسي هن وقت سڀ کان خطرناڪ پهلو آهي. تاريخ شاهد آهي ته جڏهن قومون مايوسي جي ڌٻڻ ۾ ڦاسنديون آهن ته پوءِ قوم جي بقا جا سوال جنم وٺڻ شروع ٿيندا آهن. اڄ قوم وري سوال اٿاري رهي آهي ۽ اڄ 22 ڪروڙ عوام جي جيڪي جواب گهربل آهن، جيڪڏهن اهي نه مليا ته مسئلا حل نه ٿيندا. سندس چوڻ هو ته موجوده دور اظهار جي آزادي ۽ انساني حقن جي حوالي سان ڪارو ترين دور ثابت ٿيو آهي. سياسي مخالفن، سياسي ڪالم نگارن يا سچ ڳالهائيندڙ ڪنهن به آواز کي ان جي سوال تي گم يا قيد ڪيو ويندو آهي، گوليون هنيون وينديون آهن يا نوڪري کسي ويندي آهي. نواز شريف چيو ته هتي آئين ٽٽندا آهن، قانون ٽٽندا آهن، عدالتون ٽٽنديون آهن ۽ من پسند ججن کان پنهنجي مرضي جا فيصلا ورتا ويندا آهن. آمرن کي قانوني حيثيت هتي ملندي آهي ۽ رياست مٿان رياست هتي هلائي ويندي آهي. سياسي انجنيئرنگ جون فيڪٽريون لڳايون وينديون آهن، ووٽ کي عزت ناهي ملندي. پارليامينٽ جي خودمختياري جو حال اهو آهي ته ڪجهه منٽن ۾ ڪيترائي قانون بلڊوز ڪيا ويندا آهن. فون ڪري ضمانتيون روڪيون وينديون آهن، ڇا مارشل لا کي قانوني قرار ناهي ڏنو ويو؟ ڇا عدالتن ڊڪٽيٽرن کي آئين ۾ ترميم جي اجازت نه ڏني؟ هن چيو ته ڪانفرنس ۾ ڏنل تجويزن جي روشني ۾ فوري طور حڪمت عملي جوڙي وڃي، سڀ گڏجي ويهن ۽ حڪمت عملي اختيار ڪن ته جيئن هڪ عملي جدوجهد اختيار ڪري سگهجي. اسان وڌيڪ دير برداشت نٿا ڪري سگهون، اهو ڪم اڄ ئي ڪجي ته جيئن قوم کي گهري کاهيءَ مان ڪڍي سگهجي. جيڪڏهن ائين نه ٿيو ته ملڪ جو ان کاهيءَ مان نڪرڻ ناممڪن ٿي ويندو ۽ تاريخ اسان کي ڪڏهن معاف نه ڪندي. هن 22 ڪروڙ قوم جو حق آهي ته مهانگائي ۽ بيروزگاري مان نجات ڏياري وڃي. هن احسن ڀون کي اليڪشن کٽڻ تي مبارڪون پڻ ڏنيون.
نواز شريف قومي جدوجهد جي ڳالهه ڪري ٿو، جيڪڏهن ان حوالي سان سڀ کان وڏي ڪا پارٽي رنڊڪ آهي ته اها پيپلز پارٽي آهي، جيڪا ڪڏهن به سڄي جدوجهد کي سبوتاز ڪري سگهي ٿي. تنهنڪري نواز ليگ کي ان جدوجهد لا پيپلز پارٽي کان ضمانت ضرور وٺڻ گهرجي. ٻيون پارٽيون پڪ سان نواز شريف سان دوکو نه ڪنديون پر پيپلز پارٽي اها واحد پارٽي آهي، جيڪا ڪنهن وقت به دوکو ڪري سگهي ٿي.
نواز شريف خلاف آيل سزا واپس ٿئي يا نه، اهو ايندڙ وقت ٻڌائيندو پر هاڻ اسٽيبلشمينٽ کي سوچڻو پوندو ته اها گهڻي وقت تائين انهن ڪردارن کي لڪائي نٿي سگهي، جيڪي ملڪ مان جمهوريت جي تڏا ويڙهه ڪرڻ ۾ پيش پيش رهيا آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button