سنڌ

جيڪب آباد ۾ مبينا مقابلي ۾ گرفتار نوجوان جي وارثن جو احتجاج

لاڙڪاڻي ۾ جيڪب آباد جي ڳوٺ امير بخش بروهي جي رهواسي ڳڙهي حسن ٿاڻي پوليس هٿان مبينا مقابلي بعد گرفتار نوجوان جي وارثن پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي پيرسن عورت منگلي خاتون بروهي ڀائٽي عبدالرسول بروهي سان گڏجي دانهيندي الزام لڳايو ته ڳوٺ جو بااثر لکمير بروهي، غفار بروهي، يوسف بروهي ۽ علي جان بروهي اسان جي 3 جريب زمين تي قبضو ڪرڻ چاهن ٿا. بااثرن 17 نومبر تي پنهنجي گهر اڳيان در تي بيٺل نوجوان پٽ غلام سرور بروهي مٿان حملو ڪري تشدد جو نشاڻو بڻائڻ بعد کيس ڄنگھه ۾ گولي هڻي زخمي ڪرڻ بعد ڳڙهي حسن پوليس کي ڳري رشوت ڏئي ڪوڙي مقابلي ۾ گرفتار ڪرايو آهي. ڳڙهي حسن پوليس زخمي پٽ کي ويتر ٻي ڄنگهه ۾ گولي هڻي زخمي ڪيو آهي، جيڪو ظلم آهي. هن اختيارين کي اپيل ڪئي ته نوٽيس وٺي ڄاڻايل بااثرن ۽ ڳڙهي حسن پوليس خلاف ڪارروائي ڪري پٽ کي آزاد ڪرائي انصاف ۽ تحفظ ڏنو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button