سنڌ

نئين جاچ ٽيم ناظم جوکيو قتل جي جاچ شروع ڪري ڇڏي

ناظم جوکيو قتل ڪيس لا نئين جوڙيل 3 رڪني جاچ ٽيم ايڊيشنل آءِ جي تنوير عالم اوڍو، ڊي ايس پي غلام علي جماڻي ۽ انسپيڪٽر سراج احمد لاشاري جي اڳواڻي ۾ قتل ڪيس جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي، جاچ ٽيم پهرئين مرحلي ۾ ناظم جوکيو جي ڳوٺ آچار سالار ويجهو ان هنڌ جو معائنو ڪيو جتي ناظم جوکيو ويڊيو رڪارڊ ڪئي هئي، جاچ ٽيم مقتول جي گهر پهچي سندس زال شيرين جوکيو، فريادي افضل جوکيو، سئوٽ علي شان جوکيو ۽ ڪيس جي شاهد وڪيل مظهر جوڻيجو کان بيان ورتا، جنهن کانپوءِ جاچ ٽيم ميمڻ ڳوٺ لڳ ڄام ڳوٺ پهچي ناظم جوکيو مٿان تشدد واري هنڌ سميت مختلف هنڌن جو معائنو ڪري معلومات حاصل ڪئي، ان موقعي تي جاچ ٽيم چيو ته شهيد ناظم جي گهرڀاتين سوڌو واقعي جي شاهدن جا بيان رڪارڊ ڪيا ويا آهن،

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button