ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

پاڻي بدران زهر پيئندڙ عوام

Editorial

پاڪستان جهڙي ملڪ ۾ حڪمرانن ڪڏهن ڏکيو ڏينهن ناهي ڏٺو ۽ عوام ڪڏهن سک ناهي ڏٺو. اهي بنيادي ضرورتون جيڪي ٻين ملڪن عوام کي بنا مطالبي جي ملنديون آهن، انهن لا پاڪستان ۾ احتجاج ڪرڻو پوندو آهي ۽ عوام کي ڪيترين ئي پريشانين کي منهن ڏيڻو پوندو آهي. ڇاڪاڻ ته عوام کي گئس، بجلي ۽ پيئڻ جي پاڻي لا به احتجاج ڪرڻو پوندو آهي. ملڪ ۾ گهڻي ڀاڱي پيئڻ جو پاڻي اڻ لڀ ٿي چڪو آهي. شهرن ۾ جتي ماڻهو پيئڻ جو گندو پاڻي واپرائڻ جي مجبور آهن، اتي ٻهراڙين ۾ ڪهڙي حالت هوندي، ان جو اندازو لڳائڻ بلڪل به ڏکيو ناهي. ڇاڪاڻ ته اڄ به ٻهراڙين ۾ ماڻهو کوهن ۽ تلائن جو پاڻي استعمال ڪن ٿا. پر ڪابه حڪومت عوام کي پيئڻ جو صاف شفاف پاڻي فراهم ڪرڻ لا تيار ناهي. شهرن ۾ گٽرن ۽ پاڻي جون لائينون پاڻ ۾ گڏيل آهن، جنهن جي ڪري ماڻهو گٽرن وارو پاڻي پي رهيا آهن ۽ ان ڪري ڪيترين ئي بيمارين کي پڻ منهن ڏئي رهيا آهن پر حڪومت جي ڪن تي جون به ڪانه ٿي سري. تازو ئي پاڻي جي حوالي سان جيڪا رپورٽ آئي آهي سان افسوسناڪ آهي.

پاڪستان ڪائونسل آف ريسرچ ان واٽر پنهنجي رپورٽ ۾ پاڪستان ۾ 61 سيڪڙو پيئڻ جو پاڻي صحت لاءِ هاڃيڪار قرار ڏئي ڇڏيو آهي. ان ڏس ۾ معلوم ٿيو آهي ته پاڪستان ڪائونسل آف ريسرچ ان واٽر جي رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته غير محفوظ پاڻي جي استعمال سان ڪينسر جي ڪيسن ۾ واڌ ٿي رهي آهي. رپورٽ ۾ ڪيل انڪشاف موجب پاڪستان ۾ پيئڻ لاءِ موجود رڳو 39 سيڪڙو پاڻي محفوظ، جڏهن ته 61 سيڪڙو غير محفوظ آهي. ان حوالي سان وفاقي وزير اسد عمر جو چوڻ آهي ته اسلام آباد ۾ هر ٽئين گهر ۾ ڪينسر جو مريض نظر اچي رهيو آهي، جنهن سبب پاڻي ۾ آرسينڪ جي موجودگي ٿي سگهي ٿي. هاڻ جيڪڏهن عوام کي پاڻي پيئڻ جي ڪري ڪينسر ٿي رهيو آهي ته ان مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته ٻيون ڪهڙيون ڪهڙيون بيماريون هونديون جيڪي عوام کي نه ٿينديون هونديون. گڙدن ۽ پيٽ جي بيمارين کان وٺي ٻيون انيڪ بيماريون آهن، جيڪي اڄ به عوام کي ٿي رهيون آهن. عوام پيئڻ جي پاڻي جو بل به ادا ڪري ٿو پر ان کي صاف پاڻي نٿو ملي، ان کانسوا هو پنهنجي کيسي مان پئسا ڀري پاڻي خريد ڪري ٿو، پر ان جي ڪهڙي ضمانت آهي ته اهو پاڻي به صاف آهي ۽ صحت لا هاڃيڪار ناهي. پاڻي هر انسان جي بنيادي ضرورت آهي. جنهن جو صاف هجڻ لازمي آهي. پاڻي هر انسان جي ضرورت آهي ۽ اها اهڙي ضرورت آهي، جنهن کانسوا هڪ ڏينهن ڪاٽڻ به ڏکيو آهي پر حڪومت ملڪ جي اڌ کان وڌيڪ آبادي کي پيئڻ جو صاف فراهم ڪرڻ لا تيار ناهي. ان حوالي سان رڳو اهو قبول ڪرڻ ته پاڻي خراب آهي ۽ پيئڻ لائق ناهي، ان سان اهو مسئلو حل نه ٿيندو پر ان کي حل ڪرڻ لا عملي طور اپا وٺڻا پوندا. پاڻي صاف ڪرڻ جا اهڙا پلانٽ لڳائڻا پوندا، جن وسيلي عوام بيمارين کان بچي سگهي. پاڻي جي وهڪرن کي بحال ڪرڻو پوندو ۽ پاڻي ۾ گدلاڻ پيدا ٿيڻ جو سبب ٿيندڙ سمورين شين کي پاڻي کان بچائڻو پوندو.
اسين سمجهون ٿا ته هي رپورٽ حڪمرانن جون اکيون کولڻ لا ڪافي آهي ته انهن جي ڪوتاهي سبب عوام زهر پيئڻ جي مجبور آهن ۽ اهي ڪينسر جهڙي موذي مرض ۾ وڪوڙجي رهيا آهن. جيڪڏهن اڄ به حڪومت عوام کي صاف پاڻي فراهم ڪرڻ لا ڪي به ترت فيصلا نه ڪيا ته هن وقت ته 61 سيڪڙو ماڻهو خراب پاڻي پي رهيا آهن، اڳيان هلي اهو 100 به ٿي سگهي ٿو. تنهنڪري مهرباني ڪري عوام کي صاف شفاف پاڻي فراهم ڪيو وڃي ته جيئن اهي بيمارين کان بچي سگهن ۽ صحتمند رهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button