اسان جي زندگي ۾ ميلاپ ۽ وڇوڙا گاڏي جي ٻن ٽائٔرن جيان گڏوگڏ ھلندا رھندا آهن ڪڏهن ڪڏهن زندگي به ڪنهن ريل گاڏي جيان لڳندي آهي، جيڪا وقت جي پٽڙي تان گذرندي پنهنجي آخري منزل ڏانهن روان دوان آهي ۽ زندگي جي ھن سفر ۾ اسان کي انيڪ ماڻهو ملندا ۽ وري وڇڙندا رھندا آهن بس! وقت جي وير گهڻو ڪجهه ته پاڻ سان ساڻ واپس کڻي ويندي آهي پر جيڪڏهن قرب جي ڪنارن تي ڪجهه باقي وڃي بچندو آهي ته اھو صرف اھي اڻ وسرندڙ يادگيريون ھونديون آهن جن کي پاڻ پو سڄي عمر ساريندي ۽ ياد ڪندي جيئٔڻ جا جتن پيا ڪندا آهيون، ڇاڪاڻ ته انهن ماڻهن سان گڏ ڪي گھڙيون گذاريندي پاڻ کي ان وقت اھو احساس بلڪل به نه ھوندو آهي ته ڪو ھي وقت واري مٺ جيان ذرو ذرو ٿي ھٿن مان ائئن نڪري ويندو پر جڏهن اھو وقت ڪنهن خواب جيان گذري ويندو آهي ته پو پاڻ کي گذاريل اھي پل پنهنجي اکين آڏو ڦرندي نظر ايندا آهن.
علم، ادب، شعور ۽ حسن جي ھندوري طور پنهنجي سڃاڻپ رکندڙ سنڌ جي علمي درسگاهن جي مرڪز ۽ خوبصورت خوابن جي شھر ڄامشورو ۾ کيرٿر جبل جي ڀاڪرن ۾ قائم مادرعلمي سنڌ يونيورسٽي ۾ نومبر ۽ ڊسمبر وڇوڙي جي مھينن طور ليکيا ويندا آهن ڇاڪاڻ ته ھي مھينا مادرعلمي سنڌ يونيورسٽي جي تعليمي سال جي پڄاڻي جا مھينا پڻ ھوندا آهن، انهي ڪارڻ يونيورسٽي ۾ آخري سال جا شاگرد ھن مس جي ھگا سان مھڪيل شھر ڄامشورو ۽ مادر علمي سنڌ يونيورسٽي جي سرزمين تي پنهنجي ڦوھه جواني جا اھي حسين ڏينهن ارپيندي ورسٽي کي الوداع ڪندا آهن.
ڄامشوري ۾ جتي ھنن ڏينهن ۾ پن ڇڻ جي موسم ورسٽي جي وڻن جا پن ڇاڻي پڄاڻي تي پھچندي آهي ۽ اتر کان گھلندڙ ٿڌڙي ھير سياري جي اچڻ جا سنديس ڏيندي آهي اتي اھا پن ڇڻ جي موسم رڳو وڻن نه پر سنڌ ورسٽي ۾ آخري سال ۾ پڙھندڙ انهن شاگردن جي احساسن ۽ خوبصورت خوابن کي به ڇاڻي وجھندي آهي ھڪ پاسي يونيورسٽي مان پڙھي نڪرڻ جي خوشي ھوندي آهي ته وري ٻئٔي طرف انهي خوشي کي پنهنجي لپيٽ ۾ آڻيندڙ اھي لڪيل لڙڪ ھوندا آهن، جن ڪارڻ ورسٽي کي الوداع ڪندڙ شاگردن جي مرڪن سان مھڪندڙ چھرن تي مايوسين جا آثار نومبر جي شروعات ۾ ئي نروار ٿي پوندا آهن، ظاھر آهي ھر انسان جڏهن ڪنهن به جڳھه يا ڪنهن اداري ۾ ڪي گھڙيون گذاري ٿو ته پو اھو اتان الوداع ٿيڻ تي سندس اکيون آليون ضرور ٿينديون آهن پر ھتي ته يونيورسٽي ۾ گھاريل ھڪ ھڪ گھڙي ڪنهن حسين خواب جيان لڳندي آهي اھڙي ريت 8 جنوري 2018ع کان 19 نومبر 2021ع تائين مون به پنهنجي زندگي جا اھي انمول ڏينهن سنڌ يونيورسٽي جي پاڪستان اسٽڊي شعبي ۾ گذاريا ۽ ھن اداري ۾ مون سميت منهنجي سمورن ھمسفر ساٿين جي پڙھڻ، پرکڻ، پروڙڻ، خوبصورت خوابن ۽ اڻمدائٔتي مرڪن جو سفر 19 نومبر 2021ع تي اسان جي جونيئر شاگرد ساٿين پاران اسان جي مان ۾ ممتاز مرزا آڊيٽوريم حيدرآباد ۾ منعقد ڪيل الوداعي تقريب ۾ سڪندر فقير جي انهن سرن جي آلاپن سان پنهنجي پڄاڻي تي پھتو.
