سنڌ

هاري، مزدور ۽ غريب ماڻهو 2 وقت ماني لا پريشان آهن:اياز پليجو

قومي عوامي تحريڪ جي سربراهه اياز لطيف پليجي چيو آهي ته 3 سئو ارب روپين جا نوان ٽيڪس لاڳو ٿيڻ سان غربت جي شرح ۾ بي پناهه اضافو اچي ويندو. آ ايم ايف جون پاليسيون غريب دشمن آهن. ملڪ کي عالمي مالياتي ادارن وٽ گروي رکي ڪڏهن به ترقي نٿي ڪري سگهجي. ملڪ ۾ ڪڏهن بہ آزاد خودمختيار عوام دوست معاشي پاليسيون نه جوڙيون ويون آهن، جنهن جو نتيجو اڄ بي پناهه مهانگائي آهي، زرعي ملڪ هجڻ باوجود هاري، مزدور ۽ غريب ماڻهو 2 وقت ماني لا پريشان آهن. هن چيو ته سنڌ کي پنهنجي حصي جو پاڻي نٿو ڏنو وڃي. اعتراض ۽ احتجاجن باوجود گريٽر ٿل ڪئنال ۽ ٻيا سنڌ دشمن منصوبا جوڙي سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙا هنيا پيا وڃن. چشما جهلم لنڪ ڪئنال ۽ تونسا پنجند لنڪ ڪئنال ڌاڙيل واهه آهن، جنهن ذريعي 12 مهينا پاڻي چوري ڪيو وڃي ٿو. اياز لطيف پليجي چيو ته سنڌ کي ترقياتي ڪمن ۾ نظرانداز ڪيو ويو آهي. سنڌ حڪومت جيڪي منصوبا شروع ڪري ٿي اهي 70 سيڪڙو ڪرپشن جي ڪري غير معياري ۽ ناقص هجڻ ڪري ڪو به فائدو نٿا ڏين. .

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button