سنڌ

ڪشمور ۾ ڳوٺاڻن جو بااثر ماڻهن جي ڏاڍ خلاف احتجاجي مظاهرو

ڪشمور ۾ ڳوٺاڻن بااثر ماڻهن خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو. ڳوٺ پهلوان خان سولنگي جي رهواسين علڻ سولنگي، شبير احمد، گوهر علي ڀٽي، گل محمد، حضور بخش سهڻا ۽ شهمير سولنگي ۽ ٻين احتجاج ڪندي چيو ته اسان جي زرعي زمين تي سئوٽن سان تڪرار هلندڙ آهي، جنهن ڪري رات دير سان سئوٽن سان گڏ علي ولد بهار، ملهار، شاهنواز، ڏتو ولد ملهار، ٻڍو ولد الهڏتو ۽ بااثر عطر مزاري رات اونداهي ۾ هٿيارن جي زور تي گهرن کي باهه ڏئي ساڙي ڇڏيو، جنهن ڪري لکين رپين جي ڪڻڪ، روڪ رقم، سونا زيور، ڪپڙا ۽ موٽرسائيڪل سميت الهه تلهه سڙي ويو. جڏهن ته اسان ٻار به سڙي زخمي ٿيا آهن جيڪي رحيم يار اسپتال ۾ داخل آهن. هنن آ جي سنڌ، ايس ايس پي ڪشمور کان حملي آورن خلاف ڪارروائي ڪري انصاف ۽ تحفظ ڏيارڻ جو مطالبو ڪيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button