مادر علمي سنڌ يونيورسٽي ۾ گذاريل زندگي جي چار سالن ۾ ڄڻ ته يونيورسٽي جي ماحول ۽ محترم استادن اسان کي نه رڳو علم، ادب پر معاشري ۾ پنهنجو منفرد مقام حاصل ڪرڻ ۽ معاشري جو مھذب فرد بڻجي پنهنجي ذميوارين جي ادائگي ۽ زندگي جي ھن جنجھٽ کي جھاڳڻ جا اھي سمورا گر سيکاريا جيڪي شايد اسان کي ڪنهن ڪتاب جي ورقن مان به وصول نه ٿي سگهن ھا.
اسان جي ھن سنڌ ورسٽي مان چار سالن جي سفر جي گذر جي پڄاڻي تي جتي منهنجا اڪثر ھمسفر ساٿي سنڌ يونيورسٽي ۽ پاڪستان اسٽڊي سينٽر شعبي کي الوداعي ھٿ لوڏڻ جي لمحن دؤران ھڪ مايوس مرڪ چپن تي وکيريندي ڄڻ ته انهن سمورن پريشانين کان آجن اڀ ڏاريندڙ ٽھڪن ۽ ٻن اڻڄاڻ دلين جي ڌڙڪڻ جي آوازن کي الوداع ڪندا ھجن پر اتي منهنجي من اندر انهيَ مايوسي سان گڏ اھا مانڌاڻ به مچيل آهي ته ٺيڪ آهي سنڌ ورسٽي ۽ پاڪستان اسٽڊي سينٽر ۾ ھاڻ پنهنجي جوان جذبن جي جھور ٿيڻ جا پل اچي پڄاڻي تي پھتا آهن پر ھاڻي مادر علمي سنڌ يونيورسٽي کي الوداع ڪري پنهنجو چار سالا تعليمي سفر پورو ڪري ويندڙ منهنجي سمورن ھمسفر ساٿين آڏو آئون ڪجهه ھي سلڻ جھڙيون ڳالهيون عرض رکان ٿو ته مادرعلمي سنڌ يونيورسٽي جھڙي تاريخي ۽ عظيم درسگاهه مان پڙھي نڪرڻ کانپو ھاڻي پاڻ سڀ عملي طور زندگي ۾ ھڪ وک اڳتي وڌون پيا. ھاڻ پنهنجي والدين ۽ ھن ڏتڙيل سماج ۽ ڏکن سان ڀريل ھن ڏيھه جي انهن مسڪين ماروئٔڙن جون به ڪي پاڻ آسون اميدون آهن جن جھانگيئڙن پاڻ کي ھن منزل تائين پھچائڻ لا پنهنجو سک چين ۽ سموريون صلاحيتون پاڻ مٿان خرچ ڪيون ۽ منهنجي خيال ۾ پنهنجن ڪامرانين ۽ ڪاميابين لا پنهنجي والدين پاران کنيل انهن ھٿڙن ۽ دعائن جي شامل ھئڻ ڪارڻ ئي پاڻ اڄ ھي مقام حاصل ڪيو آهي اڄ پاڻ کي ھڪ گھڙي لا پنهنجي پاڻ کي احتساب جي ڪٽھڙي ۾ بيھاري اھو ضرور پڇڻ گھرجي ته اڄ ھن عظيم اداري مادر علمي سنڌ يونيورسٽي کي الوداع ڪندي پاڻ انهن ماروئڙن جي مسڪين نگاهن ۾ نظر ايندڙ خاموش خوابن جي ساڀيان لا سنڌ ورسٽي ۾ گھاريل چار سالن جي تعليمي سفر دؤران ڪيترو پاڻ پتوڙيو آهي.
ان سان گڏ ھاڻ پاڻ کي ڊگري کڻي رڳو نوڪري ۽ پنهنجي زندگي آسائشن سان ڀرپور جيئٔڻ لا در در ناهي ڀٽڪڻو پر ھن سماج جي ذميوارين کي پڻ ساڻ کڻي ان روشن صبح تائئن ھلڻو آهي جيڪو صبح جھالت، ڪرپشن، اڻبرابري، سفارشي ڪلچر، ناانصافي، ذات پات، رنگ نسل جي ارڏاين کان آجو صبح ھوندو. آخر ۾ آئون حليم باغي جون ھي سٽون منهنجي سمورن ھم سفر شاگرد ساٿين پاڪستان اسٽڊي سينٽر، سنڌ يونيورسٽي جي بي ايس ۽ ايم. اي. فائنل 2k18 بينچ جي انهن سمورن دوستن سان گڏجي ڏنل ٽھڪن ۽ ورسٽي ۾ وکيريل معصوم مرڪن جي نان ڪريان ٿو:
“جڏهن سج ڏونگر مان لاڙيندو لامون
وري ياد ايندئٔي ورسٽي جون شامون!
ويل وقت توکي ڏک ڏئي ڏنگيندو،
تڏهن توکي باغي گھڻو ياد ايندو!”