سنڌ

جاتي ها اسڪول جو ڪم ڏيڍ سال کان رولڙي جو شڪار،شاگرد پريشان

جاتي ۾ گورنمينٽ ها اسڪول جو ڪم ڏيڍ سال کان رولڙي جو شڪار آهي، اسڪول جي ڪمرن جون دريون نه هجڻ ڪري شاگرد سخت سي ۾ تعليم حاصل ڪرڻ تي مجبور آهن. ان ڏس ۾ ھيڊ ماستر پيار علي خواجه، استاد دوست محمد ٿھيم، محمد عمر، خليفو اڪبر ڪنڀار، حاجي مولابخش ٿھيم ۽ شاگردن صحافين آڏو احتجاج ڪندي دانهيو ته اپ گريڊ ھا اسڪول جاتي جو ڪم ڏيڍ سال کان رولڙي ۾ آهي پر ڪم اڃان تائين مڪمل نه ٿي سگھيو آھي. اسڪول جي ڪمرن جون دريون ناھن، شاگرد سخت سي ۾ تعليم حاصل ڪرڻ تي مجبور آھن. ڪلاسن جون در دريون نه ھجڻ ڪري استاد ۽ شاگرد ٿڌ زڪام ۽ بخار سبب بيمار ٿي پيا آھن. ھنن چيو ته ڏيڍ ڪروڙ جي لاڳت سان ھلندڙ مرمتي ڪم ۾ ناقص مٽيريل استعمال ڪيو پيو وڃي. معياري ڪم نه ٿيڻ ڪري ڇت سيمو ڪري رھي آھي. ديوارون به اڌ کان کنيون ويون آھن، جيڪي ڪمزور آھن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button