سنڌ

ترقي جي نالي ۾ وڏي تباهي ڪئي پئي وڃي:قاسم آباد ايڪشن ڪميٽي

قاسم آباد ايڪشن ڪميٽي جي اڳواڻن محبوب علي ابڙو، رفيق احمد مگسي، عبدالرحمان پنهور، در محمد ڪپري، راحيلا ڀٽي ۽ ٻين ڪالهه حيدرآباد پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته قاسم آباد ۾ ترقي جي نالي ۾ وڏي تباهي ۽ بربادي ڪئي پئي وڃي، قاسم جي ٽيڪس ادا ڪندڙ دڪاندارن ۽ عوام جي پئسي کي لٽيو پيو وڃي، جنهن جو مثال واڌو واهه قاسم آباد جي روڊ کي ويڪرو ڪرڻ لاءِ 12 فوٽ ٻنهي پاسي کان وڌائي ۽ گٽر لائن وجهڻ بدران سڄي ٺهيل روڊ مٿان 25 ڪروڙن جي لاڳت سان نئون روڊ ٺاهيو پيو وڃي، جنهن ڪري روڊ جي ٻنهي پاسي کان دڪاندارن جو ڪاروبار سخت متاثر ٿي رهيو آهي. هنن چيو ته انجنيئر شفيع محمد لاکي گٽر نالي جي شروعات 37 ڪروڙن جي لاڳت سان 2008ع ۾ ڪئي، جنهن تي هن وقت تائين 4 ارب رپيا خرچ ٿي چڪا آهن پر ان سان عوام کي ڪوبه فائدو نه ملي سگهيو آهي، ان معاملي جي انڪوائري ڪرائي ذميوارن کان پئسا ڀرايا وڃن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button