سنڌ

ميرپورخاص ۾ پورهيت جو بااثر شخص جي ڏاڍ خلاف احتجاج

ميرپورخاص ۾ ڪنري ميمڻ جي رهواسي ڳوٺاڻي پرتاب ڪولهي بااثر شخص جي ڏاڍ خلاف احتجاج ڪيو. هن دانهيندي چيو ته مزوري ڪري ٻچن جو پيٽ پاليان ٿو، ڪريانا دڪان مالڪ سريش ۽ سورج لوھاڻو وٽ 3 ھزار مھيني جي حساب سان 20 مھينن جي ڪميٽي رکي، پوري رقم جمع ڪرائڻ بعد بااثرن ڪميٽي جا پئسا ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي. مون غريب مسڪين ماڻهو لا 60 هزار وڏي رقم آھي. اهڙي شڪايت ڪنري ٿاڻي تي ڏيڻ باوجود پوليس ڪا ڪارروائي نه ڪئي، خوف سبب مزدوري ڪرڻ نٿو وڃي سگهان. متاثر آ جي سنڌ، ڊي آ جي ميرپورخاص، ايس ايس پي عمرڪوٽ کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي بااثرن خلاف ڪارروائي ڪري ڪميٽي جي رقم واپس ڏياري انصاف ۽ تحفظ ڏنو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button